نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي خطرناڪ هٿيارن جي ڦهلاءُ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) خطي ۾ تباهي ڦهلائڻ واري هٿيارن جي پکيڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ گڏوگڏ اهو به عزم ڪيو ته پاڪستان هٿيارن جي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جي بنا ئي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان گڏ اسٽريٽجڪ استحڪام کي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم جي آفيسن مان جاري ڪيل پڌرائي موجب اين سي اي جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ وزيراعظم کانسواءِ پرڏيهي معاملن، دفاع، گهرو ۽ خزاني جي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، پاڪ فوج، پاڪ بحريا، پاڪ فضائيا جي سربراهن، ڊي جي انٽر سروس انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) سميت اين سي اي جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته اين سي اي جو چيئرمين وزيراعظم آهي ۽ اهو جوهري معاملن تي فيصلا سازي جو وڏو ادارو آهي. اين سي اي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اثاثن جي گڏيل سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

