نئون

ٿر ڪول جي کاري پاڻي مان فصل پوکڻ ممڪن قرار

سنڌ اينگرو مائگريشن ڪمپني ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ ڪوئلي جي کاڻ مان نڪرندڙ کاري پاڻي تي فصل پوکڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڦٽي، گوار، ميها ۽ ٽوٽل 15 جنس جا فصل لڻي ڏيکاريا آهن. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته ڪامياب تجربي بعد اميد آهي ته اهڙي ڪاميابي بعد ٿر ۾ رورس  (Reverse Migration)مائيگريشن جو به عمل شروع ٿي سگهندو. جن قسم جي تجربي ۾ پيدا ٿيندڙ گاهه کي اتان جو مال شوق سان کائي رهيو آهي. ان کان علاوه هتي ماهرن ساڳي پاڻي تي مڇي جي پالنا به شروع ڪري ڇڏي آهي. ماهرن چيو آهي ته ٿر ۾ ڪوئلي واري مقام تي زمين هيٺ پاڻي جا ٽي تهه موجود آهن سڀ کان مٿيون جر جنهن مان عام طور تي کوهه وغيره ذريعي پاڻي حاصل ڪيو ويندو آهي. ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ٻيو تهه وري 120 ميٽر جي اونهائي تي آهي جيڪو ڪوئلي مٿان ڇت ٺاهيو بيٺو آهي. آخري وري ڪوئلي جي هيٺان آهي معنيٰ 180 ميٽر تي موجود آهي انهن ٻنهي تهن وارو پاڻي کارو آهي ۽ پيئڻ لائق نه آهي، جنهن جي چڪاس ۽ تصديق به ٿي چڪي آهي.