نئون

ٿر جي باري ۾ حڪومت پنهنجو وڏي مدي جو پلان ٺاهي ورتو

ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ ماهرن پاران چيو ويو ته ٿر تي سنڌ حڪومت کي وڏي صوبي جو پلان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٿر ۾ ترقياتي ڪم ۾ سنڌ حڪومت سنڌ ۾ هڪ شيئر هولڊر ۽ ماحولياتي ريگيوليٽر آهي ان کي ٿر جي مستقبل بابت پنهنجو پلان ٺاهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڪوئلي سان بجلي جي تياري سبب ٿر ۾ ماحوليات جي گدلاڻ وڌي ويندي ۽ اتان جي رهاڪن جي زندگي تي به هاڃيڪار اثر پوندا. گڏجاڻي ڪوٺائڻ سبب ٿرين جي اها مزاحمت جيڪا هتان جي رهاڪن ٿر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم خلاف ڪري رهيا هئا جنهن ۾ پهرين نمبر تي اهو مسئلو هو ته ٿر ۾ شروعاتي ڪم جي صورت ۾ 52 ڳوٺن کي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏي وڃڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو. هنن ماڻهن کي حق آهي ته اهي پنهنجي علائقي ۾ رهن ڇا هي هجرت رضاڪارانه هوندي يا زور زبردستي سان هنن کي هٽايو ويندو. ڇا ڪو اهڙو ادارو آهي جيڪو هنن جي ضرورتن، حقن ۽ ملڪيتن جي حفاظت ڪري. ماهرن پاران ان معاملي کي به اٿاريو ويو ته هن سڄي معاملي ۾ صرف هڪ پاور ڪمپني کي ئي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن سان حڪومت پنهنجي عوام جي خدمت ڪرڻ جو حق هڪ پرائيويٽ ڪمپني کي ڏئي ڇڏيو آهي. ماهرن اهو به چيو آهي ته ٿر جي 9 هزار اسڪوائر ڪلو ميٽرن تي ڪوئلو موجود آهي جيڪو ٿر جي علائقي جو اڌ آهي. هتي جا رهاڪو هتي پيڙهين کان رهي رهيا آهن جن کي هٽائڻ جو حڪومت کي ڪوبه حق نه آهي. ان ڪري هو ٻي صورت ۾ پنهنجي زمين جو معاوضو ڏيئي هنن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري.