احتساب ڪندڙ دوست ڪيئن هر شيءِ تبديل ڪري سگهي ٿو؟ باب ارڙهون ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي
پائلٽ طور ڪم ڪندڙ روجر فشر ٻين جنگ عظيم ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ هارورڊ لا اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ تقريبن چوٽيھ سال جهيڙن نبيرڻ ۽ تنازعن کي گھٽائڻ ۽ ڪامياب مذاڪرن ڪرڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي. هن کي هارورڊ جي مذاڪرن واري منصوبي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هن ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪم ڪيو ۽ دنيا جي عظيم اڳواڻن سان گڏ امن ذريعي مسئلن جي حل، يرغمال ٿيل ماڻهن جي بحرانن ۽ سفارتي سمجهوتن تي ڪم ڪيو، پر اها 1970ع ۽ 1980ع جي ڳالھ آهي، جڏهن نيو ڪليائي جنگ جي ڌمڪي عروج تي هئي، فشر پنهنجو هڪڙو دلچسپ خيال پيش ڪيو.
ان وقت جڏهن فشر سڄي توجھ ان حڪمت عملين ٺاهڻ تي ڏيئي رهيو هو جيڪي نيو ڪليائي جنگ کي روڪي سگھن. ان وقت هن مٿان هڪڙي اهم حقيقت آشڪار ٿي. ان وقت جي موجوده صدر کي اهو اختيار حاصل هوندو ته هو اهي ڪوڊ استعمال ڪري سگھي جيڪي لکين ڪروڙين انسانن جي جانين وٺڻ جو سبب بڻجي سگھيا ٿي، پر اهو لقاءُ هو صدر پاڻ نٿي ڏسي سگھيو. ڇاڪاڻ جو هو خود ان لقاءُ کان هزارين ميل ڏور ويٺو هوندو.
هن 1981ع ۾ لکيو ته ”منهنجي تجويز نهايت سادي آهي. اهو ڪوڊ نمبر هڪڙي ننڍڙي ڪيپسول تي لکيو وڃي ۽ اهو ڪيپسول هڪڙي رضاڪار جي دل واري پاسي پيوست ڪيو وڃي. اهو رضاڪار جڏهن صدر صاحب سان گڏ هجي ته پاڻ سان گڏ وڏو ڪاسائي وارو ڪات کنيو هلي. جڏهن به صدر صاحب ان نيو ڪليائي هٿيار کي هلائڻ چاهي ته ان جو فقط هڪ طريقو هجي ۽ اُهو اِهو ته هو پنهنجي هٿن سان پهرين ان رضاڪار کي قتل ڪندو ۽ اهو ڪيپسول حاصل ڪندو. هو فقط هڪڙي ان ماڻهو کي ماريندو. صدر چوندو ته ”جارج، مون کي افسوس آهي، پر ڪروڙين ماڻهن کي لازمي مرڻو پوندو. گھٽ ۾ گھٽ هو ڪنهن کي ته ڏسندو ۽ سوچيندو ته موت ڇا آهي، هڪڙو معصوم موت! وائٽ هائوس جي قالين تي ڳاڙهو رت!“ اهو آهي حقيقت کي گھر اندر وٺي اچڻ.
جڏهن مون اها تجويز پينٽاگون ۾ ڪم ڪندڙ دوستن کي ڏني ته هنن چيو ”خدايا! اها ڳالھ ته ڏاڍي ڏکي آهي. ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو عمل صدر جي فيصلي کي تبديل ڪري سگھي ٿو. اهو ٿي سگھي ٿو ته هو اهو بٽڻ دٻائي ئي نه!“
چوٿين قانون تي اسان جي سموري ڳالھ ٻولھ دوران اسان اهو ڏٺوسين ته سٺيون عادتون اطمينان جو فوري احساس بخشين ٿيون. فشر جي تجويز چوٿين قانون جو ابتڙ هئي يعني ان کي تمام گھڻو غير اطمينان بخش بڻايو.
اهو ايئن آهي ته اسين ان تجربي کي دهرائڻ چاهيندا آهيون جنهن جو نتيجو اطمينان بخش هجي ۽ ان تجربي کان نٽائيندا آهيون جنهن جو نتيجو تڪليف ده هجي. تڪليف ۽ درد موثر استاد آهن. جيڪڏهن ناڪامي تڪليف ده آهي ته اها دور ٿي ويندي، جي نه ته اها اوهان نظر انداز ڪري ڇڏيندو. جڏهن به نتيجا شديد هجن ته انسان جلدي سکندو آهي.
اسين بريون عادتون ان ڪري بار بار دهرائيندا آهيون جو اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسان کي آرام پهچائينديون آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو انهن مان جند ڇڏائڻ مشڪل هوندي آهي. ان سڄي لقاءُ کي منهن ڏيڻ جو بهترين طريقو جيڪو مون کي سمجھ ۾ اچي ٿو سو اهو آهي ته ان رويي سان جڙيل سزا کي وڌائي ڇڏجي. عمل ۽ ان جي نتيجن ۾ خلا نه هجڻ گھرجي.
جيئن عمل ٿئي ته ان سان گڏ ان سان سلهاڙيل نتيجا تڪڙو ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ته اهو رويو خود بخود تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويندو. ڪسٽمر کي جڏهن ليٽ في پيارڻي پوندي ته هو پنهنجا بل وقت تي ادا ڪندو. شاگرد جا گريڊ جڏهن ڪلاس ۾ ان جي حاضري سان سلهاڙيل هوندا ته هو لازمي ڪلاس ۾ ايندو. اسان ٿوري تڪليف کان بچڻ لاءِ وڏا ٽپا ڏيندا آهيون.
ظاهر آهي ته ان جي هڪڙي حد آهي. جيڪڏهن رويي کي تبديل ڪرڻ لاءِ اوهان سزا تي ڀاڙيندا رهيا ته پوءِ سزا جي قوت کي به رويي جي تبديلي جي برعڪس قوت سان مقابلو ڪرڻو پوندو. وڌيڪ پئداواري ٿيڻ لاءِ، نٽائڻ جي قيمت، سرگرمي جي قيمت کان وڌيڪ هئڻ گھرجي. صحتمند هئڻ لاءِ، سستي جي قيمت ورزش جي قيمت کان وڌيڪ هئڻ گھرجي. ريسٽورينٽ ۾ سگريٽ پيئڻ تي يا وري شين کي ري سائيڪل نه ڪرڻ تي لڳل جرمانو ان تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ نتيجي جي ڀوڳنا آهي. رويو تڏهن تبديل ٿئي ٿو جڏهن سزا تڪليف ده هجي ۽ زبردستي ان جو اطلاق ٿئي.
عام طور تي نتيجا جيترو اتان جي سماج سان سلهاڙيل، ٺوس ۽ تڪڙا هوندا اوترو ئي ان فرد جي رويي ۾ تبديلي تي اثر انداز ٿيڻ جا چانس وڌيڪ هوندا. ان جي برعڪس، اهي جيترو وسيع، مبهم ۽ ٺوس نه هوندا اوترو ان جا نتيجا دير سان نڪرندا.
شڪر آهي ته ڪنهن به بري عادت جي تڪڙي قيمت ادا ڪرڻ جو هڪڙو سڌو سنئون طريقو آهي: عادت جو معاهدو.
عادت جو معاهدو:
گاڏيءَ ۾ سيٽ بيلٽ لڳائڻ جو پهريون قانون پهرين ڊسمبر 1984 تي نيو يارڪ ۾ پاس ٿيو. ان وقت فقط 14 سيڪڙو ماڻهو آمريڪا ۾ سيٽ بيلٽ جو استعمال ڪندا هئا، پر اهو مامرو هو تبديلي جو.
پنجن سالن جي اندر، اڌ رياستن ۾ سيٽ بيلٽ لڳائڻ جو قانون پاس ٿيو. اڄ پنجاهه مان اوڻونجاھ رياستن ۾ قانوني طور تي سيٽ بيلٽ لڳائڻ لازمي آهي ۽ اهو فقط قانون ناهي، پر ڪيترائي ماڻهو سيٽ بيلٽ ان ڪري لڳائين ٿا جو اهي ڊرامائي انداز ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. 2016 ۾، 88 سيڪڙي کان مٿي آمريڪي ڪار ۾ ويهڻ شرط سيٽ بيلٽ لڳائيندا هئا. ٽيهن سالن جي عرصي ۾ ڪروڙين ماڻهن جي عادتن ۾ مڪمل تبديلي رونما ٿي ويئي.
قانون ۽ ڪارروايون هڪڙو مثال آهن ته ڪيئن حڪومتون سماجي معاهدن وسيلي عادتون تبديل ڪري سگھن ٿيون. سماجي طرح، اسان اجتماعي طور تي ڪجھ اصولن جي پوئيواري ڪرڻ تي راضي هوندا آهيون ۽ پوءِ هڪڙي گروھ جي شڪل ۾ ان تي عمل پيرا به ٿيندا آهيون. جڏهن به ڪو نئون قانون روين تي اثر انداز ٿيندو آهي، جهڙوڪ: سيٽ بيلٽ جو قانون، ريسٽورينٽ جي اندر سگريٽ پيئڻ تي بندش جو قانون، لازمي ري سائيڪلنگ جو قانون ته اهو هڪڙو مثال آهي، پنهنجي عادتن کي سماجي معاهدي تحت شڪل ڏيڻ جو. گروھ جي صورت ۾ اسان ان قانون جي پاسداري ڪرڻ تي رضامندي ڏيکاريندا آهيون ۽ جيڪڏهن ان تي عمل نه ڪيو ته اسان کي ان جي سزا ڀوڳڻي پوندي آهي.
جيئن حڪومتون قانون جو استعمال ڪندي پنهنجي شهرين کي جوابده ڪن ٿيون، اوهان به عادت جي معاهدي تحت پاڻ کي جوابده ڪري سگھو ٿا. عادت جو معاهدو هڪڙو زباني يا لکت وارو معاهدو آهي جنهن ۾ اوهان ڪنهن مخصوص عادت لاءِ پنهنجي عزم کي بيان ڪري سگھو ٿا ۽ نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان جي سزا ڄاڻائي سگھو ٿا. ان ڪم ۾ اوهان هڪ يا ٻه پنهنجا هم خيال ماڻهو پاڻ سان ملايو جيڪي اوهان کي ان ڪم لاءِ جوابده ڪن ۽ اهي به اوهان سان گڏ اهو معاهدو صحيح ڪن.
منهنجي علم مطابق اهو پهريون ماڻهو جنهن ان حڪمت عملي کي عملي جامو پهرايو سو هو نيشويل، ٽينيسي جو برين هيرس. پنهنجي پٽ جي ڄمڻ کان ترت پوءِ، اهو ڄاتو ته کيس وزن گھٽائڻ جي ضرورت آهي. هن پنهنجي، پنهنجي زال ۽ ٽرينر جي وچ ۾ عادت جو معاهدو لکيو. ان جو پهريون ڊرافٽ هن ريت هو، ”برين جو سال 2017 جي پهرئين ٽماهي جو پهريون نمبر مقصد آهي ته هو متوازن غذا واپرائيندو ته جيئن هو بهتر محسوس ڪري ۽ بهتر نظر اچي. ان سرگرمي وسيلي هو پنهنجي ڊگھي مدي واري مقصد يعني 200 پائونڊ ۽ 10 سيڪڙو چرٻي گھٽائڻ کي حاصل ڪندو.“ ان بيان جي هيٺان، هيرس هيٺيون پلان جوڙيو ته جيئن اهي گھربل ۽ آئيڊيل نتيجا حاصل ڪري سگھجن:
فيز 1: پهرئين ٽماهي ۾گھٽ ڪاربو هائيڊريٽس واري کاڌي تي واپس اچبو.
فيز 2: ٻئين ٽماهي ۾ کاڌي جو پلان ٺاهي ان تي سخت عمل ڪبو.
فيز 3: ٽئين ٽماهي ۾، پنهنجي کاڌي جي تفصيلن کي نوٽ ڪبو ۽ بهتر بڻائبو.
آخر ۾ هن پنهنجي روزمره جي عادتن بابت لکيو جيڪي هن کي پنهنجي ان مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهيون ٿي. مثال طور: روزانو کاڌي جو رڪارڊ رکڻ ۽ پنهنجو وزن ڪرڻ.
ان کانپوءِ هن پنهنجي سزا به مقرر ڪئي. ”جيڪڏهن برين اهي ٻه ڪم نه ڪندو ته کيس هيٺيان نتيجا ڀوڳڻا پوندا: هو سڄي ٽماهي، روز ڪمن وارن ڏينهن تي ۽ آچر تي به باقائدي ڊريسنگ ڪندو. ڊريسنگ مان مراد هئي ته جينس، ٽي شرٽ، هڊي يا شارٽس نه پائڻ. ان کان علاوه هو پنهنجي ٽرينر جوئي کي 200 ڊالر ادا ڪندو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو کاڌي ۾ اها لا غرضائي نه ڪري ها ته هو به فٽ نظر اچي ها.“
پني جي هيٺان، هيرس، هن جي زال ۽ هن جي ٽرينر سڀني صحيح ڪئي.
منهنجو پهريون رد عمل ان معاهدي ڏانهن اهو هو ته اهڙو معاهدو ڪجھ وڌيڪ باضابطه ۽ غير ضروري لڳي ٿو، خاص ڪري صحيحون ڪرڻ، پر هيرس مون کي مڃرايو ته معاهدي تي صحيح ڪرڻ اوهانجي سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿو.
ٽن مهينن کانپوءِ پهرين ٽماهي جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ هارس پنهنجي مقصد کي اڳتي وڌايو. ان سان گڏوگڏ ان جيسزا کي به وڌيڪ تز ڪيائين. جيڪڏهن هو پنهنجا ڪاربو هائيڊريٽ ۽ پروٽين جا ٽارگيٽ هيٺ مٿي ڪندو ته هو پنهنجي ٽرينر کي 100 ڊالر جرمانو ادا ڪندو جيڪڏهن هو پنهنجو وزن نه ماپيندو ته پنهنجي زال کي 500 ڊالر جرمانو ادا ڪندو. انهيءَ کان به وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن هو گھٽ مقرر مفاصلي کي ڊوڙي پورو نه ڪندو ته هو سڄو هفتو فارمل ڊريس پائيندو ۽ سڄي ٽماهي الاباما ٽوپي پائيندو.
ان حڪمت عملي ڪم ڪري ڏيکاريو. پنهنجي زال ۽ ٽرينر کي احتساب ڪندڙ ساٿي بڻائي ۽ پنهنجي عادت جي معاهدي سان ته روز ڇا ڪرڻو آهي هيرس پنهنجو وزن گھٽايو.
اسين دنيا آڏو پنهنجو پاڻ کي هميشه بهتر پيش ڪرڻ چاهيندا آهيون. اسين پنهنجي وارن کي روز ڦڻي ڏيندا آهيون ۽ پنهنجا ڏند صاف ڪندا آهيون ۽ ڌيان سان چونڊي ڪپڙا پهريندا آهيون. ڇاڪاڻ جو ان جو اثر سامهون وارن تي سٺو پوندو آهي. اسين سٺن نمبرن سان پاس ٿيڻ چاهيندا آهيون ۽ ڪنهن وڏي اسڪول مان پڙهي پاس ٿيڻ چاهيندا آهيون ته جيئن نوڪري ڏيندڙ ادارن، پنهنجي ڪلاس جي ساٿين، مٽن مائٽن ۽ دوستن کي متاثر ڪري سگھون. اسين انهن جي تجويزن کي اهميت ڏيندا آهيون جيڪي اسان جي آسپاس رهندا آهن ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن ٻيا ماڻهو اسان کي پسند ڪن ٿا ته ان جي اهميت آهي. انهيءَ ڪري هڪڙو احتساب ڪندڙ ساٿي يا عادت جو معاهدو صحيح ڪرڻ مفيد ثابت ٿئي ٿو.
باب جو خلاصو:
- روين جي تبديلي جي چوٿين قانون جو ابتڙ آهي ته ان کي غير اطمينان بخش بڻايو.
- اسين ان بري عادت کي دهرائڻ کان نٽائينداسين جيڪا تڪليف ده هوندي يا غير اطمينان بخش هوندي.
- احتساب ڪندڙ ساٿي کي غير فعال ٿيڻ جي فوري قيمت ادا ڪرڻي پئجي سگھي ٿي. اسين ان ڳالھ جو تمام گھڻو خيال ڪندا آهيون ته ٻيا اسان جي لاءِ ڇا ٿا سوچين ۽ اسان سدائين اهو چاهيندا آهيون ته ٻيا اسان لاءِ برو تاثر نه رکن.
- ڪنهن به رويي جي سماجي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ عادت جو معاهدو استعمال ڪري سگھجي ٿو. اهو اوهان جي واعدن جي خلاف ورزي جي قيمت عوامي ۽ تڪليف ده بڻائي ٿو.
- اهو ڄاڻڻ ته ڪو ٻيو اوهان کي جاچي رهيو آهي، اها خود هڪ طاقتور حوصلا افزائي ٿي سگهي ٿي.
…(هلندڙ)…

