ادب

ڊائري جا ورق خواجھ غلام علي کوساڻي | مارچ 2022

17 آگسٽ2001 امان وٽ تقريبن روز ويندو آهيان، ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري ايندو آهيان. امان ويچاري اڪيلي ٿي پئي آهي. منصور نوڪري جي ڪري ٻاهر ٿو رهي ۽ ٻار به وٺيو وڃي. امان کي ڀيڻ حميده ئي سنڀاليندي آهي. خرچ سڄو منصور ڏيندو آهي، باقي دوا درمل ۽ کاڌي پيتي جي نگراني حميده، تانيا ۽ ادي فرزانه ڪنديون آهن. ڏينهن جو ته اهي يا ٻيا ايندا ويندا رهندا آهن، پر رات جو هوءَ بلڪل اڪيلي هوندي آهي. ٻه نوڪر هڪ ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪرو گهر ۾ سمهاريندي آهي. انٽر ڪام ۽ ٽيليفون به پاسي ۾ اٿس، پر اڪيلائي وري به امان کي ڏنگيندي آهي. پوءِ مولا جي تصوير ۽ ابا جي تصوير سان ڳالهائيندي رهندي آهي. رات آئون ويس ته اڪيلي ۽ اداس ويٺل هئي، تسبيح هٿ ۾ هئس. مون کي ڏسي خوش ٿي، ڳل تي ٻه چميون ڏيئي ڏاڍيون دعائون ڪيائين. پوءِ جڏهن مون اداسيءَ جو سبب پڇيو ته چيائين، ابا ڇا ٿو پڇين اکين جي آپريشن کانپوءِ ڊاڪٽر چيو آهي ته روئڻ ۽ اکين کي مهٽڻ نه گهرجي، ابا پر اڄ آئون الائي رني آهيان. حميده به مون کي دڙڪا ڏنا ته روئنديس ته اکيون خراب ٿينديون، پر ابا ڇا ڪريان منهنجا سهڻا ٻچا، اول سليم جيڪو محنت ۽ تڪليفن سان سخت ٽريننگون ڪري اڃان هاڻ ڊي ايس پي ٿيو هو ته اوچتو گذاري ويو ته وري ٻيو ڇوٽو. منهنجو سدا سهڻو هميشه کلندڙ، صحتمند جوان، جنهن به سخت محنت ۽ پورهيا ڪيا ۽ اڃان ڪوبه سک ۽ آرام به ڪونه ڏٺائين ۽ اوچتو گذاري ويو، منهنجا آنڊا وڍجي ويا. اڃان اهو ڌڪ به ڪونه پچايم ته مٿان منهنجو ڌڻي منهنجي سر جو سائين ۽ سڄي خاندان جو بنياد تنهنجو پيءُ گذاري ويو، تنهن ته مون کي مورڳو ڊاهي وڌو. پڻهين جي وڃڻ کانپوءِ جيڪي ويجها هئا، انهن به مون کي ڏک ڏنا ۽ هاڻ اچن ئي ڪونه. آپريشن کانپوءِ مون وٽ سڀ آيا، پر ڪي ويجها مائٽ به ڪونه آيا آهن. سو ابا اهي ڏک آهن، اڄ ان ڪري رنيس جو ڪٻٽ کوليم ته هڪ لفافو ڪريو کڻي ڏٺم ته ان ۾ هڪ تصوير هئي جنهن ۾ ڇوٽو مون کي ڀاڪر پائي ويٺو کلي. ڳاڙهو صحتمند وڏو منهن جهڙوڪر جيئرو ويٺو آهي اجهو ٿو اٿي. بس اهو ڏسي تصوير ڇاتيءَ سان لاهي ويهي رهيس، روئڻ ۽ ڳوڙهن کي ڪير روڪي، بس ابا اهي ته نصيب جا لکيل ڦٽ آهن.

***

21 آگسٽ 2001

چوندا آهن مومنن تي مصيبتون ۽ آزمائشون گهڻيون اينديون آهن. اسان جو گذر سفر اڳ ئي ڪجهه تنگ هو. هر مهيني پنج ڇهه هزار آمدني کان وڌيڪ هئا ته اوچتو سارنگ جي نوڪري ختم ٿي وئي. پگهار بند ٻيو وڏو ذريعو بنگلي جي مٿئين منزل جي مسواڙ، جيڪو گذريل مهيني خالي ٿي ويو. ٻه مهينا ٿيا آهن قرض کڻي رهيا آهيون. بهرحال مولا وڏو آهي، سارنگ ۽ ساجن جي آمريڪا يا لنڊن وڃڻ لاءِ ڪوششون پيا ڪريون. اصل ۾ سارنگ کي ٽي سال اڳ مڱڻو ڪرڻ کانپوءِ ٻاهر هليو وڃڻ گهرجي ها، پر جيئن ته هتي اڪائونٽ اسسٽنٽ جي نوڪري ۽ تعليم به جاري هئي اهڙو خيال يا ارادو ئي نه ٿيو. بهرحال اهو خيال دير سان آيو، پر درست آيو آهي. آئون ۽ منهنجا ٻار، زال سڀ هميشه دين ۽ جماعت سان وابسته رهيا آهيون، آئون گهٽ پر ٻار ۽ رضيه وڌيڪ. ساجن ۽ سارنگ ته خدمت جي ڪيترن ئي ادارن ۾ آهن. بئنڊ، اسڪائوٽ، ويلفيئر وغيره جهڙين ڪيترين ئي تنظيمن ۾ رهيا آهن. هميشه سچ، حق، نيڪي، رحمدلي ۽ خدمت جا جذبا آهن. مولا جي رحم ڪرم جي اميد آهي، اڪاري پار ڪندو. آمين.

***

22 آگسٽ 2001

53 سال عمر گذري وئي آهي، هاڻ بيمارين به منهن ڪڍڻ شروع ڪيو آهي. ڪجهه اسان جي افعالن ۽ ڪجهه ملاوٽي زماني جي خرابين هونئن ئي عمر جي حد گهٽائي ڇڏي آهي. هاڻ ايئن ٿو لڳي ته اوچتو ڪنهن وقت ڪو جهٽڪو ايندو ۽ حيات تمام ٿي ويندي. ان ڪري اڪثر اهو خيال ايندو آهي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکان. دوست به اصرار ڪندا آهن ته حياتي جو احوال لکڻ شروع ڪجي. خاص طور تي بابل ۽ نور محمد چوندا آهن ان ڪري به جو انهن دوستن جو مون سان گهاٽو تعلق رهيو آهي. مون به ارادو ڪيو آهي ته پنهنجي آتم ڪٿا لکندس. ڪجهه نوٽس مون ڪنهن ڪنهن واقعي تي ورتا آهن، ڪجهه واقعا سڄي جا سڄا مون لکيا به آهن، ڊائريون به آهن. بس محنت ۽ يڪ سوئي جي ضرورت آهي. سوچيان ٿو ته ڪجهه مسئلا آهن جيڪي دور ٿين ته هڪ منو ٿي ويهي لکان: هڪ ته رضيه جي صحت ٺيڪ ٿئي، ٻيو ته روزگار ڪجي ته جيئن پئسن جي تنگي دور ٿئي، ٽيو سارنگ جي شادي ڪرائڻي آهي، ان لاءِ به رقم گهرجي. بهرحال هاڻ ارادو آهي ته لکڻ ۾ دير نه ڪندس. ڇاڪاڻ ته هاڻ زندگيءَ جي شام ٿي آهي، ڪوبه ڀروسو ڪونهي ڪيڏي مهل رات ٿي وڃي، ان لاءِ مان جلد تياري شروع ڪندس.

***

14 آڪٽوبر 2001

12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف جي قيادت ۾ فوج اقتدار حاصل ڪيو. بي ايماني ۽ کلي دهشتگردي سان ڪوڙ جو جيڪو ڪوٽ مدي خارج نظرين تحت کڙو ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هميشه جيان وڌيڪ تباهي، بربادي ۽ ملڪ جي دائمي مفادن کي زبردست نقصان رسايو آهي. سو هاڻ هيءَ سرڪار سالن کان سخت لوڏن ۾ آهي. سڀئي قوتون ٿوڻيون ۽ ٿنبا هڻي ان ناڪاره ڍانچي کي مزيد ڪجهه وقت بيهارڻ جي ڪوشش ۾ آهن، پر تاريخ ۽ وقت جو فيصلو اٽل آهي.

***

26 آڪٽوبر 2001

رب جو شڪر آهي ته هن رحم، ڪرم فرمايو. ڪيئي خامين ۽ گناهن جي باوجود هڪ ڀرپور زندگيءَ جي نعمتن سان نوازيو آهي. اڌ صدي کان وڌيڪ حياتي عطا ڪئي. حيات جا سڀ سک ۽ سهنج ڏنا آهن. تمام حسرتون اميدون پوريون ڪيون آهن. موت برحق آهي، جڏهن به سڏ ٿيو ته ٽپڙ تيار آهن. هونئن به هاڻ زندگيءَ جي شام آهي، پوئتي پير آهن، هاڻ توانائي ۽ طاقت گهٽ ٿيندي وڃي، جسم ۽ جان به ڪمزور ٿيندا وڃن. بس هڪڙي تمنا آهي ته پنهنجي آتم ڪهاڻي لکان. زندگيءَ جا واقعا ۽ حالتون لکي وٺان. وقت ۽ حياتي ساٿ ڏنو ته ضرور لکندس، پر هاڻ بيمارين به اچي ورتو آهي. ڪوبه ڀروسو ڪونهي ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ مان هر صورتحال لاءِ تيار آهيان.