خاص

ن ليگ اڳواڻن جي هٿياربند فوجن ۽ ايجنسين سان ملاقاتن تي پابندي

ن ليگ قائد نواز شريف پارٽي اڳواڻن جي هٿياربند فوجن ۽ ايجنسين سان ملاقاتن تي پابندي هڻي ڇڏي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان پارٽي اڳواڻن لاءِ موڪليل هدايت نامو ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال جاري ڪيو آهي. هدايت نامي موجب ذاتي، سرڪاري يا ڪنهن به نوعيت جي ملاقات نه ٿيندي، ملاقاتون سٺي نيت سان ڪيون وڃن ته به تڪرار جنم وٺندا آهن. هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته قومي سلامتي ۽ آئيني ذميوارين بابت ملاقات ضروري هجي ته نواز شريف کان منظوري ورتي ويندي. ان کان اڳ نواز شريف ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي پارٽي ميمبرن جي عسڪري قيادت ۽ ڳجهي ايجنسي جي نمائندن سان ملاقات تي پابندي جو اعلان ڪيو هو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عسڪري قيادت ۽ پارلياماني اڳواڻن وچ ۾ ملاقات جو معاملو سامهون آيو هو ۽ ان حوالي سان ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو هو ته شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، سراج الحق سميت اي اين پي ۽ جي يو آءِ اڳواڻ به ملاقات ۾ شريڪ ٿيا.