بلاگخاص

ٽنڊوالهيار ۾ ذاتي دشمني سبب ٿيندڙ قتلن کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي انور حسين قاضي

نفرتن جي واپارين پنهنجو واپار هڪ دفعو ٻيهر شروع ڪيو آهي. اميد آهي ته اسان انهن واپارين جو وکر خريد نه ڪريون اسان جي ساڃاهه، امن سان محبت، اسان کي ڪيترو هوشمند ڪيو آهي ته جيئن اسان مان وڌ ۾ وڌ ماڻهو انهيءَ واپار جي ڪاري ڪوئلي کان پنهنجو پاڻ کي بچائين، انهيءَ ڪري جو هاڻ اسان ۾ انهيءَ واپار جي وکر وٺڻ جي طاقت نه آهي جي ها! بلڪل اسان نٿا چاهيون ته ڪجهه ماڻهن کي بچائڻ لاءِ يا انهن کي امداد ڏيڻ لاءِ ڪروڙين ماڻهن جو امن داءُ تي لڳي. اميد آهي ته ايئن نه ٿيندو، پر پوءِ به نفرت اهڙو نانگ آهي جو ڪنهن به وقت اسان کي ڏنگي سگهي ٿو. ٿيو ايئن آهي جو سال کن پهرين ٽنڊوالهيار ۾ هڪ قتل ٿيو قتل ٿيڻ جا محرڪات ملڪيت هئا انهيءَ جهڳڙي جي نتيجي ۾ هڪ قتل ٿي پيو، جي ها الطاف جسڪاڻي مرحوم جيڪو ايس. ٽي. پي جو وائيس چيئرمين پڻ هو ان کي هڪ مخالف برادري جي ماڻهن قتل ڪيو، جنهن ۾ مبينا طور خليل الرحمان عرف ڀولو خانزادو کي به استعمال ڪيو ويو جنهن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي. ڀولو جي ماضي جو ڪرمنل رڪارڊ آهي. هن تي قتل جون ايف. آءِ. آر پڻ داخل ٿيل آهن. رند برادري جي ماڻهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته انهن ڀولو خانزاده کان مدد ورتي هئي، جنهن انهن جي مدد ڪئي ۽ جڏهن الطاف جسڪاڻي قتل ٿي ويو ته انهيءَ حملي ۾ ڀولو پڻ شامل چيو ٿو وڃي، جيڪو ايف آءِ آر ۾ پڻ نامزد آهي. هڪ ڳالهه واضح ڪريون ٿا ته جڏهن الطاف جسڪاڻي جو قتل ٿيو ته ايس. ٽي. پي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ ٽنڊوالهيار ۾ گڏ ٿيا هئا، پر انهن الطاف جي قتل کي سياسي يا لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه ئي ڪا شهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي. قتل جي ايف. آءِ. آر ڪٽرائي هئي ۽ نامزد ملزمن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو جيڪو سندن حق هو.

افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ٽي ڏينهن پهرين خليل الرحمان عرف ڀولو خانزادو ڪورٽ ۾ حاضري دوران قتل ٿي ويو جنهن جو الزام جسڪاڻي برادري تي لڳايو ويو ۽ اسد جسڪاڻي ۽ ان جي ٻين ڀائرن تي الزام هنيو ويو. جيتوڻيڪ اسد جسڪاڻي خود به گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل آهي، جنهن کي پوليس ڀولو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. قتل ڪنهن جو به ٿئي اهو افسوس ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، قتل ٿيندڙ جي وارثن کي حق آهي ته هو شڪ جي بنياد تي جنهن تي چاهين ايف. آءِ. آر ڪٽرائي سگهن ٿا، اهو انهن جو بنيادي حق آهي، پر ان کان وڌيڪ افسوس ۽ مذمت جوڳو عمل اهو آهي ته انهيءَ ذاتي دشمني جي بنياد تي ٿيل قتل کي لساني رنگ ڏئي سنڌي مهاجر نفرتون اڀارجن. ٽنڊوالهيار شهر جو امن تباهه ڪجي عام ۽ بيگناهه ماڻهن جون ملڪيتون ساڙيون وڃن، گاڏيون ۽ پوليس 15 جي چوڪي تي حملا ڪيا وڃن. وري جڏهن پوليس انهن وڳوڙين کي گرفتار ڪري ته عورتن کي روڊن تي آڻي پوليس تي پٿراءُ ڪيو وڃي ۽ بلڪل اهو ساڳيو عمل ورجايو وڃي جيڪو ڪجهه وقت اڳ ايم ڪيو ايم جي ريت هئي. اتي آفاق جهڙا زهريلا نانگ اچي نفرتن جو زهر هارين جنهن مان نه صرف اتان جو امن خراب ٿئي، پر ان جا اثر پوري سنڌ تي پوڻ جو خدشو هجي. ٻئي طرف اسان جا سنڌي جذباتي جوان بنا سوچڻ سمجهڻ جي وري اردو آباديءَ جي لاءِ نفرت انگيز ڳالهيون ڪن، اسان اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. اسان جي نظر ۾ اهي قتل ملڪيت جي تڪرار جي ڪري ٿيا آهن، قاتلن کي واقعي قرار سزا اچڻ گهرجي. اسان سنڌ جو امن خراب نٿا ڏسڻ چاهيون ۽ نفرت جي واپارين ڀلي پوءِ انهن جو تعلق ڪنهن سان به هجي سندن واپار وڌڻ نه ڏينداسين.