نئون

ملڪ ۾ ڦڦڙن جي بيماري Chronic Obstructive Pulmonary Disease (COPD) وڌي رهي آهي

ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ڦڦڙن جي بيماري (COPD) جي جاڳرتا بابت ڪرايل سيمينار ۾ ڳالهائيندي آغا خان يونيورسٽي جي پروفيسر جاويد اي خان چيو ته ملڪ ۾ ڦڦڙن جي بيماري تمام گهڻي وڌي رهي آهي، جنهن جو سبب تماڪ ڇڪڻ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو هوا ۾ شامل ٿيڻ ۽ هوا جي گدلاڻ آهي. هي بيماري دنيا ۾ موت جو چوٿون ڪارڻ آهي جنهن بابت ماهرن خيال ظاهر ڪيو آهي ته اها 2020 تائين ٽين نمبر تي اچي ويندي. هر سال 30 لک ماڻهو ان بيماريءَ جي ڪري مري وڃن ٿا ۽ سڄي دنيا جي آبادي جو اهو 10 سيڪڙو جيڪو چاليهه سالن جي عمر پار ڪري چڪو آهي اهو هن بيماري جو شڪار آهي. ڊاڪٽر خان وڌيڪ ٻڌايو ته WHO جي اطلاعن مطابق هيءَ بيماري پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک جي آبادي مان 71 ماڻهن جي جان کسي ٿي، جيڪو ملڪ ۾ موت جو چوٿون وڏو ڪارڻ آهي. هن ٻڌايو ان بيماري جي سڃاڻپ تمام سولي آهي پر ان جو سامان ملڪ جي ڪيترين ئي اسپتالن ۾ موجود ڪونهي. جڏهن ته اوائلي وقت ۾ بيماري جي سڃاڻپ ان جي علاج ۾ فائديمند ٿي سگهي ٿي.