خاص

ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري ڪراچي واسين کي ئي کپايو پيو وڃي: مصطفيٰ ڪمال

پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته بلاول ڀٽو پاڻي جي مسئلي تي پنجاب کان ناراض آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پر ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري وري انهن کي ئي کپايو ٿو وڃي، ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته پاڪستان کي 70 سيڪڙو روينيو ڪراچي ڪمائي ٿو ڏي، ڪراچي ۾ ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جو نئون سسٽم ناهي آيو، سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته 36370 ملين گيلن پاڻي ارسا طرفان سنڌ کي ملي ٿو، جنهن مان صرف 540 ملين گيلن پاڻي ڪراچي کي ملي ٿو، جتي سنڌ جو 50 سيڪڙو آبادي رهي ٿي ۽ ڪراچي کي صرف ڏيڍ سيڪڙو پاڻي جو حصو ڏنو پيو وڃي، هن چيو آهي ته هتان اربين رپيا رشوت عيوض شهرين کان ورتو پيو وڃي، ٻاهر جي ماڻهن کي هتي آڻي رشوت جو بازار گرم ڪيو ويو آهي، جيڪو آواز اٿاري ٿو ان کي دهشتگرد ڄاڻايو ٿو وڃي، هن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي نااهلي عروج تي آهي، ايم ڪيو ايم جي ڪرپشن به عروج تي آهي، هتي چور به شور مچائي رهيو آهي ۽ ملڪ بنا ليڊر جي هلي رهيو آهي.