ڪهاڻيون

وقت ڪهاڻي غلام نبي سومرو  

هن دلربا عورت بيوٽي پارلر جي آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو، سندس بيوٽيشن دوست هن کي اڄ خوب سينگاري ڇڏيو هو.

آبشار بيوٽي پارلر پاڙي جي هڪ گهٽيءَ ۾ جتي گهرن جي قطار هئي، ڪنهن گهر جي هيٺئين منزل تي هو. پارلر اڄ معين وقت کان اڳ صبح سوير کليو هو، جو هن بيوٽيشن جي دوست جواهر کي سينگارجڻو هو. جواهر هن جي پڪي ساهيڙي آهي. هن جو خوبصورت ور جو ڪنهن سروي ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر آهي. هن جي ڊيوٽي جي ترتيب ڪجهه ائين آهي جو 28 ڏينهن هن جي ڊيوٽي ۽ 28 ڏينهن موڪل هوندي آهي. جواهر کي پنهنجي صاحب سان گهڻي محبت آهي. هن کي ڪم جي 28 ڏينهن کانپوءِ اوڻٽيهين ڏينهن جو گهڻو انتظار هوندو آهي، جو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپندي آهي، سينگار ڪبو، سٺي ماني ٺاهبي انتظار ڪبو. عشق هن کي پنهنجي مرد سان آهي ۽ چار سال اڳ ٿيل شاديءَ کان وٺي هاڻي تائين. پنهنجي ور سان اهو عشق ۽ پيار بيان ڪرڻ کان مٿي آهي. اها محبت ۽ انس آهي جو هن کان اهي سڀ خوبصورتيون ۽ تياريون ڪرائي ٿو. فراق کانپوءِ وصل جي آجيان ۾. بيوٽيشن اهو سوچي مسڪرائي ۽ پنهنجي دوست جي غير معمولي خوبصورتيءَ کي ڏسي هوءَ حيران ٿي وئي، هُن کي هِن مهل بي اختيار خيال آيو ته اڄ هيءَ اڳي کان گهڻي دلڪش لڳي رهي آهي. هن اهڙي خوبصورت عورت گهٽ ڏٺي آهي، جنهن کي جسم ۽ جوانيءَ سان ايترو چاهه هجي ۽ کيس اها خوشي به هئي ته جواهر سندس دوست آهي ۽ رازدان ساهيڙي به.

ساڳي گهٽي ۾ ٿورو پر ڀرو هڪ ستاره شناس نوجوان پنهنجي گهر ۾ نجوم جو اڄوڪي ڏينهن لاءِ حساب ڪري رهيو هو. جنتري هن جي سامهون کلي پئي هئي، هن معلوم ڪيو ته اڄوڪي ڏينهن جو پهريون حصو ستاره زهرا سان لاڳاپيل آهي ۽ اهو اڄوڪي صبح کي سعد وقت ۾ ظاهر ڪري رهيو آهي. ڪو توقع ۾ نه ايندڙ سهڻو ۽ حيران ڪندڙ اتفاق سامهون اچي سگهي ٿو. ستاره شناس نوجوان مطمئن مرڪ مرڪيو ۽ ٻاهر نڪري گهمڻ جو ارادو ڪيو.

جواهر پارلر ۾ پنهنجون شيون سنڀاليون، هينڊ بيگ کولي پئسا ڪڍي ادائگي ڪئي ۽ پنهنجو بريزيئر هينڊ بيگ ۾ رکي انهيءَ کي بند ڪيو.

“جواهر هي ڇا- ڇو رکئي برا انهيءَ ۾؟

“ڇا ٿي پيو”؟

بيوٽيشن سندس ڇاتين جي دلڪشيءَ کي ڏٺو ۽ چيو!

“پر انهن جي Bouncing”؟

“گهر پارلر کان ٻه گهٽيون اڳتي آهي ڪير ڏسندو”

جواهر پارلر ۾ آهي جتي هوءَ هلڪي پر خوبصورت چال سان هلي به پئي ۽ ڳالهايائين به پئي.

وري اجري آئيني ۾ جو خود کي ڏٺائين پنهنجي جوانيءَ کان پاڻ ئي شرمائجي وئي. دوست بيوٽيشن جي ڳالهه هن کي صحيح لڳي. انهيءَ قد آدم آئيني ۾ سڀ نظر اچي رهيو هو، جيڪو هن جي بيوٽيشن دوست چيو. سينگار، نکار ۽ رنگين اکيون جن ۾ ٻين رنگن سان گڏ فيروزي رنگ به هو. اکيون جن جي سحر کان ڪنهن کي به پاڻ بچائڻ مشڪل هو، پر اڄ انهن رنگن جي جاءِ تي سندس وجود ۾ گلابي رنگ به هو. پنهنجي صاحب جي انتظار جو رنگ. هوءَ بيپرواهيءَ سان پارلر مان ٻاهر نڪتي. اهڙي بيپرواهي جا اهڙي عورت کي ملندي آهي، جا محبوب ته هجي پر سندس محبوبيت جو مان به هجي. سندس انجنيئر ور ڊيوٽيءَ کانپوءِ گهر ڏانهن سفر ۾ هوندو. اهو سوچي هن جي چال ۾ غضب جي دلڪشي اچي وئي هئي، انهيءَ چال کي پٺيان کان هن جي بيوٽيشن دوست پارلر جي ٻاهرين در تان بيهي ڏٺو ۽ دل ۾ چيو هيءَ عورت هر طرح کان خوبصورت آهي هن جي هلڻ جي ادا ۾ دلبري آهي. هوءَ ڪافي دير هن کي پٺيرو ويندي ڏسندي رهي. جيسين هوءَ گهٽي جي موڙ ۾ گم نه ٿي وئي.

ستاره شناس نوجوان جيڪو پنهنجي خيال ۾ پئي آيو، هن اوچتو جواهر کي ڏٺو هن جي چهري جي خوبصورتي، قد ڪاٺ کي ڏسي، هن جي اکيون کولي وجهندڙ حسن جو تيج ڏسي هن جي دل ڌڙڪي، هن کي لڳو ته هن دلڪشيءَ جو تيج هاڻ هن مهل دل جي ڌڙڪڻ کي بيهاري ڇڏيندو. هلندي ستاره شناس جو پير ٿڙيو. بي مهابا حسن تان نظرون هٽائي هن پنهنجو پاڻ کي ڪرڻ کان بچايو. جواهر مسڪرائي ۽ اڳيئن گهٽي ۾ مڙي وئي.

انهيءَ نوجوان انجنيئر جواهر کي ايس ايم ايس ڪيو: ‘ته هو هاڻ گهر ڏانهن نڪري چڪو آهي…’ تڏهن هو ڪمپني جي آرامده دبل ڪئبن گاڏيءَ ۾ پنهنجي منزل ڏانهن ڪمپنيءَ جي حدن جي آخري شهر جي بس اسٽاپ تائين سفر ۾ هو. مرڪ هن جي چپن تي سدائين هوندي آهي پر اها اڄ گهري آهي. ڄڻ انهن ۾ ڪا ترشنا آهي، پر ڪجهه ئي دير آهي ته هو گهر هوندو. جسم جي ندين جي روانيءَ ۾ ترشنا به ڪٿي وهي هلي ويندي.

جواهر گهر اچي موبائل ۾ پنهنجي صاحب جو مئسيج پڙهيو ته پاڻ ڪمپنيءَ جي گاڏيءَ ۾ انهيءَ بس اسٽاپ تي پهچڻ وارو آهي جتان ٽيڪسي ڊرائيور ساجن هميشه جيان اڄ هن کي گهر پهچائيندو، گهر جيڪو تون آهين، 41 ڪلو ميٽر جي سفر جي دير آهي.I am coming dear جواهر هڪ طمانيت ۽ فخر سان مُرڪي پئي. اها مرڪ ڄڻ چوندي هجي: اچو ته سهي پوءِ ڏسجو ته آجيان ڪيئن ٿيندي آهي.

شهر جي بس اسٽاپ کان ٿورو پري چوواٽي تي رستي جي هڪ طرف موڙ تي هو بيٺو ٽيڪسي پهچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. جيئن هو پنهنجي رهائش واري شهر پهچي، گذري ويل ٽن سالن کان هو هميشه ساڳي موڙ تي بيهندو رهيو آهي.

نوجوان انجنيئر پنهنجي پاسي واري رستي کان هڪ خالي مسافر وين کي سندس نظر جي سامهون روڊ جي ٻئي طرفC.N.G  اسٽيشن ڏانهن ويندي ڏٺو ڊرائيور جيئن سڙڪ پار ڪئي ته هن هڪ خوبصورت نوجوان کي سڙڪ جي چوواٽي تي بيٺل ڏٺو: هڪ شولڊر بيگ هن جي ڪلهي ۾ پيل هئي ۽ هڪ وڏي بيگ پٽ تي رکي هئي. هن کي لڳو ته هو ڪٿي پري جو مسافر آهي ۽ سواري جي انتظار ۾ آهي. هن وينC.N.G  ڀرائڻ لاءِ گهربل هنڌ بيهاري ۽ چاٻي ڪلينر کي ڏيندي چيو: ”خوشقسمتي اها آهي جو C.N.G جي قطار ۾ اڳيان صرف هڪ جيپ آهي. توکي گهڻو انتظار ڪونه ڪرڻو پوندو. پنهنجو ٽائيم 25 منٽ پوءِ آهي، آئون بس اسٽينڊ تي هلان ٿو سنگت ويٺي آهي. آئون تيسين ٻه ٽي ڦوڪون وزم جون هڻي ٿو وٺان. تون بس اسٽاپ تي وين اسان جي نمبر تي اچي بيهار. وقت گهٽ آهي ته به خيال سان اچج.“

ويندي هو رڪيو ۽ ڪلينر کي چيو تنهنجو وين هلائڻ جو هي پهريون چانس آهي. خيال سان هلائج. ويندي هو ڪجهه دير رڪيو ۽ هن کي خيال آيو ته هو پاڻ وين ڪاهي بس اسٽاپ تي وڃي، ڪلينر کي نه ڏي، پر ٻئي لمحي پنهنجي نشي جي اشتها کي روڪي نه سگهيو ۽ تڪڙو بس اسٽاپ تي هلي آيو.

چوواٽي جي موڙ تي بيهي هن کي گهڻو ڪري هڪ خيال ايندو آهي گهر ۾ جواهر جي موجود هجڻ جو خيال. سندس گهر ننڍو پر گهڻو خوبصورت آهي ۽ خوشبودار به، خوشبو جيڪا سندس گهرواري جواهر جي آهي، هن انهيءَ هڳاءُ کي محسوس ڪيو. سيل فون ڪڍي هن جواهر جي وال پيپر تصوير ڏٺي، گل ۽ ڇوڪري. گلن ۾ ويڙهيل جواهر جي تصوير ڏسندي هن کي ساجن ٽيڪسي ڊرائيور جو فون آيو ته هن کي 20 منٽ کن دير ٿيندي جو ڪار جو ٽائر پنڪچر ٿي پيو آهي ٺيڪ آهي هاڻي ڪجهه ٽائيم آهي جيسين ساجن اچي تيستائين هن سوچيو ته جواهر سان ڳالهه ڪجي. هن ڪال ڪئي

”…جاب روٽينس يار اٺاويهه ڏينهن راتيون ۽ تنهن جي ياد.“

”ياد ته آئون به ڪندي آهيان“

”هيSurvey  ڪمپني جي نوڪري.“ فيلڊ تي ڪم ڪرڻ جي اڪيلائي. دل چاهي ٿي ته نوڪري ڇڏي تو وٽ رهي پئجي، دير تائين دور تائين.

”ڇڏيو به، روزگار اول. ڪم ڪرم آهي.“

”ايئن ته آهي، شڪر آهي، فيلڊ ويجهي آهي ۽Job rotation  جوDuration  به ايترو طويل ڪونهي. 28 ڏينهن ڪم 28 ڏينهن موڪل. ٽيڪسي 20 منٽن جي فاصلي تي آهي. پهچون ته گڏ آهيون.“

گڏ آهيون اهو ٻڌي جواهر چپن کي گول ڪيو، اکين ۾ مسڪرائي ۽ وارن جي گل کي پنهنجي پيشانيءَ تي لهرايو. هن جو اڄوڪو پيرهن دلڪش هو. نارنگي رنگ جي قميص ۽ پنڪ ٽرائوزر جوContrast  هن جي ڳوري رنگ تي ڀلو لڳي رهيو هو. پنهنجي اندر جي نرماهٽن جو خيال ايندي هن جي دل ڪيو ته هو اڏامي هن وٽ پهچي ۽ بي لباس ٿي پئي. 28 ڏينهن جي دُوري کانپوءِ ايندڙ ڪلاڪ ٻه هن کي الائي ڇو صدين جو معاملو لڳو.

نوجوان انجنيئر ٽيڪسي ڪار جو انتظار پئي ڪيو جا ڪجهه منٽن جي فاصلي تي هئي. جنهن جي پهچڻ جو ئي هن کي انتظار هو.

انهيءَ کان اڳ هڪ ڪار هن جي سامهون گذري اڳيان هلي وئي، انهيءَ ۾ ويٺل هڪ نوجوان ڇوڪري جيڪا انگلش جي ليڪچرار هئي. انهيءَ جي نظر انهيءَ نوجوان انجنيئر تي پئي، جيڪو لڳو ٿي ڪنهن سواريءَ جو انتظار ڪري رهيو هو، هن دل ڇڪيندڙ نوجوان کي ڏسي هن جي دل ۾ هڪ لهر اٿي ته هوءَ هن کي پاڻ سان همسفر ڪري. هن سان ڳالهيون ڪندي هن کي پنهنجي منزل تي پهچائي ۽ پوءِ اڳيان ڪراچي نڪري وڃي جتي هوءَ پڙهائي رهي هئي، پر هوءَ اڳيان نڪري وئي. هن پاسي واري سيٽ تي رکيل شاعر والٽ ويٽمئن جي ڪتاب کي ڏٺو، هن کي انهيءَ مان ڪجهه سٽون ياد آيون:

Stranger, if you passing meet me and desire to speak

 to me, why should you not speak to me?

 And why should I not speak to you?

انهن سٽن کي ذهن ۾ دهرائيندي هن کي وري اجنبي نوجوان جو خيال آيو. هوءَ تڏهن 3 ڪلو ميٽر اڳيان وڌي آئي هئي. هڪ دلبري کان 3 ڪلو ميٽر دور. دل جي خيال تي هن واپس موٽڻ جو ارادو ڪيو. ڪار ڦيرائي واپس انهيءَ نوجوان ڏانهن موٽي، جيئن همسفر ٿي سگهي. ٻن اجنبي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي وچ ۾ ڪجهه ڳالهيون ٿي سگهن. هن کي خبر نه هئي ته دل جو اهو خيال ۽ فيصلو سندس زندگيءَ جي دردناڪ ياد بڻجڻ وارو هو.

انهيءَ دوران ٽيڪسي ڊرائيور ساجن جو فون آيو ته هو پهچي رهيو آهي.

انهيءَ نوجوان انجنيئر جو ڌيان ٽيڪسي ڪار ڏانهن هو جا ڪجهه سيڪنڊن جي فاصلي تي هئي. انهيءَ کان اڳ هڪ وين C.N.G اسٽيشن کان هيٺ لٿي. هن انهيءَ کي تيزيءَ سان پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو. هن جي اکين ۾ حيرت ۽ بيوسي هئي. ڪو موقعو، وقت ۽ ڪا وٿي نه هئي جو هو پاڻ کي بچائي سگهي. وين هن جي مٿان چڙهي هن کي چيڀاٽي فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي. ڪلينر جنهن جي ڊرائيونگ جو اهو پهريون موقعو هو هن وين پويان ڪرڻ چاهي پر نه ڪري سگهيو ماڳهين انهيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر هن جي مٿان چاڙهي ڇڏيو.

ٽيڪسي ڪار ٻئي لحظي پنهنجي مسافر کي کڻڻ لاءِ اتي بريڪ هنيو. ساجن ڊرائيور رت جي وهڪري کي ڏٺو. وين جي هيٺان سندس صاحب جو جسم چچريو پيو هو.

ٺيڪ سامهون انهيءَ مهل ئي ليڪچرار ڇوڪري پنهنجي ڪار بيهاري هڪ ماڻهو جيڪو ٽي منٽ اڳ جيئرو هو. انهيءَ جي گوشت، هڏن ۽ رت کي رستي تي پکڙيل ڏٺو. انهيءَ سڄي منظر هن کي ويران ڪري ڇڏيو سندس دل جونvibrations  وڌي ويون. وائيبريشنز جيڪي هاڻ سڄي حياتي هن سان گڏ رهڻيون هيون. هينئر هوءَ ڪار جي اسٽيئرنگ تي مٿو رکي سڏڪي رهي هئي. منتشر خيال هن جي ذهن ۾ هلندا رهيا: ‘اجنبي، واٽ ويندي تون مون کي ملين… هي ڇا يار- ايئن ٿيندو آهي ڇا؟’ هن جي اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ بي حساب هئا.

گوشت جو ڍير جو روڊ تي چنبڙيو پيو هو، انهيءَ کي ڏسي ساجن هڪ اندوه جي زير اثر بيهوش ٿي سڙڪ تي ڪرڻ کان اڳ سوچيو ڪاش هو 30 سيڪنڊ اڳ پهچي ها.

__________پر انهيءَ کان اڳ نوجوان انجنيئر لاءِ وقت ختم ٿي ويو هو.