خاص

لاڪ ڊائون سبب غريب طبقو پيسجي ويو آهي: عمران خان

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪورونا لاڪ ڊائون جي ڪري غريب طبقو پيسجي ويو آهي ۽ هڪدم غربت اچي وئي آهي. سکر ۾ سنڌ جي 14 ضلعن لاءِ 446 ارب رپين جو پيڪيج ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ سمورو پئسو صوبن ڏي هليو ٿو وڃي ۽ وفاق قرض کڻي ملڪ پيو هلائي. هن ٻڌايو ته اڍائي سالن ۾ اسان 35 هزار ارب رپيا واپس ڪيا، 15 هزار اڳوڻي حڪومت کان وڌيڪ کنيا. عمران خان جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻيٽن جي اين او سي ڏئي وري رد ڪري ڇڏي، ان سان نقصان سنڌ جو ٿي رهيو آهي، منصوبا ٺهڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ٿئي ها ۽ ماڻهن کي فائدو ٿئي ها. وزيراعظم ڪامياب پروگرام تحت نوجوانن ۾ چيڪ به ورهايا.