پاڻي، ذريعا، وسيلا ۽ سياست رياض ابڙو اپريل 2022
ڪيڏي سياسي حرفت، سياسي چالاڪي، وقتي ٺڳي آهي ۽ موسمي چوري چئون جو جڏهن جڏهن اپريل ٿو اچي، جڏهن جڏهن خريف جا فصل ٿا اچن، جڏهن جڏهن ساريالي فصل جي مند چڙهي ٿي اچي، تڏهن تڏهن پنجاب ارسا جي 1991ع واري ٺاھ جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، پاڻيءَ جي ورڇ تي سياست ٿو ڪري، ڊيمن جو ڊرامو ٿو ڪري، حالانڪه 1993ع کانپوءِ پنجاب مسلسل پاڻيءَ جون چوريون ڪري وڃي 48 سيڪڙو تائين پڄائي آهي، هنن اهڙيون پاڻي جون چوريون ڪري پنهنجن ڇھ ماهي واهن، ڪينالن ۽ نالن (جيئن چشما ڪينال تي پابندي هئي ته هو اهو ڪينال نه وهائيندا) کي ٻارهن مهينا وهائيندا رهن ٿا. ان ڪري 1990ع کان اڳ اسان وٽ ڇھ مهينا وهندڙ ڪينال هاڻي ٻه مهينا به نٿا هلن. وري ايڏي واويلا، احتجاجن ۽ ڌرڻن کانپوءِ پنجاب جون رياستي قوتون روڪيل 48 سيڪڙو پاڻي مان رڳو هاڻي 27 سيڪڙو پاڻي ڏيڻ تي راضي ٿي ويون آهن، جو هاڻي 127000 ڪيوسڪ مان وڌائي 225000 ڪيوسڪ پاڻي وهائي ڏنو اٿن، پر اهو مڃڻ ضروري آهي ته ملڪ جو جي ڊي پي جو 21 سيڪڙو زرعي سيڪٽر تي ٿو ڀاڙي ۽ ايڪسپورٽ جو 80 سيڪڙو شيون زرعي پيداوار آهن جنهن ۾ ڪپھ، تيلي ٻج، چانور ۽ ميوا وغيره شامل آهن. وري اهو به ته 79.6 هيڪٽر (هڪ هيڪٽر معنيٰ ڏھ هزار چورس ميٽر) ڪل زمين آهي جيڪا زرعي طريقي سان آباد ڪري سگهجي ٿي، پر ان مان رڳو 22.1 هيڪٽر زمين زرعي آهي جنهن مان پيداوار ملي ٿي باقي رهيل زمين جهنگ، بيابان، ٻيلا، جبل، رڻ پٽ ۽ ريگستان آهن جيڪي آباد نٿا ڪري سگهجن، پر اسان جو ملڪ اهڙو آهي جنهن جي 60 سيڪڙو آبادي رڳو زرعي سيڪٽر تي ٿي ڀاڙي ۽ جنهن ۾ ايڪو سسٽم سميت گليشيئر جو پاڻي 95 سيڪڙو رڳو زرعي آبادي لاءِ استعمال ٿو ٿئي، پر حيرت آهي پاڪستان پوءِ به دنيا جو 36 هون ملڪ آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب جهيڙا جهٽا، ڦڏا فساد ۽ قومي سطح تي چوريون به ٿينديون رهن ٿيون جنهن جو تدارڪ اهو آهي ته هر سال پاڻي روڪي ان تي قومي سطح تي نفرتون پکيڙيون وڃن ٿيون، پاڻي ڪانفرسن ڪرائي اتي اعليٰ آفيسرن جي قومي تذليل ڪئي وڃي ٿي، پر جڏهن ڳالھ ڳاٽي کان چڙهي وڃي تڏهن 48 سيڪڙو پاڻي مان رڳو 27 سيڪڙو پاڻي ڏئي ڳالھ لئي مٽي ڪري وري سال گذارجي ٿو. ڇو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري جتي ٻيلا، جهنگ جهر، وڻ ٽڻ تباھ ٿي ويا آهن (۽ ٿيندا رهن ٿا) اتي ايڪو سسٽم به تباھ ٿي ويو آهي ۽ اڃان ٿيندو رهندو. معنيٰ جنهن کي پاڻي جي سائيڪل چئون ته مينهن وسن، ڌرتي سيراب ٿئي، گليشيئر جي برف پگهرجي، جر ڀرجن، فصل ٿين، وري پاڻي ٻاڦ بڻجي ۽ وري مينهن وسن، موسم ٿڌي مان گرم ٿئي ته گليشيئر برف جا پهاڙ، جبل ۽ ٽڪريون ڳري واهرن مان وهي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪن، معنيٰ اها سڄي سائيڪل ۽ ايڪو سسٽم رڳو ان ڪري به تباھ آهي جو صوبن کي پاڻي پورو نٿو ملي، پر هنن پنجاب وارن ته ان پاڻي تي به تالا هڻي ڇڏيا آهن، مطلب ته جڏهن پاڻي سنڌوءَ مان وهي ٿو نڪري تڏهن اهي وري ڊيم ڀري رکي ٿا ڇڏين جيڪي لکين ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن جن جي استعمال لاءِ سنڌ بلوچستان هر سال جيستائين روڄ راڙو، هل هنگامو، جلوس جلسا، احتجاج ۽ هڙتالون نه ڪن تيستائين پنجاب کي پاڻي هيٺ ڇڏڻو ئي ناهي، باقي جڏهن چوماسي جون هوائون لڳن، بارشون ٻوڏون آڻين جڏهن اهي ڳن وارا ٻڏن، پاڻي تباهي آڻين تڏهن اهي 48 سيڪڙو کان به وڌيڪ پاڻي هيٺ ٿا ڇڏين. ڇو ته ٻڏندا وري به ملتان کان هيٺ وارا علائقا يا اهي ڪچي واريون زمينون جيڪي سکر ۽ خيرپور کان هيٺ اينديون باقي وري به ڳن تي خير، ٻڏن مرن هيٺ، جي پاڻي گهٽ ته به ڏمر جي گهڻو ته به ڏمر پڇڙي وارن جي لاءِ.
هي پنجاب وارا سدائين اسان قومن کي سستي هائيڊل پاور جي بجلي جا ڏٽا ڏئي اسان کان اسان جو زرعي سيڪٽر به کسيو ويٺا آهن ۽ اتي سڀ ترقي پنهنجي نالي ڪريو ويٺا آهن. معنيٰ 87 سيڪڙو بجلي جا گهر پنجاب ۾، منگلا، تربيلا ۽ چشما جهڙا وڏا ڊيم به پنجاب ۾، پر هاڻي ته سڄي دنيا پاور سيڪٽر ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيا آهن. معنيٰ آمريڪا، جرمني، چائنا ۽ فرانس سميت سڀني ملڪن بجلي پيدا ڪرڻ جا ذريعا هائيڊل نه پر ”سولر“ ڳولهي لڌا آهن، انهن ته 70 کان 80 سيڪڙو گاڏيون به سولر انرجي تي ڪنورٽ ڪري ڇڏيون آهن. اهي ته ماحول جي بهتري لاءِ سولر انرجي استعمال ٿا ڪن ۽ ايڪو سسٽم جي بهتري لاءِ گليشيئر جو پگهرجندڙ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿا ڪرائين ته جيئن سمنڊ جي جيوت به جيودان وٺي، دريائن سان لڳ ٻيلا، جهنگ جهر به سيراب ٿا ڪن، ان ڪري انهن وٽ بارشن جي گهڻائي ٿي ٿئي، وڻ ٽڻ به برابر پاڻي ٿا پيئن، انهن جو زرعي سيڪٽر به آباد ٿو هجي. معنيٰ ايڪو سسٽم کي بچايو ويٺا آهن، پر پنجاب وانگي بدنيتي نٿا ڪن. ڇو ته اسان وٽ ته اين ايف سي ايوارڊ به پنجاب جا، خانگايل ادارا به پنجاب جا، گليشيئر جو پاڻي به پنجاب جو، دريائن جو پاڻي به پنجاب جو، زرعي سيڪٽر به پنجاب جو، صحت ڪارڊ به پنجاب جا، عام ماڻهن جي انشورنس به پنجاب جي، مزدور ڪارڊ به پنجاب جا، راشن ڪارڊ به پنجاب جا، شيلٽر هوم به پنجاب جا، اسٽبلشمينٽ به پنجاب جي، هر ڳالھ جتي پنجاب جي اتي اسان جا معدني وسيلا به پنجاب جا، پر اسان پنجاب جا ناهيون ايئن ئي ڌرتي اسان جي ۽ رهائشي پروجيڪٽ وري پنجاب جا ۽ سنڌو اسان جو، پر پاڻي پنجاب جو.
24 مئي 2021ع واري ميٽنگ ۾ ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ ان ڳالھ تي راضي هئا ته تئونسا ڪينال ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويندو، پر پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪي متنازعه ڪينال کولي ان ۾ 500 ڪيوسڪ پاڻي چوريءَ وهائي ڇڏيو، جنهن کي ٺاھ تحت کولڻو ئي نه هو، پر ارسا جي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪيستائين؟ ان ڪري ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي آڏو اها اپيل رکڻ گهرجي ته اهي اختياريون اهڙي متنازع ٺاھ کي وري ڏسن ته جتي جتي پنجاب ڀڃڪڙيون پيو ڪري اتي ان کي ٽيئي صوبا روڪين ته پنجاب اهڙي پاڻي جي چوري نه ڪري ۽ پنجاب کان هيٺ ارسا جي ٺاھ موجب پاڻي ڇڏي، پر ناانصافي اها به هئي جو بلوچستان جو ميمبر ان گڏجاڻي ۾ هو ئي نه ۽ اتي سنڌ ارسا جي چيئرمين جي هٽائڻ جي قرارداد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پڻ منظور ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ اهو چيئرمين آهي ئي پنجاب جو، معنيٰ ٻڪري کي گاھ جي واهت تي ويهاريو اٿن، پوءِ ته پاڻي چوري ٿئي ئي ٿئي. ڇو ته سکر بيراج وٽ سدائين 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿي رهي. وري گڊو بيراج وٽ 28 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿي رهي. سڄي ملڪ ۾ 619 ڪينال ۽ 69 ننڍڙا ننڍڙا ڊيم ٺهيل آهن جن مان 85 سيڪڙو رڳو پنجاب ۾ آهن، وري ارسا جي ٺاھ موجب پنجاب 55.94 سيڪڙو پاڻي کڻندو. سنڌ 48.76، ڪي پي ڪي 8.78 ۽ بلوچستان 3.78 پاڻي کڻندو، پر 1993ع کانپوءِ آهستي آهستي پنجاب پهرين سنڌ جي 48 سيڪڙو مان 12 سيڪڙو پاڻي چورائي ويو. وري اهو سيڪڙو هلي هلي 48 سيڪڙو تائين پڳو جو اسان جو اڌ جو اڌ پاڻي چوري ٿو ڪري، وري انگن اکرن موجب پنجاب جي زرعي آبادي واريون زمينون 73 سيڪڙو آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري رڳو 14 سيڪڙو زرعي آبادي واريون زمينون بچيون آهن. جڏهن ته 5 سيڪڙو ڪي پي ڪي ۾ ۽ 4 سيڪڙو بلوچستان جون زمينون آباد رهن ٿيون جنهن مان زرعي پيداوار ملي ٿي. ڇو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ريگستان، رڻ پٽ، غيرآباد ميدان، ڦٽل جهنگ جهر تمام گهڻا آهن جن مان وڏن شهرن جي ارد گرد زمينون وري رهائشي اسڪيمن ۾ تبديل ٿي ويون آهن ۽ رهيل کهيل کليل ميدان به آهستي آهستي رهائشي پروجيڪٽن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. اهو مڃون ٿا ته اسان جا وزير پ پ جا هجن يا اينٽي پ پ جا، پر ڪڏهن ڪڏهن کير ملهائين ٿا (پر اردو ميڊيا ۽ سنڌ جا غير سنڌي وزير ڪڏهن به نه) جو گذريل مئي مهيني جي آخري هفتي ۾ پاڻي جي معاملي تي ڏند چڪ ڏيڻ تي وزيراعظم سڀني صوبن جي گڏجاڻي ڪوٺائي ۽ صوبن جا ڏک سور ٻڌا جيڪي رڳو پاڻي جي حوالي سان هئا، پر اهڙي صورتحال اچي يا بڻجي ڇو ٿي جنهن ۾ ارسا جي ٺاهن جي ڪا اهميت نه ٿي هجي يا جڏهن مرڪز ۾ پ پ جي حڪومت نه ٿي هجي تڏهن پاڻي جا مسئلا ڪَرُ ٿا کڻن يا اسان جي سول سوسائٽي جيڪا ان معاملي ۾ گهڻي سجاڳ آهي، سوشل ميڊيا تي باھ ٻاري ٿا ڏين يا جيڪي ڌرتي جا هڏ ڏوکي ٻاهرين ملڪن (خاص ڪئناڊا) ۾ رهن ٿا اهي به ڀرپور احتجاج رڪاڊ ٿا ڪرائين، اهي ياداشتون پيش ٿا ڪن انهن ۾ ڀلي پوءِ بحريا ٽائون وارو مسئلو به ڇو نه هجي يا ٻيا سڀ قومي مسئلا، پر ڳالھ حيرت جي اها آهي ته اسان جو صنعت جو وزير اهڙو شخص جيڪو پيشي جي حوالي سان وڪيل آهي ان کي ڪهڙي خبر ته امپورٽ، ايڪسپورٽ، جي ڊي پي جا انڊيڪيٽر يا پرڪيپيٽا انڪم ڪيئن وڌي يا وڌائجي، تيئن ئي هنن پاڻي جي وزارت اهڙي شخص (فيصل واوڊا) کي ڏني هئي جنهن پنهنجي تڪ اين اي 249 ۾ ڪڏهن تڪليف نه ڪئي ته انهن ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ملي به ٿو يا نه انهن جي صحت جون سهولتون ڪهڙيون آهن اتي جي صفائي سٿرائي، امن امان جا مسئلا، سرڪاري اسڪولن جو حال ڪهڙو آهي. پوءِ ان کي ڪهڙي خبر ته قومي سطح تي پاڻي جي ورڇ جا مسئلا ڪهڙا آهن. ارسا ايتري لاچار ڇو آهي، ارسا يرغمال ڇو آهي؟ بس مڙئي وزارتون پيون هلن.

