مٺائي زاهد منگي June 2021
ملان جي ٻانگ ڏيڻ سان اک کليس ته حسب معمول کٽ تي ستي ئي اعوذ باالله من الشيطان رجيم پڙهي ٽي دفعا بسم الله، ٽي دفعا ڪلمو، ٽي دفعا الحمد شريف ۽ ٽي دفعا صلوات سڳوريءَ جو ورد ڪري کٻي ٻانهن جي زور سان مٿي اٿي ويٺو. ڀرسان پيل لائيٽ ٻاري سامهون واري ڪلي ڏي هنيائين منهن نظر نه آيس ته ڇرڪجي ويو. گڏ ستل زال کي ڌوڻو ڏيندي اٿاريندي چيائين:
رحيمان او رحيمان اٿي ته رات مينهن واڙي مان ٻاهر آڳر تي نه ٻڌي هيئو ڇا.؟
سندس زال ننڊکڙيءَ مان ئي جواب ڏنس،
الائي گلڻ ٻڌندو آ، خبر ناهي متان وسري وئي هجيس.
اٿي ته واڙي ۾ ڏس ته سهي. مينهن بيٺي آ.
رحيمان اکين کي مهٽيندي. مڙس کان ٽارچ وٺي واڙي ۾ وئي ته مينهن اتي به ڪونه هئي. ذري گهٽ رڙ ڪندي چيائين:
گلڻ جا پيءُ مينهن اندر به ڪانهي ڪا.
هان! ڇا ٿي چوين، مينهن اندر به ڪانهي ڪا؟
هو تڪڙو اٿي واڙي ڏي ويو ته مينهن واقعي به ڪونه هئي. هن ٻي نظر گهر جي وڏي در تي وڌي ته در کليل ۽ ان جو ڪڙو اندران ڪٽيل هو.
اڙي گلڻ، شمن وارو ڪيو مينهن چوري ٿي وئي.
هن وڏي رڙ ڪري پٽن کي سڏ ڪيو. سندس پٽ جيڪي پريان ئي ٿلهي تي ستل هئا، سي هن جون رڙيون ٻڌڻ سان ئي يڪدم اٿيا.
ڇاهي بابا خير ته آهي.؟
اڙي ابا خير وري ڪهڙو، مينهن نڪري وئي.
سندس ٻئي پٽ چور چور ڪندا، گوڏ جا پلئه ٻڌي رڙيون ڪندا اٿيا.
رات مينهن ڪاٿي ٻڌي هئي.؟ شمن گلڻ کان پڇيو،
ٻاهر آڳر واري ڪلي تي،
ٻئي ڄڻا خبرداريءَ سان ڪلي وٽ پهتا ته مينهن جي مٽاڳي واري الاڻ ۾ ٻن ماڻهن جا چٽا پير ڏٺائون.
جلدي ڪر تغاري کڻي پير ڍڪ.
گلڻ ڦڙتيءَ سان تغاري کڻي پيرن کي ڍڪيو.
شمن ۽ پڻس ٻين پيرن کي چوڦير ليڪا پائيندا ٻاهر نڪتا ته پويان گلڻ دونالي کڻي ٻه تڪڙا هوائي فائر ڪيا. فائرنگ ۽ هنن جي گوڙ تي ڳوٺ توڙي اوڙي پاڙي جي خلق به اچي پهتي. هڪڙو همراهه ڊڪندو پنهل پيري کي وٺڻ ويو.
ڀائو محمد صديق ٽي مڙس گهر ۾ آهيو. مال متاع هوندي پوءِ به سجاڳي نه ٿا ڪريو.
بس ڀائو مان سڄو ڏينهن ٽنگ هڻان، ڏينهن جو به ڪٿي آرام نه ڪيان، رات جو هنن ڇوڪرن جي آسري تي آسيس وٺان ته سجاڳي رکندا، پر هنن ۾ اهو وڙ ئي ناهي ويتر جو مايون مليون اٿن ته رنن سان ٻک وجهون ڦڙهه لڳا پيا آهن، ڪيئن ٿو لهي اڀري ڪا سڌ ئي ڪونهين.
پوءِ به يار تون وڏو سڄو آهين. توکي سجاڳي رکڻ کپي ها، مجال آ جو مان ائين لاپرواهي ڪري سمهان.
صديق جي پاڙي ۾ ويٺل احمد کيس تنبيهه ڪندي چيو
بس ڀائو هن ڀيري ته ذيان ٿي ويو، پر اڳتي اک پٽبي باقي ڇورن جو آسرو اجايو آهي.
پنهل پيري پهتو ته پيرو کڻي ٻاهر نڪتا، سج پورو اڀري چڪو هو. ڳوٺ ۽ ڀر پاسي جو مال متاع جهنگ ڏي رخ رکيو هو جنهن ڪري پيرا گڏڙجي ويا هئا. ڪچڙي منجهند تائين هنن پيري سان وس ڪيو، پر سر منڍ جو پير نه لڳو. ڪي سياڻا چور هيا اهڙا ته ور وڪڙ ڏئي هليا جو همراهن جون متيون منجهي پيون. ويتر جو روڊ ۽ پڪي سڙڪ ورتن ته پيري جو لڳڻ ڏکيو ٿي پيو. نيٺ ڦري ڦري ٻپهري ڌاري پيرو وڃائي موٽي آيا.
صديق وڏي وقت کان گهورارو وارو ڪم ڪندو هو. مند جي حساب سان وکر کڻندو هو. ڪڏهن زردالو، آلو بخارا، ڪتل، ڦاروا، ونگيون ته ڪڏهن ڄمون يا زيتون ٽوڪري ۾ وجهي کپائيندو هو. کيس ٻه پٽ هئا. وڏو شمن ۽ ننڍو گلڻ. شمن شروع کان ئي سيبتو ۽ ٻني ٻاري مال متاع جو ڪم ڪندو هو. گلڻ ڪجهه ٿڙيل هئس. روز ڪو نه ڪو ڦڏو ڪيو ويٺو هيس. ڪاٽڪن سان ياري هيس، ٻه دفعا پوليس ۾ جهلجي به پيو. چٽي ڀري جان ڇڏرايائينس. صديق هن جون چٽيون ڀري ڀري بيزار ٿي پيو هو. هن، هن صلاح ڏنس ته ڇوڪري جي شادي ڪرائي ته بار پوندس ته سڌري ويندو. نيٺ ماڻهن جي صلاح مڃي. ٻنهي پٽن جي هڪ ئي رات شادي ڪرايائين. ننڍي ننهن کي خاص پارت ڪيائين ته مڙس کي قابو ڪر ته جيئن هيڏي هوڏي نه ٿڙي. نهڻس ڪيو به ائين مڙس کي اهڙو سوگهو ڪيائين جو زال جو گولو غلام ٿي ويو. ڪم ڪار ته اڳي ئي مڙيئي ڪندو هو. رهندو جو زال مليس ته اڳيون نور به چٽ ٿي ويس. شمن جي زال جو گلڻ ۽ جوڻس جا افعال ڏٺا ته هن به مڙس جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. شمن به ريس ۽ ڪروڌ شروع ڪيو. چئي گلڻ ڪم نه ٿو ڪري ته مان ڀلا نوڪر آهيان ڇا جو ڪم ڪريان.؟ صديق جنهن سوچيو هو ته شاديءَ کانپوءِ پٽ سڌري پوندا سي اڃان وڌيڪ نڪما ٿي ويا. پوءِ بس ٽوڪرو کنيو جتي به وڃي اتي پٽن جي افعالن تي پيو منهن مٿو پٽي. چئي ڪو ڪم نه ٿا ڪن ٻئي ڇورا زالن سميت منهنجي ڪنڌ ۾ لڳل آهن.
شام جو گهر موٽيا ته گلڻ رعب واري لهجي ۾ چيس،
ڳڻتي نه ڪر بابا، مينهن ڪاڏي ويندي. مان به سڄي تر جا چور سڃاڻان. ڌرتي اٿلائي به مينهن کي موٽرائيندس.
مينهن جي چوريءَ جي ڳڻتيءَ ۾ ورتل صديق پٽ جي ڳالهه ٻڌي ڪو جواب نه ڏنو.
اڄ ذري گهٽ هفتو اچي ٿيو هو، پر مينهن جو ڪو پتو کرو ئي نه پيو هو. گلڻ کٽ جي پيرانديءَ کي بنا وهاڻي ٽيڪ ڏئي منجهيل ويٺو هو. صديق جو سندس اهڙي حالت ڏٺي ته دلجاءِ ڏيندي چيائينس.
گهٻراءِ نه گلڻ توکي شابس آ، توکي جيڪو وس ڪرڻو هيو سو ڪيئي. بس هاڻي مون کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو.
گلڻ پيءُ جي ڳالهه ٻڌي شرمساريءَ ۾ منهن کي هيٺ ڪري ڇڏيو.
صبح سوير ملان اذان ڏني ته صديق روز وانگر ڪلمو، الحمد شريف ۽ صلوات سڳوري پڙهي. وضو ڪري وڃي قرآن کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو. گلڻ کيس کٽ تي ستي ئي ڏسندو رهيو، پر روڪي نه سگهيس. سڄو ڏينهن گذريو. سج لٿي جي اذان مهل صديق واپس گهر پهتو. قرآن کي چمي رحل ۾ رکي. اچي کٽ تي ويٺو. زال پاڻيءَ جو وٽو ڀري آڻي ڏنس. پاڻي پيءُ بس ڪيائين ته زال پڇيس.
ڏي خبر ڪا مبارڪ ملي.؟
نه مبارڪ ته ڪانه ملي.
ائين چئي هن ڳچيءَ ۾ وڌل رومال ڇوڙي کٽ تي رکيو جنهن ۾ پئسن جو چڱو خاصو ڍڳ هو.
زال حيران ٿي پڇيس هي ڇا جا پئسا آهن.
ڀلي سائين تي مٺائي ملي آهي.
ايتري!؟
زال حيرانگيءَ مان پڇيس.
ها ماڻهن ۾ اڃان ايمان سلامت آهي.
ٻئي ڏينهن به هو صبح مردان سان ڀلو وسيلو کڻي نڪري ويو. ان رات ئي سومهڻيءَ جي نماز گذري ته در تي کڙڪو محسوس ٿين. شمن تڪڙو وڃي در کوليو ته مينهن بيٺي هئي. گهر جي سڀني ڀاتين ۾ خوشي اچي وئي. صديق پنهنجي ڪاميابيءَ تي وڏو خوش هو. صبح ٿيو ته صديق ساڳي طرح قرآن کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو. زال حيرانگيءَ مان پڇيس مينهن ته موٽي آئي هاڻي وسيلو کڻي ڪاڏي ٿو وڃي.
صديق زال جي ويجهو اچي آهستگيءَ سان چيو
سڄي عمر ڪلهي تي ٽوڪرو کڻي گهور ڪيم، پر ڪڏهن به ايترا پئسا نه ڪمايم جيترا هنن ٻن ڏينهن ۾ ڪمايا اٿم. اها ته توکي اسان کي خبر آ نه ته مينهن موٽي آئي، ٻين شهرن وارن کي ڪهڙي خبر. چريو هيس مان جو عمر انهي ٽوڪري تي وڃايم. هن ڪم ۾ نه ڪو خفو ۽ نه ڪا سيڙپ، هيڙو ڀلو ڪم ٻيو ڪهڙو ٿيندو. ائين چئي هو ٻاهر نڪري هليو ويو.
***

