ادب

لوئيز ايلزبٿ گلڪ ترجمو: انيتا ڪمل

سال 2020 ۾ ادب جو نوبل انعام لوئيز ايلزبٿ گلڪ کي مليو آهي. سندس پيدائش 22 اپريل 1943ع تي آمريڪا جي نيو يارڪ شهر ۾ ٿي. لوئيز گلڪ اعليٰ درجي جي شاعره آهي، هوءَ شاعريءَ ۾ جديد زندگيءَ کي شدت سان بيان ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿي. سندس شاعريءَ مان هڪ نظم انيتا ڪمل ترجمو ڪيو آهي جو اسان کي هن عاليشان شاعره جي فن سان واقفيت جي مسرت سان همنڪار ڪري ٿو.

توهان تڏهن مرندا آهيو، جڏهن توهان جو روح مرندو آهي

نه ته توهان جيئندا رهندا آهيو

ڀلي توهان سُٺي نموني نه جيو، پر برو ڀلو به جيئندا رهندا آهيو

بنا  پنهنجي مرضي جي

جڏهن آئون اهو پنهنجي ٻارن کي ٻڌائيندي آهيان

اُهي ڌيان نه ڏيندا آهن

هُوسوچيندا آهن، هِي پوڙها ماڻهو

هميشه ايئن ئي ڪندا آهن

ڪنهن کي نظر نه ايندڙ شين جي باري ۾ ڳالهيون ڪندا آهن

پنهنجي ضايع ٿيندڙ دماغي گهرڙن کي بي اثر ڪرڻ لاءِ

هُو هڪٻئي کي اک هڻندا آهن

انهن پوڙهن کي ٻڌو، روح جي باري ۾ ڳالهائيندي

ڇوجو انهن کي ڪرسيءَ جو لفظ به ياد نه رهندو آهي

اڪيلو رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي

آئون اڪيلي نه ٿي رهڻ چاهيان

اهڙي اڪيلائي، جتي ڪير به توهان کي نه ٿو ٻڌي

مون کي ڪرسي لفظ ياد آهي

آئون چوڻ چاهيان ٿي، بس مون کي هاڻي دلچسپي نه رهي آهي

آئون سوچي سوچي سجاڳ ٿي پوان ٿي

توکي تيار رهڻو آهي

جلد ئي روح توکان جدا ٿي ويندو

دنيا جون سڀ ڪرسيون به تنهنجي مدد نه ڪري سگهنديون.