ادب

ڊائري جا ورق خواجھ غلام علي کوساڻي August 2021

06 فيبروري 1995

منهنجي زندگيءَ جو هڪ يادگار واقعو جنهن ۾ محترم ابراهيم جويو

 به اسان سان  گڏ هو

اهو غالبن سال 1992ع هو. محترم ابراهيم جويو، نور محمد ۽ مون گڏجي منهنجي ڪار ۾ ڪراچي وڃڻ ۽ محترم شيخ اياز سان ملاقات ڪرڻ ۽ پڻ ڪجهه ٻيا ڪم ڪار ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيوسين.

صبح جو نڪتاسين، ٻنپهرن جو پهتاسين ڪراچي. اول سڌو اياز سائين وٽ آياسين، جنهن ڪجهه ڪاغذ جويو صاحب کي ڏنا ۽ پوءِ شام جو تفصيلي ڪچهري جو پروگرام رکي اسان پرنس ڪامپليڪس مان نڪتاسين. محترم جويو صاحب اسان کي سندس فرزند جيڪو انجنيئر آهي ان جي گهر وٺي ويو جنهن تمام سٺي ماني کارائي. ڪجهه دير اتي ريسٽ ڪري جويو صاحب کي وري ملڻ جي ڏنل ٽائيم تي اياز وٽ ڇڏي آئون ۽ نور محمد صدر ۾ ڪتاب ۽ ڪئسٽون وغيره وٺڻ نڪتاسين. جتان پنجين وڳي شام جو اياز سائين وٽ پهتاسين، جويو صاحب به موجود هو. پوءِ اسان هنن ٻنهي عالمن ۽ دانشورن جي رهاڻ ٻڌي ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ اسان هنن مان ايڏو پرايو جو ٻن سالن جي مطالعي مان ڪونه ملي ها. جويو صاحب پنهنجن نظرين تي قائم ۽ دائم هو. جڏهن ته اياز نئين سوچ ۽ نون خيالن کي پيش ڪري رهيو هو.

اٽڪل اٺين وڳي اتي اياز وٽ هڪ هندو نوجوان ڊاڪٽر آيو، اهو به حيدرآباد مان آيو هو ۽ اسان سان واپس هلڻ لاءِ تيار ٿيو. اسان ساڍي اٺين وڳي اياز سائين وٽان نڪتاسين، ماني کائي اٽڪل ڏهين وڳي روانا ٿياسين. واٽ تي ڪم ڪار لاهي يارهين وڳي ڪراچي شهر ڇڏيوسين. ڪراچي مان نڪرندي مون کي محسوس ٿيو ته مون واري گاڏي ڪجهه اڙي پئي ڪري، سو آهستي هلڻ لڳاسين. واٽ تي ڊاڪٽر، جويو صاحب سان موت بعد حياتي تي ۽ پڻ سياست ۽ قومپرستي تي بحث ڪندو هليو. حيات بعد الموت واري معاملي تي جويو صاحب هن کي ڏاڍي ڇنڊ پٽي ته هندو ميٿالاجي تي انڌو ايمان نه رکو ۽ ٻيو ته قومپرستي واري جدوجهد ۾ جيڪو به جيترو به سچو ڪم ڪري ته ان جو ساٿ ڏجي پوءِ پليجو هجي، ممتاز ڀٽو هجي، آريسر يا ڄام ساقي هجي سڀني ۾ ته ڪجهه خوبيون ڪجهه خاميون ٿينديون آهن. اها بحث هلندي جڏهن اسان ڪراچي وارو  گيٽ ٽپي، عين ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن جي علائقي ۾ ڪراچي کان چاليهه کن ميل پري عين جنگ ۽ اونداهي ۾ اسان جي ڪار خراب ٿي پئي.

اهو اهڙو دور هو جو ڌاڙا ڦرون عام جام هيون، سو ڊاڪٽر کي اچي ڊپ لڳو ۽ هو اسان کي به ڊيڄارڻ لڳو. اسان کي، يعني مون کي ۽ نور محمد کي ڊپ ته ڇا پر ٻيڻو مزو پئي آيو، پر فڪر صرف جويو صاحب جو هو ته هو بزرگ پريشان ٿيندو، پر جويو صاحب پاڻ اسان جي همت وڌائڻ لڳو ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ لڳو. ٺپ اونداهي رات جو هڪ ڪا ڪا بس يا ڪار فل اسپيڊ سان ٿي گذريون، اسان گهڻا هٿ ڏيون پر ڌاڙن ۽ ڦرن جي خوف کان ڪير بيهڻ لاءِ تيار ڪونه هو. عجيب اتفاق اهو هو جو ان ئي ڏينهن ڄام صادق علي جو انتقال ٿيو هو. بهرحال رات جو ڏيڍ ٿيو هو، ٺپ اونداهي ۽ ويران علائقي ۾ اڌ منو ڪلاڪ اسان بيٺا رهياسين. ڪابه بس، ڪار يا ٽرڪ بيهڻ لاءِ تيار نه هئي. اوڏي مهل پوليس موبائيل آئي اسان گاڏيءَ کي ڌڪو ڏيئي ڪچي ۾ بيهاريو. پوليس موبائيل وارن مهرباني ڪئي جو اسان کي سندن پوليس وين ۾ نوري آباد طرف هڪ پٺاڻ جي هوٽل تي آڻي ڇڏيو. خير اهو به شڪر جو جنگ مان ڌاڙيلن جي خوف کان ته بچياسين. هوٽل تي چانهن وغيره پيتيسين. محترم جويو صاحب هڪ کٽ تي پٺاڻن وارن بسترن ۾ ليٽي پيو. آئون ۽ نور محمد ڪچهري ڪرڻ لڳاسين، پر هن واڻئي ڊاڪٽر کي ڪٿي ٿو سڪون اچي هو مسلسل ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڪا ڀاڙي جي گاڏي ملي. ڊرائيورن ۽ پٺاڻن سان ٿي ڳالهايائين. اٽڪل رات جا اڍائي کن ٿيا هئا جو هڪ نئين ويگن اچي هوٽل تي بيٺي، ڪراچي کان آئي هئي صرف ڊرائيور ۽ هڪ ٻيو همراهه اڳتي ويٺل هو. ڊاڪٽر معلومات ڪڍي ته خبر پئي ته اها ويگن جنهن ۾ ٻيو شخص جيڪو ويٺل هو، اهو علڻ فقير هو، جيڪو شراب جي نشي ۾ ڌت هو ۽ گاڏيءَ ۾ به بوتل کوليو ويٺو هو. ڊاڪٽر اچي اسان کي ٻڌايو، مون ۽ نور محمد وڃي علڻ فقير کي ڏاڍي مشڪل سان سمجهايو ته جناب ابراهيم جويو به هتي اسان سان گڏ آهي ۽ هتي ستو پيو آهي ۽ تون چوين ته وٺي اچون ۽ ملون. علڻ فقير کي جڏهن اسان واري ڳالهه سمجهه ۾ آئي تڏهن رڙ ڪري چيائين اڙي جويو صاحب منهنجو ابو، منهنجو بابا هتي ڪيئن آهي، هڪدم ويگن مان لٿو ته لهندي ئي همراهه جا پير نشي ۾ ويا نڪري، ڦهڪو ڪري ها، پر آئون اڳ ئي تيار هئس جو حالت مون ڏٺي پئي سو هڪدم جهلي ورتو مانس ۽ سهارو ڏيئي اندر هوٽل ۾ وٺي آياسين، جتي جويو صاحب کي ننڊ مان اٿاريوسين، پوءِ ته علڻ، جويو صاحب جي پيرن تي ڪري پيو. خير سائين اسان به ان ويگن ۾  پويان ويٺاسين روانا ٿياسين حيدرآباد، پر واٽ تي علڻ فقير نشي ۾ وڦلندو رهيو. هڪ ته چوي جويو صاحب منهنجو بابو آهي ابو آهي آئون ان جو ٻانهون آهيان ۽ ٻيو اهو ته اچيو گاريون ڏي، ڪيڏي مهل ڪنهن کي ڪيڏي مهل ڪنهن کي. خير سائين حيدرآباد آيو ته علڻ حڪم جاري ڪيو ته بابا آئون صرف جويو صاحب کي گهر ڇڏيندس ٻئي ڪنهن سان ٻڌل ناهيان. خير سائين اسان کي به اتي ئي وڃڻو هو جتي جويو صاحب جو گهر هو، پر ڊاڪٽر جو مسئلو هو، پر پوءِ ڊاڪٽر به اسان سان نور محمد وٽ ترسي پيو. اهڙيءَ ريت اسان اٽڪل ساڍي چئين وڳي فجر جو گهر پهتاسين.

***