جاسوسي کان محفوظ سمارٽ فون تيار
روس جي موبائل فون ٺاهيندڙ ڪمپني ڪيپسرسڪي پاران اهڙو سمارٽ فون ٺاهيو ويو آهي جنهن جي ڪوئي به جاسوسي نه ڪري سگهندو. فون ٺاهيندڙ ڪمپني جي مالڪياڻي نتاليا چيو ته هي فون سرويلينس پروف آهي. هن چيو ته هن فون جي پرائيويسي کي نئين حد تائين پهچايو ويو آهي. رپورٽ مطابق هن فون جو نالو تائيگا فون آهي ۽ هي فون آءِ فون کان به ڪافي سستي آهي ۽ اميد آهي ته پاڪستان ۾ هن جي قيمت 26 هزار رپيا هوندي.

