ناول

”هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ“ ترجمو: منور سراج

هن پاڻيءَ واري بوتل ڏي ڏٺو.

بوتل جي سطح وٽ ڳاڙهي روشني نچي رهي هئي. کيس پوري پڪ هئي ته بوتل جي پاڻيءَ ۾ پڻس جو ٿلهو، چمڪدار، ڪارن وارن سان ڍڪيل آڱرين وارو هٿ هو. اوچتو ليوسين کي لڳو ته پاڻيءَ جي بوتل “پاڻيءَ جي بوتل” هجڻ واري کيڏ کيڏي رهي آهي. هن کاڌي کي مڙئي ڇهي ڏٺو. منجهند تائين بک ۾ پاهه ٿي چڪو هو. درزن کن جيترا آڙو هڙپ ڪري ويو ۽ ذري گهٽ بد هضمي جو شڪار ٿي چڪو.

هو اڃان به پاڻ کي روڪي نه سگهيو هو جنهن مان لڳو ٿي ته هو هميشه ساڳي راند کيڏندو رهيو آهي. هن بائو فار ديئر جهڙو بڻجڻ ٿي چاهيو، جيڪو صفا گدلو ۽ ڳنڀير هو. منجهند جي مانيءَ تي بائو فار ديئر گهر آيو ته سندس ماءُ جي آڏو جهڪندي چيائين “اوهان جو خادم! پياري مادام” ۽ ليوسين ڏانهن ساراهيندڙ نگاهن سان ڏٺو، پر ليوسين کي سنجيده نه ورتو ويو. هن پاڻ کي روئڻ کان روڪيندي دل ۾ چيو: “مون ڪٿي واقعي به ڪنهن کي ڪو ايذاءُ ته نه رسايو آهي؟” ۽ هن پاڻ کي ويتر وڌيڪ ڏکارو محسوس ڪيو ۽ سندس اکين مان ايترا لڙڪ وهي آيا جيترا اڳ ڪڏهن به نه وهيا هئا.

جنهن مهل هن ماءُ جو هٿ چميو ۽ هٿ چمندي چيو “اوهان جو خادم، پياري مادام” ته ماڻس سندس وارن کي ڇهندي چيو، “ايئن ڳالهائبو آهي ننڍڙا ڪوئا! وڏن تي چٿر نه ڪبي آهي” جنهن تي هن پاڻ کي مايوس محسوس ڪيو.

هن جي ذهن ۾ جيڪي وڌ ۾ وڌ اهم يا خاص شيون هيون سي هيون مهيني جون پهريون جمعي ۽ خميس واريون شامون. انهن ڏهاڙن کوڙ عورتون سندس ماءُ سان ملڻ ٿي آيون جن مان ٽي عورتون سدائين ماتمي لباس ۾ هونديون هيون. ليوسين کي اهي عورتون ڏاڍيون وڻيون ٿي. خاص ڪري اهي جن جون ڄنگهون ڊگهيون هيون.

گهڻي ڀاڱي کيس ننڍڙن ٻارن بدران وڏا ۽ نوجوان پسند هئا. ڇو ته اهي وڌيڪ احترام لائق هوندا آهن. اوهين اهو تصور به نٿا ڪري سگهو ته ڪو اهي اهڙو ڪوبه ڪم يا حرڪت ڪري سگهن ٿا جيڪو ڪجهه ننڍڙا ٻار ڪندا آهن. ڇو ته انهن جي بدن تي ڪافي سارا ڳرا ڪپڙا اوڍيل هوندا آهن  ۽ اوهين اندازو لڳائي نٿا سگهو ته کين انهن ڪپڙن جي هيٺان ٻيو ڇا ڇا پاتل هوندو آهي. جنهن مهل اهي سڀ ڪنهن هڪ هنڌ گڏ هوندا آهن ته اهي سڀ ڪجهه کائيندا پيئندا آهن، ڳالهائيندا ٻولهائيندا آهن. ايتري حد تائين جو سندن ٽهڪن ۾ به سنجيدگي هوندي آهي. انهن ليوسين سان ڪنهن وڏي جهڙو ورتاءُ ڪيو. ميم ڪوفن کيس هنج ۾ کنيو ۽ کلندي چيائين، “مون ڪڏهن به اهڙو دلڪش ۽ وڻندڙ ٻارڙو نه ڏٺو آهي.”

هن کيس چمندي کانئس سندس پسند نا پسند بابت پڇيو ۽ اهو به پڇيائينس ته هو وڏو ٿي ڇا ٿيڻ پسند ڪندو! جنهن تي ڪنهن مهل وراڻيائين ته هو وڏو ٿي جون آف آرڪ جيان وڏو جنرل ٿيندو ۽ جرمني کان السيس لورين جو قبضو ڇڏائيندو، ڪنهن مهل چيائين ته وڏو ٿي هو مذهبي پيشوا ٿيندو. هن جو ڪجهه چيو پئي ان ۾ کيس پورو يقين هو. ميڊم بيسي هلڪي مُڇين واري هڪ مضبوط هڏ ڪاٺ واري هڪ قدآور عورت هئي. هن ليوسين سان مذاق مسخري ڪئي ۽ کيس ڪتڪتائي ڪندي “منهنجي ننڍڙي گڏي” سڏيائين. ليوسين خوب لطف اندوز ٿيو. ٽهڪ ڏيئي کليو ۽ کلندي کلندي ٻيڻو ٿي ويو. کيس لڳو ته هو وڏن جي لاءِ هڪ وڻندڙ ۽ دلڪش ننڍڙي گڏيءَ وانگر آهي ۽ چاهيائين پئي ته هوند ميڊم بيسي پنهنجن هٿن سان سندس ڪپڙا لاهي کيس رٻڙ جي گڏي وانگر وهنجاري ۽ ساڻس لاڏ ڪوڏ ڪري.

۽ ڪنهن مهل ميڊم بيسي پڇيس، “ڇا منهنجي هيءَ ننڍڙي گڏي ڳالهائيندي آهي؟” ۽ گڏوگڏ سندس پيٽ ۾ هلڪي چهنڊڙي هنيائين جنهن تي ليوسين سيلن واري گڏي وانگر مصنوعي آواز ڪڍيو “ڪرڪ” ۽ ٻئي ٽهڪن ۾ پئجي ويا.

جيڪو پادري هن ڇنڇر تي سندن گهر ايندڙ هو تنهن هڪ ڏينهن کانئس پڇيو “ڇا تون پنهنجي پيءُ ماءُ سان پيار ڪندو آهين؟”

ليوسين پنهنجي دلڪش ۽ وڻندڙ ماءُ جي تعريف ڪئي ۽ پيءُ کي به ساراهيو جيڪو هڪ مضبوط ۽ سٺو ماڻهو هو. هن پادريءَ جي اکين ۾ گهوريندي ڪجهه اهڙي انداز ۾ بهادري سان “ها” چيو جو سڀني جي چپن تي مرڪ پکڙجي وئي. پادريءَ جو ٻوٿ رس بيريءَ وانگر ڳاڙهو ۽ ڳل سوڻل ٽوڻل هئس، ڳلن تي ڪجهه وار هئس هن ليوسين کي ٻڌايو ته اها ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي کيس پنهنجي ماءُ سان ضرور پيار ڪرڻ گهرجي. پوءِ هن ليوسين کان پڇيو ته هو گهڻي اهميت ڪنهن کي ٿي ڏي ۽ خدا کي يا ماءُ کي؟؟ ليوسين کان فوري طور ڪوبه جواب جڙي نه سگهيو. تنهنڪري هن پنهنجي پيرن سان زمين تي دڙها هڻندي ۽ ڪنڌ ڌوڻيندي دانهن ڪئي “باروهه… تارا تارا بوم….” ۽ آسپاس موجود وڏن جي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪوبه رخنو نه پيو. اهي ايئن ڳالهائيندا رهيا ڄڻ ليوسين هئو ئي ڪونه. هو پٺئين دروازي مان نڪري باغ ڏي ڊوڙيو هو پنهنجي ننڍڙي ڇڙهي ساڻ کڻي آيو. فطري طور کيس باغ مان نڪرڻو نه هو. کيس منع ڪيل هئي، هونئن ته ليوسين هڪڙو سٺو ننڍڙو ڇوڪرو هو، پر ان ڏينهن هن پاڻ کي نافرمان محسوس ڪيو. هن ڪنڊيدار وڏي وڻ ڏي نهاريو، تون ڏسي پئي سگهين ته اها منع ڪيل جاءِ هئي، ڀت ڪاري هئي. نقصانڪار ٻوٽا، شرارتي شيون، وڻ جي هيٺان ڪتو ٽنگ کڻي ڪارروائي ڪري چڪو هو. ان ۾ ٻوٽي جي بوءِ ڪتي جي مُٽ ۽ گرم شراب جي ڌپ هئي. ليوسين پنهنجي ڇڙهيءَ سان ٻوٽي کي سٽيندي رڙيون ڪرڻ لڳو “مان پنهنجي ماءُ کي پيار ڪيان ٿو. پنهنجي ماءُ سان پيار ڪيان ٿو” هن وڻ جون ٽٽل ٽاريون ڏک ۾ لڙڪندي ڏٺيون. جن مان اڇو رس ٽمي رهيو هو. سندن اڇاڻ مائل ۽ جهڪيل ڳچيون روئي رهيون هيون. هن ڪنهن جي روئڻ جو تنها ۽ اداس آواز ٻڌو ڪنهن چيو پئي، “مان پنهنجي ماءُ سان پيار ڪيان ٿو، آئون پنهنجي ماءُ سان پيار ڪيان ٿو.”

هڪ وڏي نيري مک چوطرف ڀون ڀون پئي ڪئي. ڪتي واري مک، جنهن کان ليوسين ڊنل هو ۽ هڪ منع ٿيل طاقتور بدبو پاروٿي ۽ پرامن جنهن سندس ناسون ڀري ڇڏيون. هن ورجايو “مان امان سان پيار ڪيان ٿو” پر کيس پنهنجو آواز اوپرو ڀاسيو، کيس پنهنجي اندر ۾ گهري دهشت ورائي وئي هو ڪنهن پاڇي جيان گهر ڏي ڊوڙيو.

ان ڏينهن کان وٺي ليوسين سمجهي ويو ته هو پنهنجي ماءُ سان پيار نٿو ڪري. هن پاڻ کي ڏوهاري محسوس نه ڪيو، پر پنهنجون خاصيتون ٻيڻيون ڪري ڇڏيائين. ڇاڪاڻ ته هن سوچيو ته کيس آئنده سڄي زندگيءَ لاءِ پنهنجي والدين سان پيار ڪرڻ جو سوانگ رچائڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ هو هڪ ڏنگو ڇوڪرو ثابت ٿيندو. مادام فليوريئر، ليوسين کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ نرمل محسوس ڪيو ۽ اهي جنگ جا ڏينهن هئا، پڻس جنگ تي روانو ٿي ويو ۽ ماڻس پنهنجي ڏک ۾ خوش هئي جو ليوسين ڪافي سمجهدار بڻجي ويو هو. انهن ڏهاڙن جي منجهندن ۾ جنهن مهل هوءَ باغ ۾ پيل آرام ڪرسي تي وڃي ويٺي. ڇو ته هوءَ ڏک ۾ ڀريل هوندي هئي ته هو ڊوڙي وڃي وهاڻو کڻي آيو ۽ سندس مٿن کان ڏنائين ۽ ڪمبل ڄنگهن تي ورايائين ته هن کلندي کيس روڪيندي چيو، “پر ايئن ته مون کي گرمي لڳندي، منهنجا ننڍڙا ماڻهو، ڪيترو نه پيارو آهين تون!”

هن کيس شدت سان ساهه روڪي چميون ڏيندي چيو، “منهنجي پنهنجي امڙ” ۽ وڻ جي هيٺان ويهي رهيو.

هن چيو، “چيسٽنٽ جو وڻ” ۽ انتظار ڪرڻ لڳو، پر ڪجهه به خاص واقع نه ٿيو.

سندس ماءُ ڪنارن تائين ڀريل خاموشيءَ واري ورانڊي ۾ نظر آئي، جتي گرم گاهه جي بوءِ هئي. اوهين جهنگ ۾ “ڳولا ڪندڙ” واري راند رچائي پئي سگهيا، پر ليوسين کيڏڻ جهڙي ڪيفيت ۾ نه هو. هوا ڳاڙهي ڪريسٽ واري ڀت تي ڏڪڻ لڳي ۽ سج جي ڪرڻن زمين ۽ ليوسين جي هٿن تي چمڪندڙ نشان ٺاهي ڇڏيا.

“چيسٽنٽ وڻ!” اهو سڀ حيران ڪندڙ هو. جنهن مهل ليوسين ماءُ کي “منهنجي پياري ننڍڙي امان” چيو ته اها مرڪڻ لڳي ۽ جڏهن هن جرمئين کي “بدبودار گل” سڏيو ته هوءَ روئڻ لڳي ۽ ماڻس کي وڃي دانهن ڏنائين، پر جڏهن هن چيسٽنٽ وڻ چيو ته ڪجهه به ڪونه ٿيو. هو ڏند ڪرٽيندي چپن ۾ ڀڻڪيو “بڇڙو، پراڻو ڪُهٽو وڻ” پر وڻ لڏيو به ڪونه. هن وري ورجايو “بڇڙا ڪُهٽا وڻ… بڇڙا پوڙها چيسٽنٽ تون ڏسجانءِ… رڳو ٿورو ترس… پاڻهين پتو پوندئي…” ۽ وڻ کي ٿڏا هنيائين، پر وڻ بيٺو رهيو ڄڻ اهو ڪو سڪل بُنڊ هو. ان شام ليوسين رات واري مانيءَ تي ماءُ کي ٻڌايو “امان، توکي خبر آهي… هي وڻ، اڇا ها اهي ڪاٺ مان ٺهيل آهن…” ليوسين پتڪڙي منهن تي حيرت جا ڀاوَ ڦهلائي ڳالهايو، جيڪو سندس ماءُ کي ڏاڍو وڻيو پئي، پر مادام فليوريئر جنهن کي منجهند تائين ڊاڪ ڪونه پهتي هئي. تنهن ڪاوڙ مان خشڪ لهجي ۾ چيو، “بيوقوفن واريون ڳالهيون نه ڪر” ليوسين کي مرچ پئجي ويا، رانديڪا ڀڃي ڇڏيائين. ڪرسي جي هڪ باڪ کي کڻي پڻس جي ريزر سان رهڙا ڏنائين. هلڻ مهل آسپاس جي گلن ٻوٽن کي ڪٽڻ سٽڻ لڳو. ڏاڍو ڏکارو ۽ مايوس ٿيو هو. سڀ ڪجهه فضول ۽ ڄٽاڻو ڄڻ ڀاسڻ لڳو هئس، هن لاءِ ڪنهن به شيءِ جو ڪو سچو ۽ حقيقي وجود نه هو. ماڻس ڪنهن مهل ڪو گل ڏيکاريندي پڇنديس ته، “هن گل جو نالو ڇا آهي؟” ته ليوسين ڪنڌ ڌوڻيندو چوندو “اهو ڪجهه به ناهي ان جو ڪوبه نالو ڪونهي” ۽ اهو سڀ اهڙو به ڪونهي جو ويهي ان تي مٿي ماري ڪجي. ان کان وڌيڪ لطف ته ڪنهن اڪ مڪڙ جون ڄنگهون پٽي ڌار ڪرڻ ۾ آهي. جنهن مهل اهو اوهان جي آڱرين ۾ ڦٿڪي رهيو هجي ۽ اوهين ان جي پيٽ تي ٿورو زور ڏيندا آهيو ۽ ان جو سڄو مال مصالحو ٻاهر نڪري ايندو آهي، پر ان حالت ۾ به اڪ مڪڙ ٻڙڪ به نه ٻاڦيندو آهي. ليوسين ڪنهن جانور تي تشدد ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيئن اهو تڪليف ۾ دانهون ڪري. مثال طور: ڪنهن ڪڪڙ کي لت هڻي ته جيئن اهو رڙيون ڪري، پر هن ۾ انهن جي ويجهو وڃڻ جي همت نه هئي.

مسٽر فليوريئر مارچ ۾ واپس موٽيو. ڇاڪاڻ ته هو مئنيجر هو ۽ جنرل کيس چيو هو ته، “تنهنجو ڪنهن خندق ۾ هجڻ کان ڪو ڪارخانو سنڀالڻ وڌيڪ بهتر آهي” هن کي ليوسين اڳ کان گهڻو مختلف لڳو. “ننڍڙو همراهه صفا اصل سڃاڻپ ۾ ئي نٿو اچي” هن سوچيو.

ليوسين اڪثر ماٺ رهڻ لڳو هو. آڱر نڪ ۾ وجهڻ ۽ نڪ مان ڪڍي سونگهڻ ٿي لڳو ۽ بس پنهنجي ان دنيا ۾ مگن رهڻ ٿي گهريائين.

هاڻي هو وهنجڻ جاءِ ۾ اڪيلو وهنجڻ جهڙو ٿي ويو هو. رڳو ايترو ڪيائين ٿي جو وهنجڻ مهل دروازو ٿورڙو کليل ٿي ڇڏيائين.

ان شام هو تختي تي تنها دير دير تائين بور ٿيندو رهيو، پوءِ سمهڻ لاءِ اٿيو. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته هو تيزيءَ سان واڌ ويجهه ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر هن لاءِ هڪڙو طاقت جو شربت تجويز ڪيو.

ماڻس کيس نيون نيون رانديون سيکارڻ پئي گهريون، پر ليوسين جو چوڻ هو ته هو گهڻيون ئي رانديون رهي چڪو آهي ۽ هونئن به سڀ رانديون ساڳي ڳالهه آهن. هو اڪثر وقت ٻوٿ ڀيلو ڪيو ويٺو هوندو ۽ سندس خيال ۾ اها به ڄڻ هڪ راند هجي. بلڪه ڪجهه وڌيڪ دلچسپ راند. راند جيڪا مون کي ڏکوئي ٿي. راند جنهن سان ماڻهو اڻ وڻندڙ احساس ۾ ڀرجي وڃي ٿو ۽ اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. پنهنجي اندرئين پاسي ايئن نرم گرم جيئن ڪو ماڻهو هنڌ جي چادر ۾ ويڙهجي سيڙهجي پنهنجي ئي بدن جي سرهاڻ ۾ واسيل هجي! سڄي دنيا ۾ هڪ اڪيلو ماڻهو! ليوسين لاءِ آري تي ويٺل ڪڪڙ وانگر پنهنجي جاءِ تان اٿڻ محال هو. جنهن تي جڏهن پڻس ٽوڪيندي چيس “پٽ ڪڏهن ٿو آفت تان لهين، ڪڏهن ٿو ٻچا ڦوڙين” ته ليوسين سڏڪن ۾ پئجي ويو.

ماڻس جنهن مهل گهر جي ڪم ڪار يا مهمانن ۾ ڦاٿل هوندي ته هو وار ٺهرائڻ حجم ڏي هليو ويندو جتي اهو سندس گهنڊيدار وار ڪُتري ڇڏيندو. ڏانهس وڏن بنهه گهٽ توجهه ٿي ڏني. بس وڌ ۾ وڌ کيس هدايت ڀريون ڪهاڻيون ٻڌائي هٿ ڪڍي ٿي ڇڏيائون.

جڏهن سندس سئوٽ ريري، چاچي برٿا ۽ سندس پياري ماءُ سندس بيماريءَ جي ڪري فيلوريز هائوس آيا ته ليوسين ڏاڍو خوش ٿيو. ريري کي راند سيکارڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هن مان اڃان به هڪ ننڍڙي ٻارڙي واري بوءِ پئي آئي. توڻي جو هو ليوسين کان ذري گهٽ ڇهه مهينا وڏو هو. منهن تي موهيڙن جا نشان هئس، پر ڪا به ڳالهه سمجهڻ کان قاصر هو. تنهن هوندي به ليوسين ساڻس اعتراف ڪيو ته هو ننڊ ۾ هلندو آهي. ڪجهه ماڻهو رات جو اٿندا آهن ۽ ننڊ ۾ هلندا آهن ۽ ننڊ ۾ ڳالهائيندا آهن.

ليوسين اهو ڪنهن هنڌ پڙهيو هو ۽ سوچڻ لڳو هو ته ضرور ڪو حقيقي ليوسين به موجود آهي جيڪو ننڊ ۾ هلندو ۽ ڳالهائيندو آهي. اهو حقيقت ۾ رات جو پنهنجي پيءُ ماءُ کي پيار ڪري ٿو، پر جيئن ئي ڏينهن ٿئي ٿو ته کانئس سڀ ڪجهه وسري ٿو وڃي ۽ هو وري بطور ليوسين سوانگ رچائي ٿو.

شروع شروع ۾ ليوسين جو ان ڪهاڻيءَ ۾ اڌورو اعتبار هو، پر هڪ ڏينهن هو گڏجي گهاٽن ٻُوڙن ۾ ويا ۽ اتي هڪٻئي جا هڪٻئي سان عضوا ماپيائون، ليوسين جو عضوو ننڍڙو هو، پر اصل ۾ ريري ٺڳي ڪئي. هن پنهنجو عضوو پنهنجي هٿ سان ڇڪي وڏو ڪيو. “منهنجو سڀني کان وڏو آهي” ريري چيو.

“هائو پر مان هڪڙو ننڊ ۾ هلندڙ ماڻهو آهيان” ليوسين سڪون سان چيو.

ريري کي خبر نه هئي ته “ننڊ ۾ هلندڙ” جو مطلب ڇا آهي. جنهن تي ليوسين کي وضاحت ڪرڻي پئي. وضاحت کانپوءِ سوچيائين ته “معنيٰ اهو سچ آهي ته مان ننڊ ۾ هلندڙ شخص آهيان”

۽ روئڻ جي شديد ضرورت محسوس ڪيائين. هنڌ ۾ ٻئي گڏ سمهڻ لڳا ۽ ٻئي ان ڳالهه تي پاڻ ۾ متفق ٿيا ته جنهن مهل ليوسين ننڊ پئجي ويندو ته ريري جاڳي رهيو هوندو ۽ ڏسندو رهندو ته ليوسين ڪيڏي مهل ٿو ننڊ ۾ اٿي هلڻ لڳي ۽ ٻيو هيءُ ته جنهن مهل ليوسين ننڊ ۾ هلڻ لڳي ته ريري کيس جاڳائي ته جيئن خبر پويس ته کيس جاڳڻ کانپوءِ ڪجهه ياد به رهي ٿو يا نه.

پر ليوسين کي ننڊ ئي نه آئي ڇو جو ريري مسلسل کونگهرا هڻندو رهيو ۽ ليوسين کي کيس جاڳائڻو پئجي ويو. “هُر…” “ليوسين ڀوڳ ۾ وڏي رڙ ڪئي اٿي ريري، توکي ته مون کي ننڊ ۾ هلندي ڏسڻو آهي.”

“مون کي سمهڻ ڏي يار” ريري ننڊاکڙي ٿلهي آواز ۾ چيو.

ليوسين کيس ڌونڌاڙيندي قميص کان وٺي مٿي ڇڪيو ته ريري اٿيو ۽ هنڌ تي ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو. اکيون کليل، چپن تي شديد مرڪ.

ان مهل ليوسين ان سائيڪل بابت سوچڻ لڳو جيڪا پڻس کي کيس وٺي ڏيڻي ڪئي هئي. هن ڪنهن ريل گاڏيءَ جو وسل ٻڌو ۽ اوچتو نوڪرياڻي پردا هٽائي اندر آئي.

صبح جا اٺ ٿي چڪا هئا. ليوسين کي قطعي اها خبر نه هئي ته رات ڇا ڪيو هئائين، پر خدا کي خبر هئي. ڇو ته خدا سڀ ڪجهه ڏٺو.

ليوسين گوڏن ڀر ان انداز ۾ هيٺ جهڪيو، جيڪو انداز سندس ماءُ کي پسند هو، پر کيس خدا کان نفرت هئي. ليوسين پاڻ کي پاڻ به ايترو ڪونه ٿي ڄاتو جيترو خدا ٿي کيس ڄاتو.

خدا کي خبر هئي ته ليوسين پنهنجي ماءُ پيءُ سان پيار نٿو ڪري ۽ هيءُ به ته هو رڳو سٺو هجڻ جو سوانگ ٿو ڪري جڏهن ته رات جو هنڌ ۾ پنهنجو عضوو ڇهي ٿو.

پر خوش قسمتي جي ڳالهه آهي ته خدا سڀ ڪجهه ياد نٿو رکي سگهي. ڇو ته کيس دنيا ۾ ٻيا به گهڻا ڪم آهن ۽ هونئن به رڳو ليوسين ئي ته ڪونهي دنيا ۾ ٻيا به گهڻا ئي ڇوڪرا آهن.

پوءِ ليوسين پنهنجي پيشانيءَ تي آڱر سان اشاراتي نشان ٺاهيندي چپن ۾ ڀڻڪيو “شال خدا کان اهو سڀ ڪجهه وسري وڃي جيڪو ڪجهه ڏٺائين.”

هن پنهنجي دل ۾ وچن ڪيو ته هو خدا کي اها ڳالهه ضرور مڃرائيندو ته  هو پنهنجي ماءُ سان ڏاڍو پيار ڪري ٿو.

وقت بوقت هو پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳندو هو. “آئون پنهنجي مٺڙي ماءُ سان پيار ڪيان ٿو.”

هميشه کان هن جي اندر ۾ هڪ اهڙي ڪنڊ هئي جنهن کي راضي ڪرڻ  هن لاءِ مشڪل هو ۽ پڪ سان خدا کي ان ڪنڊ جي خبر هئي. ان حوالي سان هو کٽي ويو، پر ڪڏهن ڪڏهن اوهين پاڻ کي ان ڳالهه ۾ مڪمل طور تحليل ڪري ڇڏيندا آهيو جيڪا اوهان ڪري رهيا هوندا آهيو. مثال طور: توهان چيو، “مان پنهنجي ماءُ سان ڪيڏو پيار ڪيان ٿو” ۽ ڌيان سان لفظ اچاريندي پنهنجي ماءُ جي منهن ڏي ڏسندئو ته ڪا عجيب نرملتا محسوس ڪندئو ڌيري ڌيري سوچيندا ته خدا اوهان کي ڏسي رهيو آهي. جنهن کانپوءِ اوهان ان بابت سوچيو به نه ۽ اوهين گهري قسم جي نرملتا سان ڀرجي ويندئو ۽ ڪجهه لفظ اوهان جي سماعتن ۾ جهومڻ لڳندا… امڙ… امڙ… البته اهو سڀ هڪ پل ۾ ٿي گذرندو. جيئن بس ڄڻ ليوسين ڪنهن ڪرسيءَ تي متوازن انداز ۾ ويهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، پر ان مهل رڳو ايترو چيو، “پڙاڪ” ته بس خدا گم. هن ته بس رڳو “سٺو” ڏٺو آهي ۽ جيڪو به ڏٺائين تنهن پنهنجي پاڻ کي سندس يادگيريءَ ۾ نقش ڪري ڇڏيو، پر ليوسين کي ان راند ٿڪائي وڌو. ڇو ته ان ۾ کيس حد کان گهڻي ڪوشش ڪرڻي ٿي پئي ۽ مٿان وري اهو گمان ته ڪنهن کي به ڪڏهن به معلوم ٿي نٿو سگهي ته ان راند ۾ خدا هارايو الائي کٽيو!! ليوسين کي خدا سان ٻيو ڪوبه ڏيڻ وٺڻ ڪونه هو.

جڏهن هن چرچ ۾ پنهنجو پهريون سبق پڙهيو هو ته پادريءَ چيو هو ته ليوسين وڏو روحاني رمز وارو ۽ پنهنجي ڪلاس جو وڌ ۾ وڌ سٻاجهو ۽ سلڇڻو ننڍڙو ڇوڪرو آهي.

ليوسين شين کي جلدي سمجهندڙ، سٺي ياداشت وارو ڇوڪرو هو، پر سندس مٿي ۾ بُهه ڀريل هو.

سمورا آچر روشنيءَ جا دڳ هئا. جڏهن ليوسين پيءُ سان گڏ پئرس روڊ تي پسار ڪري رهيو هو ته سڄو ڪوهيڙو هٽي ويو. ان مهل کيس بهترين درزيءَ جو سبيل شاندار وڳو پاتل هو. رستي ۾ کين مزدور مليا جن ٻنهي پيءُ پٽ کي سلام ڪيو.

پڻس ٻه قدم انهن ڏي وڌي ويو ته انهن کين “صبح جو سلام مسٽر فليوريئر ۽ صبح جو سلام ماسٽر فليوريئر” پڻ چيو.

ليوسين کي مزدور ڏاڍا وڻيا، ڇو ته اهي وڏا هئا، پر اهي ٻين وانگر نه هئا. هڪ ته انهن کيس “ماسٽر” سڏيو هو ٻيو ته انهن کي ٽوپيون پاتل هيون. سندن ننهن ننڍڙا، هٿ وڏا ۽ خشڪ، کهرا ۽ ڦاٽل هئا. اهي ذميوار ۽ با ادب هئا. اوهان کي پوڙهي بوليگاد جون مُڇون قطعي به نه ڇڪڻ گهرجن.

پڻس ليوسين کي ضرور ڇڙٻي ها، پر جنهن مهل هن سندس پيءُ سان ڳالهايو ان مهل پوڙهي بوليگاد پنهنجي ٽوپي لاهي هٿ ۾ ڪئي جڏهن ته هنن پيءُ پٽ کي ٽوپلا پاتل رهيا ۽ پڻس مرڪندي وڏي آواز ۽ وڻندڙ لهجي ۾ ڳالهايو “ها… پوءِ… اسين پنهنجي همراهه جو انتظار پيا ڪيون… ها نه بوليگاد…؟ ڪڏهن ٿو موڪل وٺي؟”

“مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ مسٽر فليوريئر، مهرباني، ننڍڙا فليوريئر…”

جهونو بوليگاد خوشيءَ ۾ نهال پئي لڳو ۽ کيس ايم بائو فريديئر وانگر ليوسين جي دُڏ تي چهنڊڙي پائڻ ۽ کيس ڏيڏري ڪوٺڻ جي اجازت نه هئي.

ليوسين کي بائو فريديئر کان نفرت هئي. ڇو ته اهو بنهه گدلو هو، پر پوڙهي بوليگاد سان ملاقات ٿيڻ کانپوءِ هن دل ۾ سڀني لاءِ نرمي محسوس ڪئي ۽ هڪ سٺو ماڻهو بنجڻ چاهيو.

انهن ئي ڏينهن ۾ چڪر تان موٽندي پڻس کيس هنج ۾ کڻي وضاحت سان سمجهايو ته “باس” هجڻ جو مطلب ڇا هوندو آهي!

ليوسين به وري هڪ دفعو ڄاڻڻ چاهيو ته پڻس ڪارخاني جي مزدورن سان ڪهڙي انداز ۾ ۽ ڪيئن پئي ڳالهايو. پڻس کيس وري ساڳئي انداز ۾ ڳالهائي ڏيکاريو ۽ اهو پڻ چيائين ته توکي به مزدورن سان ايئن ئي ڳالهائڻو پوندو. “ته ڇا مان به باس ٿيندس” ليوسين پڇيو.

“ها، ضرور منهنجا ننڍڙا ماڻهو، ان لاءِ ئي ته آئون توکي تيار پيو ڪيان.”

“۽ مان ڪنهن تي حڪم هلائيندس”

“منهنجي مرڻ کانپوءِ تون باس ٿيندين ۽ منهنجن مزدورن تي حڪم هلائيندين”

“پر ايستائين ته اهي مزدور به مري کپي ويندا”

“ها ته پوءِ تون وري انهن جي اولاد تي حڪم هلائجانءِ ۽ توکي اهو به ڄاڻڻو پوندو ته تون پاڻ کي انهن جي نظر ۾ پسنديده ماڻهو ڪيئن ٿو بڻائين ۽ ڪيئن ٿو کين پنهنجو فرمانبردار بڻائين” پڻس هڪ گهڙيءَ لاءِ سوچيو ۽ وري ڳالهائڻ لڳو.

“سڀ کان اول ضروري اهو آهي ته تون انهن کي سندن نالن سان سڃاڻين”

ان ڳالهه جو ليوسين گهرو اثر ورتو ۽ جنهن مهل فورمئن موريل جي پٽ گهر اچي کين ٻڌايو ته سندس پيءُ جون ٻه آڱريون ڪپجي پيون آهن ته ليوسين سڌو سنئون سندس اکين ۾ ڏسندي گهڻي سنجيدگي ۽ نرمي سان سندس نالو وٺي ساڻس ڳالهايو جنهن تي ماڻس چيو ته کيس پنهنجي اهڙي حساس ۽ سٺي پٽ تي ڏاڍو ناز آهي.

ان کانپوءِ جنگ بندي ٿي وئي، پڻس هر شام وڏي آواز ۾ اخبارون پڙهڻ لڳو.

ماڻهو جرمني ۽ روسي حڪومتن ۽ جنگي معافين تلافين بابت ڳالهائڻ لڳا. پڻس ليوسين کي دنيا جي نقشي ۾ مختلف ملڪ ڏيکاريا ۽ ليوسين پنهنجي زندگيءَ جو وڌ ۾ وڌ بيزار ڪندڙ سال گذاريو.

“ان کان ته ڀلو هو ته جنگ جاري هجي ها” ليوسين سوچيو. هينئر ته هر ماڻهو وڃايل وڃايل پئي لڳو.

ايم ڪوفن جي اکين جي چمڪ جهيڻي پئي وئي هئي.

آڪٽوبر 1919ع ڌاري ليوسين کي پڻس ايڪول سينٽ جوزف ۾ وقتي شاگرد طور داخل ڪرايو. ماستر جيروميٽ جي آفيس ۾ ڪافي گرمي هئي. ليوسين استاد جي ڪرسيءَ سان لڳو بيٺو هو. بوريت جي حالت ۾ ٻانهون  سيني سان ۽ سوچڻ لڳو “امان الائي ڪيڏي مهل واپس هلندي” پر سندس واپسيءَ جو ڪو ارادو نظر نه پئي آيو. هوءَ هڪ سائي رنگ واري ڪرسيءَ تي ماستر جي بلڪل سامهون ڇاتي تاڻيو ويڪري ٿيو ويٺي هئي ۽ اهڙي تيز آواز ۾ ۽ تڪڙو تڪڙو پئي ڳالهايائين جهڙي انداز ۾ هوءَ فقط تڏهن ڳالهائيندي هئي جڏهن هوءَ ڪاوڙ ۾ هجي ۽ ڪاوڙ ظاهر به نه ڪرڻ گهرندي هجي.

ماستر آهستي آهستي پئي ڳالهايو ايئن ڄڻ لفظ سندس وات ۾ اچي وڌيڪ ڊگها ٿي ويا هجن. ايئن سمجهو ته هن انهن لفظن کي ايئن چوسيو  پئي جيئن ماڻهو کنڊ کائڻ کانپوءِ پوئتي رهجي ويل مٺاڻ کي چوسيندو آهي. هن ليوسين جي ماءُ جي اڳيان وضاحت ڪئي ته ليوسين هڪ سٺو، فضيلت وارو ۽ محنتي ڇوڪرو آهي، پر خطرناڪ حد تائين ٻين سڀني کان مختلف ۽ منفرد آهي.

اها ڳالهه ٻڌي ليوسين جي ماءُ ڏاڍي مايوس ٿي. هن سوچيو هو ته هتي جي تبديل ٿيل ماحول کيس ٺيڪ ڪيو هوندو.

هن پڇيو “هتي هيءُ ٻيو ڪجهه نه ته به گهٽ ۾ گهٽ رسيس ۾ ڪا راند ڪندو آهي؟”

“افسوس! مادام” پوڙهي ماستر وراڻيو “ايتري حد تائين جو هو موراڳهين هي راندين کان به متاثر نٿو ٿئي. ڪنهن ڪنهن مهل ته هي صفا اصل هٿن مان نڪتو ويندو آهي، پر بهرحال وري به پاڻ تي قابو پائي وٺندو آهي. منهنجو خيال آهي ته هن ۾ مستقل مزاجي جي اڻاٺ آهي.”

ليوسين کي لڳو ته هو جيڪي سندس متعلق پيا ڳالهائين سي کانئس گهڻا وڏا آهن ۽ هو ايئن سندن گفتگو جو موضوع آهي جيئن جنگ، جيئن جرمن حڪومت يا جيئن مسٽر پنائنڪار (فرانس جو 58 هون وزيراعظم). اهي ڏاڍا ڳنڀير ٿي ويا آهن ۽ نيٺ منهنجي معاملي جي تهه تائين وڃي پهتا آهن.

پر بهرحال هو ان سوچ مان به خوش نه ٿيو. سندس ڪن ماڻس جي موسيقيءَ جهڙن لفظن ۾ ڀريا پيا هئا ته استاد جا چوسيل چوسيل چٻاڙيل لفظ. هن رڙيون ڪري روئڻ چاهيو، پر خوش قسمتيءَ سان ان مهل گهنڊ وڳو ۽ هنن کيس وڃڻ جي اجازت ڏني، پر جاگرافي جي ڪلاس دوران هن پاڻ کي ڏاڍو ٿڪل محسوس ڪيو ۽ استاد کان موڪل گهريائين ته جيئن هو ٿورو ٻاهران چڪر هڻي اچي.

…(هلندڙ)…