نئون

شيشي جهڙو صاف سولر پئنل ايجاد

آمريڪي سائنسدانن شيشي جهڙو صاف سولر پئنل ايجاد ڪري ورتو آهي. جنهن سان دري ۾ لڳائي بجلي پيدا ڪري سگهندو. شمسي توانائي دنيا ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي رهي آهي جنهن ڪري هاڻي دنيا جا ڪيترائي ملڪ به هن ذريعي سان بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. چين به ان ڏس ۾ هڪ سولر فارم تيار ڪيو آهي جنهن جي شڪل هڪ پانڊاجهڙي آهي، جيڪو آسمان مان هڪ پانڊا وانگر نظر ايندو. ان کان اڳ ۾ سولر پينل گري رنگ جا هوندا آهن. هي پينل سج جي روشني مان ايندڙ الٽرا وائليٽ شعائن ۽ انفراريڊ شعائن مان بجلي تيار ڪندو آهي. مستقل ۾ هن قسم جي پينل کي بجلي مان هلندڙ گاڏين ۾ به استعمال ڪري سگهبو ۽ گاڏين جي شيشن جي جاءِ تي هي پئنل لڳايا ويندا.