ڪارو جبل مالماڙي جي قدرتي خوبصورتي جو مختصر تحقيقي جائزو تحقيق ۽ تحرير: جوکيو جسارت الياس سنڌي Sep 2020
ڪارو جبل سونھن جي سحر سان ڀرپور، قدرتي حسن جو مرڪز، آسمان جي بلندين کي ڇھندڙ ھڪ نھايت ئي پُر سڪون ۽ پُر ڪيف جبل آھي جيڪو محال ڪوھستان ۾ کيرٿر (دادو ضلعي جي اولھ ۾) ۽ پٻ (ڪراچي جي دنگ سان، ھن جبل جي شاخ ۾ ھاڙھو ۽ حب به اچن ٿا) جبلن جي سلسلي جو ھڪ جبل آھي (حبيب اللہ صديقي، درياءُ ۽ سامونڊي ڪنارن سان، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1981). جنگشاھي ريلوي اسٽيشن تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي کان اتر طرف مالماڙي روڊ ڏانھن 40 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي مالماڙي لڳ يونين ڪائونسل ڪوھستان ۾ واقع ھن جبل بابت ھتي جي مشھور تاريخدان ۽ استاد حاجي محمد الياس “ھمغم” جوکيو (جنم، 1939ع) پنھنجي ڪتاب “ولڙين واس” جي باب “ڪارو جبل” ۾ لکي ٿو ته ھي جبل ڪوھستان جو مرڪزي جبل آھي جنھن جي بلند ترين چوٽي جو نالو “ٺل” آهي جنھن جي اوچائي زميني سطح کان 2000 فوٽ مٿي آھي. جيڪڏھن سطح سمنڊ کان ھن جي اوچائي جي ماپ ڪجي ته اھا ھڪ محتاط اندازي مطابق پنج ھزار فُوٽن کان يقينن مٿي ھوندي. ھن جبل جو ڪجھ حصو ڄامشوري ضلعي ۾ به اچي ٿو جڏھن ته ان مان نڪرندڙ ننڍين ننڍين ٽڪرين جو سلسلو ڪراچي ڪاٺوڙ تائين وڃي ٿو. ڪاري جبل جو پاڻي ھميشه جتي به وھي ويو اتي دل کي وڻندڙ ماٿريون ٺاھيندو ويو. ھن سھڻي جبل جي ٺٽي ضلعي ۾ منفرد سڃاڻپ آھي ڇو ته ھن سان وابسته تاريخ جي دري اڃان تائين کلي ناھي ان ڪري جيڪا تاريخ ھتي دفن ٿيل آهي اھا نرالي ۽ عجيب آھي. ڪارو جبل آڳاٽي تاريخ جي وڏي نشاني آهي. ڪاري جبل مٿان ھميشه سائنسي بنيادن تي تحقيق جي ضرورت محسوس ٿيندي ھئي جنھن کي پورو ڪرڻ لاءِ تحقيق جي شروعات ڪئي اٿم. ان ڏس ۾ ھن مقالي ۾ پھرين ان جي قدرتي سونھن تي نظر وجھون ٿا.
ڪارو جبل صدين کان وٺي انسانن ۽ ان سان گڏ ٻين جيوتن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ جو ڪم ڏيندو پيو، اچي اھوئي سبب آھي ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن جبل کي ڪارو سڏڻ سان گڏ “ڇپر” يعني “بادل” جو نالو پڻ ڏنو آھي. شاھ سائين جي بقول:
سمر جنھين نه ساڻ، ھوت حماتي تن جو،
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنھون ايندو پاڻ،
ٿيندي ريجھ رھاڻ، لحظي منجھ لطيف چئي.
سنڌو ھميشه سنڌ کي سيرآب ڪري ماٿريValley بڻائيندي پئي اچي. ڪڏھن ٿر ۾ وھي ته ڪڏھن گابو پٽ لڳ موجودہ سنڌي سمنڊ ۾، ڪڏھن ڪيچ مڪران ۾ وھي ته ڪڏھن وري ڪوھستان ۾. اھوئي سبب آھي جو ڪارو جبل به ھزارين سال اڳ جڏھن سنڌو نديءَ جي وھڪرن ھيٺ ھو ته ان ۾ پاڻيءَ جي ڪري وڏا وڏا ڏار پئجي ويا ۽ اڄ به ان پاڻي جي موجودگي ۽ انھن آثارن جا چٽا نشان ھتي موجود آھن جن کي ماھر پرکي سگھن ٿا. سنڌ ۾ سڀني کان پھرين ھن خوبصورت جبل بابت معياري ۽ تحقيقي مواد لکي ڏيڻ وارو ھتي جو مشھور تاريخدان محمد الياس ھمغم جوکيو لکي ٿو ته: ڪارو جبل سنڌ جي سونھن آھي جنھن مٿان اڄ به جڏھن وسڪارو پوي ٿو ته مياڻو پاڻي جبل جي بلندي تان ھيٺ ڪرڻ مھل آمريڪا جي “نياگراNiagara آبشار” جھڙو خوبصورت ڏيک ڏي ٿو (ولڙين واس). ان ڪري ھتي وسڪاري مھل يا ان کانپوءِ موسم ۽ ماحول ڪوھ مري ۽ ڪشمير کان به وڌيڪ خوبصورت ڏيک تڏھن ڏئي ٿو جڏھن ھتي جا پٽ ۽ جبل جون چڙھائيون سائي چادر جو پھراڻ اوڍي پردو ڪندي قدرتي سونھن جو مرڪز بڻجيو پون ۽ ان مھل ھتي سالن کان رھندڙ ڳيرا، بلبلون، جھرڪيون، ڪبوتر، ڪانگ، جھنگ ڪڪڙ، ڪٻرون، ڪڪڙَ، طوطا ۽ چوپائي مالن ۾ ڳئون، رڍون، ٻڪريون، اٺ ۽ ٻين جانورن ۾ سرھائي به ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. ايئن لڳندو آھي ڄڻ قدرت جا سڀ حسين منظر ھتي ئي ھجن.
تاريخي تناظر ۾ ڏسنداسين ته ڪارو جبل ھتي جي انسانن ۽ حيوانن ۾ پاڻيءَ کانپوءِ زندگي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضروري سمجھيو ويندڙ ذريعو آھي ڇو ته ھي اناج، ڪوھستاني ڏٿ، ميون، کاڌن ۽ ھر قسم جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نھايت وڏي ذرخيزي مثل جڳھ آھي. شڪار ڪرڻ انساني ارتقا سان گڏ ھڪ عادت رھي آھي جيڪا شروع ۾ صرف پيٽ پوڄا لاءِ ضروري ھوندي ھئي جنھن کانپوءِ جھليل يا ماريل جانورن کي تھذيبن جي جنم وٺڻ کانپوءِ وري ڪمرشل طريقي سان وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو ويو. انگريزن واري دور کان وٺي جڏھن نواب خاندانن ۾ شڪار ڪرڻ جو رواج شوق خاطر پيو ته انھن انگلينڊ يا اسڪاٽ لينڊ يا آسٽريليا جي جھنگن ۾ شڪار ڪرڻ بدران اوڻيھين صديءَ جي شروعات ۾ وري سنڌ جي ٻيلن جو رخ ڪيو. ھتي جي مقامي قبيلن جڏھن ڏٺو ته اسان ته شڪار ڪرڻ ڇڏي ڏنو، پر ھي ماڻھو ايترا ميل پنڌ ڪريو ھتي اچي شڪار ٿا ڪن ته ھتي جي ماڻھن کي وري لالچ ورايو ۽ انھن انگريزن سان مھاڏو اٽڪائڻ بدران وري انھن کي جانور جھلي ڏنا ۽ شڪار ۾ مدد ڪئي جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھي جو عرب شھزاده ھر سال سياري ۾ ھتي جو رخ ڪندا آھن ۽ انھن کي مقامي ماڻھو سھولت ڪار ٿي مدد ڪندا آھن. انگريزن ٻيلن سان گڏوگڏ جبلن جو به رخ ڪيو ۽ ھتي رھندڙ جانورن سان انسان اشرف المخلوقات ٿي ڪري به ويڙھ ڪئي جيڪو انھن جو تڏھن ته شوقيه فن ھو، پر ھاڻي جانورن جا وڏي ۾ وڏا محسن به انگريز خود آھن. ڇاڪاڻ ته انھن ھاڻي جانورن جي اھميت کي ڄاڻي ورتو آھي. آھستي آھستي ھتي سنڌ جي امير طبقي ۾ به اھو ساڳيو رواج پيو جيڪو اڄ تائين ھلندو پيو اچي ۽ ان سڄي عمل ۾ جانورن ۽ پکين جون سوين جنسون ڪارو جبل ۾ به ناپيدextinct ٿي ويون. سنڌ جي ڪرنگھي وارن جانورنvertebrate animals مٿان تحقيق ڪندڙ جيمز مرئي (1890 ۾ سنڌ ۾ رھي ميوزم ٺاھيندڙ) سنڌ جا رستا، جبل ۽ ڍنڍون جھاڳي جيڪو ڪم ڪيو ان دوران ھن کيرٿر کان وٺي بلوچستان جي علائقن جي ڪرنگھي وارن جانورن جي معلومات گڏ ڪئي، ھن جي لکيل ٻن ڪتاب The Vertebrate Zoology of Sind ۽ The Edible and Game Birds of British India ۾ جن پکين ۽ جانورن جو ذڪر ڪيو آھي اھي سڀ ان دور ۾ گھڻي ڀاڱي ھتي موجود ھئا جن ۾ خاص ڪري آرڊرGalliformes ۾ تمام گھڻيون جنسون ھتي جي قدرتي ماحول ۾ ماضي ۾ ڏسڻ ۾ اينديون ھيون جن ۾ ھاڻي چڪور ۽ ڪارو تتر ھتي مڪمل ناپيد ٿي چڪا آھن جڏھن ته گانا ڳائيندڙ يعنيPasseriformes آرڊر واري پکين ۾ ماضي ۾ رنگ برنگي جھرڪيون ھتي عام جام نظر اينديون ھيون، پر اڄڪلھ صرف عام گھر ۾ نظر ايندڙ جھرڪيونHouse Sparrow وڃي بچيون آھن. منھنجي والد محترم جنھن جو جنم 1939 ۾ ٿيو ان پنھنجي والد کان اھو ٻڌو ته ڪاري جبل جو ھرڻ ۽ ڪارو تتر مشھور ھوندو ھو جنھن جي فرمائش ان زماني ۾ برٽش انڊيا حڪومت جا ڪامورا به ڪندا ھئا. ان کان علاوہ ڪاري جبل ۾ 1950ع تائين ٻاٽيرن جا سڀ قسم، ڪارو تتر، ڀورو تتر، ڪبوتر، سنڌي طوطا، صرحن، بگھڙ، گدڙ، چراخ، چيٽا، لومڙي، ھرڻ، وڏا جابلو ٻلا، سھا، ڳيرا، جابلو ڄاها، نور، مرون ڇلون، سوئر، ڳور پٽ، سِيڙهه، ڪارا ۽ جابلو ڀورا نانگ، لونڊر بلائون ۽ مشڪ ٻلا عام جام موجود ھوندا ھئا. مقامي پکين کان علاوہ قديم دور ۾ ھتي پاڻي جي ڪثرت جي ڪري پرديسي پکين ۾ آڙي، ڪنگھ، چيڪلو ۽ ڪونج به مھمان ٿي ايندا ھئا. انھن سڀني پکين مان ڪجھ پکين جو ذڪر ڪاري جبل لڳ ٻٻر ٻنڌ ۽ ڪؤنڪر جي دانا تاريخدان ڊاڪٽر حاجي شمس الدين جوکيو پڻ پنھنجي مضمون “جيئن ڄام ڏٺو مون” ۾ ڪيو آھي. اھڙي ريت تقريبن نوي کان مٿي قسمن جا پکي ھتي ماضيءَ ۾ موجود ھئا ۽ انھن پکين توڙي جھنگلي جيوتن جي پاڻي پيئڻ لاءِ قدرت طرفان گرانڊا، پٿر جا حوض ۽ چشما ٺھيل آھن. جڏھن ته ماضي ۾ ڳچ وس پوڻ دوران يا زلزلي، طوفان يا جابلو ڇپن جي ڪرڻ جي صورت ۾ ڪڏھن ڪڏھن قديم وڻن ھيٺان ڏڪار ۾ به قدرتي کوھ وانگر پاڻي به ڏسبو ھو جيڪو زير زمين پاڻي جي موجودگي کي ظاھر ڪري ٿو. ڀورو تتر ۽ سھا اڄ به جام ملن ٿا جن جي افزائش لاءِ سڀ ڳوٺاڻا گڏجي ڪوشسون به ڪندا آھن اھوئي سبب آھي ته اڄ به تترن جون سريليون تنوارون جھنگ يا ڪارو جبل ۾ ٻڌڻ ۾ اينديون. بيضن وارن ڏينھنBreeding Season ۾ تترن کي ويجھو وڃي ڇيڙڻ تي تي به پابندي لڳل ھوندي آھي جيڪا ڊيوٽي لوڪل گيم وارا ڳوٺاڻا فطرت سان دوستي جي ڪري ڪندا آھن. اھوئي سبب آھي جو ھاڻي ھتي قانوني شڪار کان علاوہ غير قانوني طريقي سان پکي ۽ جانور مارڻ ڏوھ آھي جيڪو ھتي جي قدرتي ماحول کي بھتر رکڻ ۾ مدد ڪندو.
ڪوھستان جي لوڪ ادب جو مرڪز به ڪارو جبل رھيو آھي. شاعرن ۽ سگھڙن ڪارو جبل کي پنھنجي سينگار ۽ ٻي شاعري ۾ ڳايو آھي. ھتي جي لوڪ ادب شاعرن جي سرتاج باغ محمد “بيشڪ” جوکيو به پنھنجي شاعري ۾ ڪونج پکي کي وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان ذڪر ڪيو آھي جيڪي ھتي سندس پٽن لڳ مند ۾ لھي ڪوھستان ۾ پاڻي ڍڪ ڀري وري اڳتي منزل طرف روانيون ٿينديون ھيون. ان کان علاوہ جن مقامي شاعرن ان جبل کي شاعري ۾ ڳايو آھي انھن ۾ جان محمد جانباز جوکيو، عابد سروري، آگم جوکيو ۽ عبدالحنان جوکيو شامل آھن. جڏھن ته خصوصي طور سينيئر شاعر محمد الياس “ھمغم” جوکيو جون ٻه سٽون نموني طور ڏجن ٿيون:
لڳي چھه چھه چمن ۾ اڄ خوشي جاڳي ھزارن ۾!
وطن جي تازگي ڏسجي ٿي سانوڻ جي نظارن ۾!
ڪارو جبل چڙھڻ ۾ ۽ مٿي رستا ڏاڍا ڏکيا آھن ھتي گذريل چاليھن سالن کان مال چاريندڙ مارو “صاحب دين جوکيو” ٻڌايو ته ڪافي اھڙا ڏکيا رستا به آھن جتي اٺ به نٿو وڃي سگھي ته ڪتو به نه. اٺن جي ماھر اوٺي ماما عبدالمنان اٺن کي ڇپر ۾ چارڻ بابت ٻڌايو ته اٺ جبل جون جڙي ٻوٽيون يا ول کائي ٿو. ماما عبدالمنان پنھنجي ڍاٽي تي چڙھي جڏھن اجرڪ جو ور سنڌي بوسڪي پڳ سان ڏيئي اٺ ڊوڙائيندو آھي ته ان وقت ڪوھستان جي مالماڙي ڪاري جبل جي سونھن ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو آھي. اصل ۾ انھن ڏکين رستن ۽ پيچرن جو سبب زلزلا آھن جيڪي اڄ نه پر ھزارين سال اڳ برفاني دورIce Age جي پُڄاڻان ھتي آيا ھئا جنھن جي موجودگي جي آثارن بابت جيوگرافي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي جي ھڪ اسڪالر پڻ ٻڌايو جنھن نوري آباد ڄامشورو واري پاسي اچي ڪارو جبل گھميو ھو ان موجب اھڙا زلزلا کيرٿر جبل جي پوڇڙ علائقي ۾ “ٽمڪن وارين بٺين” کي پرکي پڪ ڪري سگھجي ٿي، ڇو ته اھي ڦاٽل ٽڪريون آھن جن تي چڙھي رستو پار ڪرڻ اشد ڏکيو آھي. ڪارو جبل ته مختلف پٿريلا تراڙ ڦاٽل ۽ چيريل ڏسبا ۽ انھن مان لنگهڻ تمام گھڻو ڏکيو آھي جيڪو ان ڳالھ جي پڪ آھي ته ھتي زلزلا به آيا ھئا ۽ برف واري دور ۾ برف جي ڳار بنجڻ کانپوءِ جبل جي اندرين زميني پليٽنTectonic Plates ۾ حرڪت ٿي ۽ زلزلا آيا جنھنڪري جبل جا پٿر پنھنجي جڳھ تان ھٽي ويا ۽ ڌماڪا ٿيا ته وڏيون تباھيون آيون جيڪي اڄ صرف ظاھري آثارن جي صورت ۾ موجود آھن. ڪجھ اھڙيون جڳھيون به آھن جتي چوپايو مال نه پر صرف انسان پھچي سگھي ٿو. محمد الياس ھمغم جوکيو “ولڙين واس” ۾ لکي ٿو ته: جڏھن آسپاس ۾ مال لاءِ گاھ ختم ٿي ويندو آھي ته ان صورت ۾ ڌراڙ وري جبل جي اھڙن ڏکين اڌوڪن مان “پوتار” ۽ “سيڻ” نالي گاھ کوھي (پٽي) مال کي ڏيندا آھن.
ڇا ڪاري جبل مٿان ماضيءَ ۾ انسان يا ڪا ٻئي مخلوق رھندڙ ھئي؟
ان سوال جي جواب بابت پھرين سائنسي طريقي سان پرکينداسين ۽ ان بعد وري مقامي ماڻھن جي ٻڌايل ڳالھين کي ڀيٽينداسين. ڪاري جبل ۾ جتي پنڊ پھڻFossils ملن ٿا اتي ھلندي ھلندي قدرت جا ڪافي حسين منظر نظر اچن ٿا ته گڏوگڏ اوائلي ارتقا دوران انسانن پاران سندن جيون جي جنگ لڙندي جيڪي نشان ڇڏيا اڄ اھي به ملن ٿا جيڪي ڪجھ ته ٿورو پڪا آھن، پر ڪجھ وري ڪچا يا ڊٺل ملن ٿا. انھن سڀني نشانن ۾ ڪجھ زمين ۾ سڌا سنوان پٿر به وڻن وانگر ملن ٿا جن کي آرڪيالاجي جا ماھر پٿرن جا نشانStonehenge چوندا آھن جيڪي انگلينڊ سميت دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ نظر ايندا. اھڙا آثار قبل از تاريخي آثار آھن جن بابت ماھر چون ٿا ته اھي اڄ کان سوين سال اڳ يعنيBC 1650 کان 1250 BC جا آھن. اھڙن آثارن کي ملڪ جي مشھور ماھر علم الانسان Anthropologist ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلھوڙو وريMegaliths نالو ڏئي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلھوڙو پنھنجي ڪتابArchaeology, Art and Religion in Sindh جيڪو سنڌ ثقافت کاتي ڪراچي 2018 ۾ ڇاپيو ۽ ڪوھستان جي اھڙن آثارن بابت تفصيل سان تحقيق ڪري جن جڳھين تي اھڙن آثارن ھجڻ بابت لکيو انھن ۾ ٿوهر ڪانڙو مڪان، ۡڪراڙو مقام، منھا بٺي، ميلو بٺي، عثمان شاھ لڳ موئيدان ۽ اڪ وارو کيٽ وغيرہ شامل آھن. انھن پٿرن تي لکت، چٽ، نشان ۽ عبارتون يا شڪليون به آھن ته انسانن يا ديو قامت جھنگلي جيوتن جي قدمن جا چٽ گل يا نشان به موجود آھن جن بابت مختلف لوڪ ادب به موجود آھي ته ڏند ڪٿائون به موجود آھن. اصل ۾ ڪاري جبل جي چوڏس جڏھن نظر ڦيرائينداسين ۽ ان جي چڙھائين يا لاڙھن جي ڀرسان ڏسبو ته اسان کي وڏي سطح تي پنڊ پھڻFossil جا نشان ملندا جيڪي ڪجھPrehistoric ياPaleozoic وقت جا لڳن ٿا جنھن ۾ 250 کان 500 ملين سال اڳ ڌرتي مٿان صرف مڇي ۽ سامونڊي جيوتن جو راڄ ھو. ڪجھ وريMesozoic Era جا لڳن ٿا جنھن ۾ ريڙھيون پائيندڙ جانور ھئا. جڏھن ته ڪجھ وريCenozoic Era جا 65 ملين سال پراڻا نشان لڳن ٿا جن ۾ اڄ جا ٿڻائتا جانور يعني مماليه شامل آھن. اھي پنڊ پھڻ، ڪاري جبل جي چوٽي يعني ٺُل پھچڻ تائين ملندا جيڪي اوائلي ارتقا ۽ زندگيءَ جي موجودگي جا ظاھري ثبوت آھن ته زندگي ھر دور ۾ پنھنجي شڪل صورت ۽ جينياتي ساخت ۾ تبديلي آڻيندي رھي آھي. اھڙا پنڊ پھڻ توھان کي ڪاري ارھ کان علاوہ ڳنڍيل بٺين، ٽڪرين، ڀرن ۽ کانٽن سان گڏ ھتي جي باراني نالن يعني ڍورن ۾ پڻ ملندا. جڏھن اھو ساڳيو سوال ھڪ مقامي ماڻھو کان ڪيم ته قديم زماني ۾ ھت ڪير رھندو ھو؟ ھن جو جواب ٻڌي حيران ٿي ويس، ان به اوائلي زندگي جي موجودگي بابت ساڳيو سائنسي جواب ڏنو ته ھا ماڻھو يا ڪا مخلوق ضرور ھوندي ھت جنھن بابت شڪليون جبلن منجھ ڇپيل آھن.
ڪاري جبل جي سونھن ۾ ڪوھستاني ثقافت جا رنگ نظر اچن ٿا جتي جون پٿريليون عورتون نه صرف پٿرن سان پيار ڪن ٿيون، پر جيڪو پائين ٿيون اھي وڳا اڄ جي جديد ڪنوار جي “شرارن” ۽ ڳرن ڪپڙن کان وڌيڪ مھنگا، اوچا ۽ ڳرا آھن جيئن “گج” آھي جنھن سان گڏ جيڪي زيور پائين اھي به مثالي آھن. ڪنگا، نٿ، ڦلڙي، چوڙيون، جھومڪ ۽ ٻين ڪافي ثقافتي زيورن جا قسم ھتي ملندا، جن تي ڪوھستان جي ليکڪ ۽ مالماڙي جي سڀ کان اڳ مقرر ٿيل استاد محترم عبدالعزيز جوکيو 1950ع جي عشري ۾ ماھوار نئين زندگي رسالي ۾ تفصيلي لکيو آھي. ان کان علاوہ ڊاڪٽر حاجي شمس دين جوکيو، محمد الياس ھمغم جوکيو ۽ ڊاڪٽر جان محمد جانباز جوکيو جا حوالا پڻ ان ڏس ۾ ملن ٿا جن ھتي جي ثقافت بابت سنڌ جي اخبارن، رسالن ۽ مخزنن ۾ لکيو.
ڪارو جبل وڃڻ جي رستي تي ڄام اويس بجار جوکيو جو خوبصورت بنگلو به جبل جي سونھن ۾ اضافو ڪندڙ محل آھي جتي سانجھي وقت کان جڏھن بجلي جا ڳاڙھا اوئيس (بتيون) ٻرڻ شروع ڪندا آھن ته رات راڻي سان گڏ مختلف جيتن، جيون ۽ جھنگلي جيوتن جا آواز ٻڌي ايئن لڳندو آهي ڄڻ توھان ڪنھن ٻي دنيا ۾ ئي آيا آھيو. ان مھل جيڪڏھن ڄام صاحب طرفان ڪچھري لاءِ آسپاس جا ڳوٺاڻا گھرايل ھوندا آھن ته انھن جي ٻوليءَ ۾ نج ڪوھستاني سنڌي لھجو ٻڌي من کي موچارو لڳندو آھي. سچ پڇو عربن وانگر جيڪي پنھنجي ٻارن کي ڳوٺن ۾ پالڻ پسند ان ڪري ڪندا ھئا ته نج عربي ڳالھائڻ سکن، انھن وانگر منھنجو وس ھجي ته ھر سنڌي شاگرد لاءِ اھو ضرور لازمي شرط رکان ته تيستائين پرائمري جو سرٽيفڪيٽ نه ملندو جيستائين پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ۾ وڃي اتي جو نج سنڌي ٻوليءَ جو لھجو نٿا سکو. ھن جديد دور ۾ اسان جو نئون نسل سنڌي ته ڇا، پر اردو يا انگريزي به لکندو ته ان ۾ به وڏيون چڪون ڪندو. جڏهن ته پراڻي دور ۾ چڪ ڪرڻ سان ٻار درجو ئي پاس ڪونه ڪري سگھندو ھو جيستائين چڪون ڪرڻ ڇڏي. اڄ اھو به الميو آھي جو اسان جو ٻار ھڪ ئي وقت مختلف ٻوليون لکي ٿو ته کيس سنڌي ۾ “ک” ۽ اردو ۾ “کھ” لکڻ جي خبر نٿي پوي.
ڪوھستان سميت ڪاري جبل ۾ قدرتي سونھن ۽ فطرت جا حسين ترين امتزاج ملندا. ڍورا، جن ۾ ڇپر جو پاڻي نئين جي صورت ڪري جڏھن وھي ٿو ته ان ۾ ڪيڏو به طاقتور وھٽ يا انسان بيھي ته اھو لڙھيو وڃي. ان پاڻي کي روڪي ڊيم ٺاھڻ جا رواج به ھتي پراڻا آھن. سماجي ورڪر “ھمغم” جوکيو ھتي صدر پاڪستان محمد رفيق تارڙ کي درخواست لکي ھڪ سال سخت ڏڪار ۾ گھرايو. صدر صاحب کي ھتي جن ڳالھين بيحد متاثر ڪيو اھا ھتي جي %100 شرح خواندگي ۽ ٻيو ھتي جي قدرتي سونھن! صدر صاحب آڏو ڊيم جو عرض ھمغم صاحب ڪيو جيڪو نيٺ بعد ۾ ھلي ھلي ھاڻي مالماڙي جنگشاھي ڊيم نالي سان لکين رپين جي لاڳت سان “کارڙي” کان اڳتي ٺھي پيو. ھتي جي مقامي جڳھ پڳاندري ۾ ھڪ کوھ آھي. جڏهن ته قديم زماني کان وٺي ھتي ھٿرادو تلائن جو رواج به آھي جھڙوڪ: بازي جوکيو جو تلاءُ ۽ جانوءَ جو تلاءُ وغيرہ. جانوءَ جو تلاءُ ھن جبل يا ان جي سلسلي مان نڪرندڙ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ٺاھيو. اھڙيءَ ريت ڪاري ارھ کان وٺي ڍوري مڪان ۽ چوگرد زير زمين پاڻيءَ جون وڏيون نديون آھن جيڪي زمين اندران قدرتي طريقي سان کوھن ۾ پاڻي مھيا ڪن ٿيون. “مالماڙي” جو کوھه آھي ته اٺ فوٽ جو، پر ڪڏھن به ختم ناھي ٿيو. ان ڀرسان کارڙي نالي سان چشمو به موجود آھي جنھن ڀرسان بيٺل قديم کجين جا وڻ ڏسڻ وٽان آھن. انھن ھيٺ تتل لُڪ ڪاڙھي جي گُھٽ ٽاڪ منجھند ۾ به گھڙي کن ويٺل ڪنھن ٿڪل ٽٽل ماڻھوءَ کيAC جي ھٿرادو گئسن جي ڦوڪيل ٿڌ کان به يقينن ھيءَ قدرتي ڇانوَ ۽ ٿڌڪار ڏھ ڀيرا وڌيڪ صحت بخش محسوس ٿيندي آھي. ڪاري جبل جي رستن تي ويندي مالماڙي لڳ پراڻي زماني جون ملير جي ڄام جوکيو چوڪنڊي طرز تي ٺھيل قبرون يعني گھاڻيون به ملنديون. اھي گھاڻيون جبلن وچ ۾ خوبصورت لڳن ٿيون. ڪوھستان ۾ ٻين جڳھين تي به اھڙيون قبرون ملنديون. ڪاري جبل جي قبرن تي جديد ۽ سائنسي طريقي سان تحقيق جي وڏي ضرورت آھي.
ھتي جي قدرتي سونھن سان سرس نظارن ۾ معطر ھُڳ ۽ نڪ جي ناسن تائين پھچندڙ صحتمند ٻوٽن ۽ ول جي خوشبو ھٿرادو پرفيوم ۽ عطرن کان لک ڀيرا وڌيڪ آھي. جڏھن وسڪارو ٿيندو آھي ته ٻڪرين جي ننڍڙن ٻچن (گراڙ) جا ٽپا ان ڳالھ جي شاھدي ڏين ٿا ته ھتي جا وھٽ به مند ملھار ۽ سارنگ سان ستابا ٿين ٿا. وري سون تي سھاڳو ھتي جي ماروئرڙن جي پنھنجي وطن سان بي پناھ محبت جنھن ۾ ھي سڀ ڪجھ قربان ڪري به وطن جي بھتري لاءِ ڪوششون وٺندا آھن. ڪاري جبل ڀرسان ڳوٺن ۾ ماروئڙا جبل وسڻ جون دعائون ھر ويل ڪندا رھن ٿا ڇو ته انھن جو جياپو ئي ان وس تي ھوندو آھي. کيٽ ڪندا آھن جنھن ۾ ميھا، ڪدو، تر، منڱ، مڪئي، گوار، جوئر، ٻاجھر ۽ گھڻو وسڪارو پوي ته پوءِ ھنداڻا ۽ گدرا وغيرہ ڪندا آھن جنھن مان گذر سفر ڪري ڪجھ پاڻ وڪڻن ته ڪجھ وري سندن چوپائي مال کي کارائين. اھو کيٽ آباد ڪري وري لابارو ڪرڻ سڀ ڪجھ سندن سماج جو اھم جز آھي. ھتي جا ڌنار جن کي ڪوھستاني وري ڌراڙ چون اھي مال چارڻ وقت پاڻ سان گڏ ھڪ ٻه بصر جون ڳنڍيون، کنڊ يا ڳڙ، مانيءَ لولو، پاڻي جي ھڪ بوتل جنھن کي “گھُگھي” يا ٻڪر جي کل کي ابتو ڪري ان ۾ پاڻي وجھي کڻن جنھن کي “ڄوئي” چون، ان جي ٻاھران پاڻي کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڪپڙي جو غلاف چاڙھيندا آھن جنھن سان پاڻي سڄو ڏينھن مجال جو تتل ڪاڙھي ۾ به ڪوسو ٿئي. بصر جي ڳنڍ کي ڪھاڙي سان ٻه اڌ ڪري ماني سان کائي ٻڪري مان کير ڏُھي اتي جو اتي چانھه به ڪاڙھي پيئندا آھن. انھن جي ان کاڌي پيتي جي سرگرمي ھر روز گھڻي ڀاڱي ساڳي جڳھ تي ٿيندي آھي جتي ٻيا ڌراڙ به اچي گڏ ٿيندا آھن ته گرھ، گرھ ۽ سُرڪ سُرڪ ڪري کاڌو ورھائي کائي پنھنجو وقت گذاريندا آھن. انھن ڌنارن جو اھو منظر به دل کي تمام وڻندو آھي جڏھن ھو پنھنجي وھٽن کي مخصوص آواز سان پڪاري چرڻ مھل جڳھ، طرف يا ڪا خاص اھڃاڻ ڏيندا آھن ته “ڊگھري” ٻڌل مال مجال آھي ڪو سندن مالڪ جي ڏسيل واٽ جي خلاف ورزي ڪري! قدرتي سونھن ۾ ڪوھستاني ڏٿ جو ذڪر نه ڪجي ته اھا سونھن سرس نه رھندي. انگريزن جي دور کان وٺي ھتي جي جڙي ٻوٽينHerbs ۽ ڏٿHilly Fruit جو قدر ھتي مشھور ٿيو جنھن ۾ موسميSeasonal ڏٿ جھڙوڪ: کٽاليون، ڳاڱيون، بود، کنڀيون، منگھا، ليسوڙ، آٽوبر ۽ دائمي ڏٿ، ڏونئرا، پيرون، ڪونئريون پانيرو ۽ سون مڪائي وغيرہ اچي ٿا وڃن. موسمي ڏٿ گھڻو ڪري وسڪاري ۾ ۽ دائمي ڏٿ ڏڪار وارن ڏينھن ۾ عام ھوندو آھي. اھي ڏٿ مختلف آچار، ڏھي، لسي ۽ سُرڪيVinegar سان ملائي ڪري لذيذ رس ۾ کائبا آھن ته ڪجھ وري ڪچا جھڙا ھجن اھڙا ئي ڇاڪاڻ ته انھن جي کائڻ جو طريقو سالن کان وٺي اھوئي رائج آھي. ھن جبل جي آسپاس “لڪي ۽ دادا ڀائي” سيمينٽ فئڪٽريون به آھن جن ھتي وڏي فضائي آلودگيAir Pollution پکيڙي آھي ۽ ٻوٽن، وڻن، ولن، گاھن کي ڪافي ميرو ڪري ڇڏيو آھي. اھو جھنگلي جيوت سان گڏوگڏ انساني صحت لاءِ به نقصانڪار آھي.
اھڙي ريت سنڌ جو ھي ثقافتي شاھوڪار خطو سنڌ جي قدرتي وسيلن جو امين آھي. مٿئين بحث مان خبر پئي ته ھتي انساني ارتقا ۽ ان جي تاريخ جا چٽا ثبوت، منظر ۽ اڻ ڳڻيا اھڃاڻ ملن ٿا. دنيا جا سائنسدان جيڪڏھن ھن جبل ۽ ان سان لڳ سڄي ڪوھستاني پٽيءَBelt Kohistani جو مطالعو ڪن ته يقينن انھن کي سندن مونجھارن کي حل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي. ھن جبل جي چوڌاري انساني آبادي جو انگ وڌي پيو جيڪو ھتي جي قدرتي سونھن ۽ ان سونھن جي امين ڪوھستانين کي ختم ڪري اقليت ۾ آڻڻ جي ھڪ لڪل سازش آھي جنھن ۾ سڄي دنيا جا سامراجي ۽ ڪجھ لڪل ھٿ شامل آھن. جيڪڏھن ڇپر ۽ ڪوھستان جي فطرتي سونھن سان ڪا ھٿ چراند ٿي ته سائنسي دنيا اھي سڀ شاھديون وڃائي ويھندي جن تي تحقيق سان نوان رستا کلندا ۽ گڏوگڏ جبل کي ھٿرادو والار ۽ قبضا ڪري تباھ ڪرڻ سان ھتي جي ماحول ۽ ايڪو سسٽم ۾ وڏو بگاڙ ايندو جنھن جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا جن ۾ سڪن سان گڏ ساوا سڙڻ کانپوءِ آخري حد اھا بيھندي ته ساوا ھوندا ئي ڪونه! ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فورن ھن جبل جي حدن اندر سروي ڪرائي نيشنل وائلڊ لائف پارڪ ٺاھي ۽ اتي موجود تاريخي جڳھين کي تاريخي ورثو قرار ڏئي ۽ ھتي عالمي ماھرن جي ٽيمن کي موڪلي فورن تحقيق شروع ڪرائي ته جيئن اسان ڪجھ تاريخ بچائي سگھون.
jasaratilyas@gmail.com
***

