خاص

هڪ نه وڌيڪ خط، وزيراعظم کي قتل ڪرڻ جي سازش!

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته وزيراعظم عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ کيس قتل ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي مارڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي ۽ کيس ڪيترائي ڀيرا چيو ته جلسي ۾ بلٽ پروف شيشو لڳرائي، پر وزيراعظم چيو موت لکيل هوندو ته هو هليو ويندو. قتل واري ڳالهه خط ۾ لکيل آهي؟ سوال تي فيصل واوڊا چيو ته قتل واري ڳالهه خط سان جڙيل آهي، رڳو هڪ خط ناهي.