سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين ته ڀارت دهشتگردن کي ڪيئن ٿو فنڊنگ ڪري: شاهه محمود قريشي
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين ته ڀارت ڪهڙي طرح دهشتگردن کي فنڊنگ ڪندو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ڀارتي دهشتگردي جو مامرو عالمي سطح تي اٿارينداسين، والاريل ڪشمير جي حوالي هن چيو ته ڀارت جي والاريل ڪشمير واري پاليسي بلڪل ناڪام ٿي چڪي، ڪشمير قيادت نريندر مودي سان ملاقات ۾ 5 آگسٽ وارن قدمن تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ڀارت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اتي بيروزگاري وڌي وئي آهي، ڀارت پنهنجي اندروني مامرن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ هي قدم کڻي رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان ڀائرن جي بي پناهه خدمت ڪئي، هاڻي وقت اچي ويو ته افغان پناهگير پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃن، هن چيو آهي ته اسان پناهگيرن جي خدمت ڪيون ٿا ۽ ٻئي طرف افغان حڪومت اسان تي الزام لڳائيندي آهي، افغان پناهگيرن جي واپسي کي امن عمل جو حصو بڻائڻ گهرجي.

