هنگو ۾ سک برادري جو اسسٽنٽ ڪمشنر تي مذهب بدلائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو الزام
ضلعي هنگو سان تعلق رکندڙ سک برادري الزام هڻندي چيو آهي ته ٺل جو اسسٽنٽ ڪمشنر سندن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته اهي پنهنجو مذهب بدلائين ۽ مسلمان ٿي وڃن. علائقي ۾ آپريشن کان پريشان مسلمان ۽ سک دڪاندار جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر وٽ پهتا ته هو انهن سان بي رخي سان پيش آيو ۽ هنن کي چيائين ته توهان ڪافر آهيو جيستائين مذهب مٽائي مسلمان نٿا ٿيو تيستائين توهان جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. اسسٽنٽ ڪمشنر جي ان ڳالهه تي سک دڪاندار ڪاوڙجي پيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر شاهد محمود جي آفيس پهتا جنهن تي هن يقين ڏياريو ته هو واقعي جي جاچ ڪري حقيقت کي منظر عام تي آڻيندو. پنهنجي بيان ۾ شاهد محمود چيو ته مان حڪومت پاڪستان جي نمائندي طور تي ان ڳالهه جو پابند آهيان ته علائقي ۾ ڪنهن به مذهب جي ماڻهن سان ڪابه ناجائزي نه ٿئي. حڪومت به ان ڳالهه تي ڪاربند آهي ته اها هر مذهب جي ماڻهن کي مڪمل آزادي ڏئي. جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته هن اهڙي قسم جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي پر سک برادري کي جيڪڏهن ناراضگي آهي ته هو انهن کان معافي وٺڻ لاءِ تيار آهي. هن معاملي تي سک برادري جو چوڻ آهي ته مختلف طرفن کان انهن تي مذهب بدلائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي پنهنجومذهب بدلائين. جڏهن ته پر ڊپٽي ڪمشنر انهن کي هن مسئلي جي حل جو يقين ڏياريو آهي.

