ادببلاگ

جاپان جي 214 سال پراڻي خارجه پاليسي شهريار رحمان کوسو April 2021

جاپان گهڻين ڳالهين جي ڪري هڪ منفرد ملڪ رهيو آهي. جاپان دنيا جي تاريخ ۾ واحد ملڪ آهي جنهن جي وڏن شهرن تي ايٽمي حملو ٿيو هو، پر جاپان تباھ ٿيڻ کانپوءِ ايئن اڀريو جو اڄ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ هن جي ترقي مثالي آهي. ظاهر آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ان جي خارجه پاليسي جو اهم ڪردار هوندو آهي. دنيا ۾ ٻي جنگ عظيم کانپوءِ جڏهن دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي وئي آهي تڏهن ملڪن جون خارجه پاليسيون تبديل ٿيون آهن. جاپان جي به خارجه پاليسي تبديل ٿي آهي، پر تاريخ ۾ ان جي هڪ اهڙي خارجه پاليسي به هئي جيڪا 214 سالن تائين رهي. جاپان جي ان خارجه پاليسي جو اثر اڄ به آهي، جاپاني ان خارجه پاليسي کي “سڪوڪو” چوندا آهن. سڪوڪو جي پاليسي جاپان جي بادشاھت “ايڊو” جي دور ۾ آندي وئي. ايڊو سلطنت جو بنياد “ٽوڪوگوا لياس” 1603ع ۾ رکيو. ايڊو جاپان جي مشھور شهر ٽوڪيو جو پراڻو نالو پڻ آهي. ايڊو سلطنت بنيادي طرح سان جاپاني ملٽري ڊڪٽيٽر شپ هئي جيڪا 1600ع کان وٺي 1868ع تائين جاپان تي قائم رهي. ايڊو سلطنت جي سربراھ يعني ڊڪٽيٽر کي “شوگون” جو لقب ڏنل هوندو هو. سڪوڪو خارجه پاليسي کي نافذ ڪرڻ وارو ايڊو سلطنت جو ٽيون بادشاھ ٽوڪوگوا ليمسٽو هو. سڪوڪو پاليسي جو مقصد جاپان کي باقي دنيا کان پري رکڻ هو، سڪوڪو جي معنيٰ به ايئن آهي مطلب “بند ملڪ” سڪوڪو پاليسي کي ڪئڪن به چيو ويندو هو، انگريزي ۾ ان پاليسي کي آئسوليشنزم به چيو ويندو آهي. اهڙي پاليسي سان ملڪ باقي دنيا سان ڪنهن به قسم جو تعلق ناهي رکندو  يا جيڪر ڪنهن ملڪ سان ڪاروباري تعلق هوندو به آهي ته تمام گهٽ پئماني تي. اهڙي پاليسي دوران ملڪ فقط پنهنجي وسلين تي پاڻ ڀاڙيندو آهي ۽ باقي دنيا سان فوجي معاملن سميت، تجارتي ڏي وٺ نه ڪندو آهي ۽ جاگرافيائي طور تي باقي دنيا کان ڌار ٿي رهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهي. رياست پنهنجو پاڻ کي اهڙي پاليسي ۾ وڌيڪ محفوظ سمجهندي آهي. ان پاليسي تي ٻين ملڪن به عمل ڪيو آهي جنهن ۾ آمريڪا، ڪوريا، چين، وغيره. اهڙي پاليسي جو نافذ ڪرڻ ان لاءِ به هوندو آهي ته جيئن ثقافت ۾ ملاوٽ نه ٿئي، پر سواءِ جاپان ۽ چين جي ڪنهن به ملڪ ايتري گهڻي وقت تائين هيڪلائپ واري نظرئي تي عمل ناهي ڪيو. چين به گهڻي وقت تائين دنيا کان ڪٽيل رهيو آهي، پر اها 13 صدي کان 15 صدي جي ڳالھ آهي. جڏهن ته جاپان جي آئسوليشنزم جي پاليسي 1868ع تائين رهي. سڪوڪو لفظ جاپاني نسخي مان ورتو ويو آهي، اهو نسخو شوزڪي ٽاڊائو لکيو هو، شوزڪي جاپاني ترجمو ڪندڙ هو، هن گهڻين ئي يورپي ٻولين مان سائنسي ۽ ٻين قسمن جون تحريرون جاپاني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن. بهرحال! هڪڙو ٻيو رايو آهي ته جاپان جي هيڪلائپ واري خارجه پاليسي سڪوڪو جي دوران به جاپان دنيا کان 100 سيڪڙو ڪٽيل نه هو، بلڪه ان جا گهڻن ئي ملڪن سان تجارتي تعلق هئا، پر ان خارجه پاليسي تحت جاپان جون ٻين ملڪن سان شرط سخت هئا. ٻاهران ايندڙ سامان ۽ ماڻهو جيڪي ايندا هئا انهن بابت جاپان جو پنهنجو قانون ۽ شرط هئا، جنهن تي عمل ڪري ئي ڪو ٻيو ملڪ جاپان سان ڏي وٺ ڪري سگهي پيو ۽ پنهنجا ماڻهو جاپان ڏانهن موڪلي سگهي پيو. جاپان جو سڪوڪو خارجه پاليسي دوران چائنا سان وسيع پئماني تي تجارتي تعلق هئا ۽ اها تجارت جاپان جي شهر ناگاساڪي واري بندرگاھ کان ٿيندي هئي. ان کان علاوه ناگاساڪي جي ويجهو هڪ مصنوعي ٻيٽ ٺاهيو ويو هو، جنهن کي ڊجيمان چيو ويندو هو، هن ٻيٽ کان چائنا ۽ پرتگال سان تجارت ڪئي ويندي هئي. ان ٻيٽ ۾ پرتگالي واپارين جا گهر به ٺهيل هوندا هئا، جيڪي چين ۽ جاپان سان ريشم سميت ٻين شين جي خريد و فروخت ڪندا هئا ۽ انهن شين کي يورپ ڏانهن موڪليندا هئا. ان تجارتي ٻيٽ ۾ پرتگالي واپارين جو وڌيڪ ڪاروبار هو، تنهنڪري پرتگالين جو اثر به گهڻو هو، تنهنڪري هن ٻيٽ کي پرتگالي ٽريڊنگ پوسٽ چيو ويندو هو. سڪوڪو پاليسي تحت انهيءَ ٻيٽ ۾ رهندڙ واپارين جو جاپاني سوسائٽي سان ڪوبه واسطو نه هوندو هو ۽ جاپان جون ٻيون سوسائٽيون انهيءَ ٻيٽ کان ڪٽيل هونديون هيون. پرتگالين سان گڏوگڏ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي به جاپاني ڊڪٽيٽر شپ طرفان سڪوڪو خارجه پاليسي تحت مشروط اجازت مليل هئي ته اهي به تجارت ڪري سگهن. ان کان علاوه جاپان جا ان وقت پنهنجي قريبي ٻيٽن سان به تجارتي تعلق هئا، اهي ٻيٽ يا ته چين ۽ ڪوريا جي قبضي هيٺ هئا يا وري انهن جي پنهنجي بادشاهت قائم هئي. انهن ٻيٽن تي جيئن ريوڪيو جا ٻيٽ جنهن تي مختلف دور ۾ مختلف سلطنتن حڪومت ڪئي. هئيريوڪيو ٻيٽن جي بادشاهت کي “ريوڪيو ڪنگڊم” چيو ويو آهي. ان کان علاوه امامي ٻيٽ ۽ سڪشيما ٻيٽ کي بعد ۾ ريوڪيو ڪنگڊم ۾ شامل ڪيو ويو. جيئن سڀني کي علم ۾ آهي ته جاپان جي جاگرافي اهڙي آهي جو اها سڄي سامونڊي پٽي جاپان سميت ننڍن وڏن ٻيٽن سان ڀريل آهي. انهن ٻيٽن سان جاپان ۽ چين جي پراڻي تجارت هلندڙ آهي. جاپان ۾ جڏهن ايڊو سلطنت جي حڪومت هئي ۽ سڪوڪو خارجه پاليسي نافذ هئي تڏهن به جاپان جو پنهنجي ويجهي قائم ٻيٽن سان تجارتي تعلق هئا. جاپاني سلطنت ايڊو کي ڊجيمان ٻيٽ جنهن تي پرتگالي واپارين جو اثر هو انهن جاپانين کي تنگ ڪيو هو، انهن جي ۽ جاپاني عملدارن جون پاڻ ۾ اڪثر جهڙپون ٿينديون هيون. ڇو ته ڊجيمان ٻيٽ وارا ناگاساڪي لاءِ وڄڻ وارن کي ڊجيمان مان لنگهڻ نه ڏيندا هئا ۽ انهيءَ مسئلي تي اڪثر ڇڪتاڻ رهندي هئي، ڊجيمان ٻيٽ وارا ٻاهران آيل ماڻهن سان ته مسئلو ڪندا ئي هئا، پر حيرت جي ڳالھ آهي جو جاپاني سول ماڻهو کي به گذرڻ به ڏيندا هئا جيڪر ڪنهن جاپاني کي ڊيجمان ٻيٽ وڃڻو آهي يا ڪنهن سبب لاءِ اتان جو رستو استعمال ڪرڻو آهي ته ان لاءِ خاص اجازت جي ضرورت هوندي هئي. محسوس ڪيو ويو آهي ته جاپاني سلطنت ايڊو جو سڪوڪو جهڙي خارجه پاليسي جو نافذ ڪرڻ جو سبب ڪو تجارتي نه هو بلڪه تهذيبي هو انهن جو خيال هو ته جيڪر گهڻن ملڪن کي ۽ انهن جي ماڻهن کي اجازت ڏني ويندي ته اهي اچي جاپان ۾ رهڻ شروع ڪندا ۽ نسل وڌائيندا جنهن سان جاپاني نسل ۽ تهذيب متاثر ٿيندي. تنهنڪري انهن سختي سان سڪوڪو پاليسي تي عمل ڪندي تمام گهٽ پئماني تي ٻين ملڪن سان تجارت ڪئي. ان کان علاوه انهن کي اهو خوف به هو ته مغربي ملڪ هتي تجارت ڪري پنهنجو اثر وڌائيندا ۽ اڳتي هلي جاپان تي حڪومت ڪندا ۽ اصل جاپاني قوم کي هتان نيڪالي ڏيندا، دلچسپ ڳالھ اها آهي ته ڪجھ ٻاهران ماڻهو جنهن کي تجارت ڪرڻ جي مشروط اجازت مليل هئي انهن جي مٿان به اها پابندي هئي جو اهي پنهنجي علائقي کان ٻاهر نه ويندا ۽ نه وري ڪنهن جاپاني خاندان سان اهي تعلق رکي سگهندا بلڪه انهن کي پنهنجي مذهب تي به عمل ڪرڻ کان روڪيو ويندو هو ۽ اتي رهڻ وارا غير ملڪي لڪي ڪري پنهنجي عبادت ڪندا هئا. ان وقت گهڻن ئي ملڪن جيئن فرانس، آمريڪا، روس ايڊو سلطنت کي تجارتي تعلق قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، پر ايڊو سلطنت جي ڊڪٽيٽر صاف منع ڪري ڇڏي. 1647ع ۾ پرتگالين ڪوشش ڪئي هئي جو ناگاساڪي تي قبضو ڪيو وڃي، پر جاپانين معاملي کي سنڀالي ورتو. جاپانين 900 ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاٿيون جيئن پرتگالي جهازن کي روڪيو وڃي. بهرحال! جاپاني انهن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ويا. 1738ع ۾ پهريون دفعو روسي نيوي جي ٽيم جاپاني ٻيٽ تي وزٽ ڪرڻ آيا ۽ جاپانين انهن سان نارمل رويو رکيو. 1791ع ۾ آمريڪا جا 2 جهاز جاپاني ٻيٽ تي آيا جيڪي ڪي اوشيما ٻيٽ تي 11 ڏينهن ترسيا جهاز جي ڪئپٽن جوهان ڪينڊرڪ جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هو پهريون آمريڪي هو، جنهن جاپان جي زمين جو دورو ڪيو هو. 1797ع کان 1809ع تائين آمريڪا جاپان ۾ تجارت شروع ڪري ڏني هئي، پر جاپان ڊچ (نيڌرلينڊ) جي جهنڊي هيٺ تجارت پئي ڪئي. ڇو ته ان وقت ڊچ جي برطانيا سان جنگ پئي هلي، تنهنڪري ڊچ پاڻ ته تجارت نه پيو ڪري سگهي، پر هن آمريڪا کي مشروط اجازت ڏني ته هو ڊچ جهنڊي هيٺ جاپان سان تجارت ڪري سگهي ٿو. 1853ع تائين آمريڪا، برطانيا، روس ۽ ڪجھ ٻين مغربي ملڪن هر ممڪنه ڪوشش ڪئي ته جاپان سان تجارت معاهدا ٿين، پر هر دفعي اهي ناڪام ويندا هئا. انهيءَ وچ ۾ گهڻا ئي جهاز تجارت لاءِ موڪليا به ويا، پر اهي ڪي خاص ڪامياب نه ٿي سگهيا. 1854ع ۾ جاپان ۽ آمريڪا وچ ۾ امن ۽ دوستي جو معاهدو ٿيو جنهن کي ڪنوينشن آف ڪنگاوا چيو ويو ۽ 1854ع جي آخر ۾ جاپان ۽ برطانيا ۾ به اينگلو جيپنيز فرينڊشپ ٽريٽي معاهدو ٿيو. 1860ع ۾ جاپان پهريون دفعو پنهنجا سفير آمريڪا ڏانهن موڪليا ۽ آمريڪا ۾ جاپاني سفارت خانو قائم ڪيو ويو. ان کانپوءِ 1862ع 1863ع ۾ يورپ ڏانهن به جاپان پنهنجا سفير موڪليا. جاپان ۽ جاپانين 1867ع ۾ پيرس ۾ ٿيندڙ ورلڊ فيئر ۾ به شرڪت ڪئي، اها ورلڊ فيئر عالمي تجارتي نمائش هئي جنهن ۾ سڄي دنيا مان ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. ايئن جاپان مڪمل هيڪلائپ واري نظرئي کان پري ٿي دنيا سان تجارتي معاهدا ڪيا. جاپان تي اها هيڪلائپ واري سوچ حاوي رهي ۽ ان جنگ عظيم ۾ شرڪت به ڪئي ۽ ايٽمي حملي جو شڪار به ٿيو، اصل تبديلي جيڪا جاپان پنهنجي اندر آندي اها ٻي جنگ عظيم کانپوءِ آندي ۽ دنيا ڏٺو ته جاپان هڪ ننڍو ملڪ آهي جو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ايترو اڳتي نڪري چڪو آهي جو دنيا ۾ ان جي ترقي مثالي آهي.