انسان مرشد محبوب
ڪولسٽرول جي وڌيل رپورٽ اچڻ تي اڄ وري مهيني جي “هڪ ڀيرو واري واڪ” تي نڪتس.
گهر جي ڀر ۾ ئي موجود هڪ اجڙيل پارڪ ۾ واڪ خاطر اڃان پهريون قدم رکيم ئي مس ته منهنجي نظر سڌو وڃي ڪنڊ واري پراڻي بينچ تي پئي جنهن تي ڪنهن اونهي سوچ ۾ ٻڏل شخص ويٺل نظر آيم. سياري جي ڪوهيڙي ۾ مان سندس چهرو چٽيءَ ريت نه پئي ڏسي سگهيس، پر هڪ عجيب اُڻ تُڻ اچي ورايو… سوچيم سهڻي سڀاڳي صبح جي آغاز ۾ هي شخص ان ڪيفيت ۾ ڇو آهي؟؟
کيس ڪهڙي ڳڻتي ايئن جهوري رهي آهي؟؟ ۽ مان پنهنجي تجس جي گهوڙي جون واڳون گهڻي دير سنڀالي نه سگهيس، جنهن وڃي مون کي اِن ملول شخص جي ڀر ۾ آڻي بيهاريو.
ڏٺم ته سندس ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ زورائتي نموني سان ڀچيل هيون ۽ هو چپن ئي چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي به رهيو هو، ڄڻ ڪنهن ٻئي سان نه پر پنهنجو پاڻ سان ئي وڙهندو هجي!
اوڏو ٿيندي همدرديءَ واري لهجي مان پڇيومانس:
”ڀاءُ… ان سڀاڳي سهڻي ويل ۾ تون ايڏو منجهيل ۽ منڌل ٿو لڳين خير ته آهي نه…؟؟“
موٽ جي آس ۾ مون ان ڏي نهاريو، پر هو ساڳي پوزيشن ۾ ويٺو رهيو، مون کي ڪابه موٽ نه ملي ته ڦڪو ٿي سوچيم ته پڪ سان همراهه مون کي جواب ڏيڻ جي لائق نٿو سمجهي پر وري يڪدم Think Positive تي عمل طور سوچيم ته متان ڪٿي ٻوڙو نه هجي، سو پڪ ڪرڻ خاطر آهستگي مان سندس ڪلهي کي ڌوڻيم ته همراهه کان اصل ڇرڪ نڪري ويو…
حيرت ۽ نفرت جي مليل جليل نظرن سان مون ڏي نهاريندي بيزاري مان چيائين… “اي انسان ڇڏيم جند، اتي به سک سان ويهڻ نٿو ڏينم!”
هن جي “اي انسان” چئي مخاطب ڪرڻ مون کي اڃان وڌيڪ اچرج ۾ آڻي ڇڏيو، پر ان کي نظر انداز ڪري ڳيت ڏيندي وري پڇومانس…
“ڇو پريشان آهين؟
مون کي ٻڌائي…
دل جو بار شايد ڪجهه هلڪو ٿي وڃئي…”
نفرت سان لبريز مسڪراهٽ جو تير مون ڏي اڇليندي چيائين…
“واقعي؟؟”
“همدرد ٿي همدردي پيو جتائين يا انسانن جيان تجس جو ماريل آهين…؟؟”
“مان چپ… جهڙو ڀت…!!
“ٻڌ…”
“مان ته سمجهندو هئس سموريون برايون ۽ بدڪاريون رڳو مون ۾ ئي آهن، پر اوهين انسان، هر سوچيل سمجهيل ۽ سمورنPlanning ڪيل ڏوهن گناهن کي ڪرڻ کانپوءِ سڄو ڪريڊٽ منهنجي کاتي ۾ اڇليو ڇڏيو، جي گناهه ڦٻجي پوي ته واهه واهه… پر جي غير متوقع طور تي جهلجي ٿا پئو ته منهنجي لاءِ ٿڪون لعنتون ۽ وٺ وٺان…
مان سندس واتان ڪڙو سچ ٻڌي ڪاري چور جيان ڦڪائي وندرائڻ خاطر ڪياڙي کنهڻ لڳس…
پر هُن جو ٽيپ اڃان چالو هو…
“ٻڌ چريا…! ها! مان ته برو آهيان، پر اوهان انسانن جيان منافق هرگز نه آهيان… ۽ اوهين مون کان ٻه قدم ته ڇا، ڪيئي ڪيئي قدم اڳتي آهيو… ۽ ان مهل مان فقط انهيءَ سوچ ۾ غرق لڳو پيو آهيان ته اوهين انسان مون کي ايڏي مات جي مار ڪيئن ڏيئي ويا آهيو؟”
مان اصل وائڙن وانگي کيس ٻڌندو رهيس… ۽ پوءِ همت ميڙي حيرت مان پڇيومانس…. پر…. تون…. تون آهين ڪير؟
هئه هه هه…
هن تمسخر مان هڪ مئل ٽهڪ ڏنو…
“مان اهو ئي آهيان جنهن کي مائرون پنهنجي ٻارن کي الائي ڇو پيار ۽ سڪ منجهان شيطان ڪوٺي ثواب ڪمائينديون آهن…”
۽ پوءِ بينچ جي چوطرف الائجي ڪيئن ڪارا ڪڪر ڇائجندا ويا، انهن ڪڪرن ۾ پاڻ کي گولاٽيون پائيندي محسوس ڪيم.
۽ پوءِ… ککو وکو ٿيندي، “مهيني وار” واڪ جو خيال ٺپي وٺي کڙين تي زور رکيم!

