يوڪرين ڳالهين تي راضي، پيوٽن پاران نيو ڪليئر فورس کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم
يوڪرين روس سان ڳالهين لاءِ غير مشروط ملاقات تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گذريل رات روس شهري انفرااسٽرڪچر تي گولاباري ڪئي ۽ قابض فوج شهري علائقن تي حملا ڪري رهي آهي جتي ڪو به فوجي انفرااسٽرڪچر ناهي، روسي فوج ايمبولينسن سميت هر شئي تي حملا ڪري رهي آهي. ولاديمير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته روس، بيلاروس کان يوڪرين تي حملو نه ڪيو هجي ها ته منسڪ ۾ ڳالهه ٻولهه ممڪن هئي. انهن هنڌن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون جيڪي يوڪرين خلاف جارحيت نه ڏيکاري رهيا آهن. الجزيره نيوز موجب يوڪريني صدارتي محل طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته يوڪرين روس سان غير مشروط ڳالهين تي راضي آهي، اها ملاقات وفدن جي سطح تي يوڪرين ۽ بيلاروس جي سرحد تي ٿيندي. يوڪريني حڪومت جو چوڻ هو ته روسي وفد سان ملاقات سخت خدشن سان ٿيندي. يوڪرين جو چوڻ آهي ته بيلاروس جو صدر يوڪريني وفد جي سلامتي جي ضمانت ڏني آهي. ٻئي پاسي روسي صدر ولاديمير پيوٽن روسي فوج جا جوهري هنڌ رکندڙ يونٽ (نيو ڪليئر فورس) کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيويارڪ پوسٽ موجب روسي صدر پيوٽن طرفان نيوڪليئر فورسز کي ڏنل اها هدايت روس جي جوهري هٿيارن جي لانچنگ بابت خطري جي گھنٽي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي ڄاڻايل هدايتن سان امڪان آهي ته روس ۽ يوڪرين تڪرار ائٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو. اعليٰ روسي عملدارن سان ملاقات دوران پيوٽن بچاءَ واري وزير ۽ فوج جي سربراهه کي هدايت ڪئي ته هو جوهري هٿيارن سان ليس خاص يونٽ کي تيار رکن. روسي سرڪاري ٽي وي تي قوم سان خطاب ڪندي پيوٽن چيو ته اولهه وارا ملڪ نه رڳو اقتصادي ميدان ۾ اسان جي ملڪ خلاف غير دوستاڻا قدم کڻي رهيا آهن، جڏهن ته نيٽو جي اهم ميمبر ملڪن طرفان اسان جي ملڪ خلاف جارحاڻن بيانن جو سلسلو جاري آهي، تنهن ڪري مان بچاءَ واري وزير ۽ آرمي چيف کي حڪم ڏنو آهي ته اهي نيوڪليئر فورس کي تيار رکن.

