امير سنڌ جا غريباڻا حال انصاف علي ڀنگوار
قدرت جي اڻ کُٽ وسيلن مان مالا مال سنڌ جي ڌرتيءَ تي اهڙا ته وار ٿيا جو ان جي خوبصورتي شايد ڪڏهن به ساڳي حالت ۾ نه ايندي. ها پاڻ ڳالهه ڪريون ٿا وڏيرن ۽ ڀوتارن جي، جن سنڌ جي وسيلن کي بري طرح لٽيو آهي. مسلسل جاگيرداري نظام هيٺ هلندڙ سنڌ ۽ اُن جي بدقسمت عوام تي نظر وجهجي ته دل روئي ٿي. سنڌ جي هر وسيلي تي قبضو ڪندڙن سنڌ ۽ ان جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ ۾ ڪابه ڪثر ناهي ڇڏي، صرف پنهنجن ابن ڏاڏن جي اثر ذريعي غريب ۽ بيروزگار عوام کي هڪ ڌنار جيان جڏهن ۽ جتي چاهي هيڏانهن هوڏانهن ڪري ٿي. هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌ جي وسيلن کي لٽڻ لاءِ جاگيردار پنهنجو اثر ۽ رسوخ استعمال ڪري انهن وسيلن جي مالڪي ڪري ٿو ۽ عوام کي ان مان فيضياب ٿيڻ نٿو ڏئي، جنهن تي عوام جو حقيقي حق آهي، پر جيڪڏھن ڪو شخص پنهنجي زور تي ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو ته اُن لاءِ رنڊڪ وجهندڙ جاگيرداري نظام اڳيان اچي ٿو وڃي ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪريو ڇڏي. سنڌ صوبو جيڪو ڪيترن ئي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي جنهن ۾ ڪوئلو ۽ گئس شامل آهي، نه رڳو ايترو پر پاڪستان جو سڀ کان وڏو معاشي حب ڪراچي شهر سنڌ جي گاڌيءَ جو هنڌ جيڪو پوري پاڪستان کي سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڪمائي ڏيندڙ شهر آهي. ان ۾ سنڌيءَ ماڻهوءَ کي اهي سهولتون نٿيون ملن، انهن کي ڪيترين يونيورسٽين ۾ داخلائون نٿيون ملن اهو سنڌ جي نوجوانن ۽ سنڌي ماڻهن سان زيادتي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ کي ته تمام گهڻو خوشحال هجڻ گهرجي، پر سنڌ جو نوجوان هن وقت بدحال آهي. نوجوانن کي نوڪرين جا خالي دلاسا ڏيئي چالانن جا پئسا هرپائيندڙن کان ڪير پڇي به ڪو نه ٿو. نوجوانن جي لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪا خاص حڪمت عملي نظر نٿي اچي ته انهن کي ڪيئن ترقي وٺرائي وڃي ۽ معاشي ميدان ۾ انهن کي ڪيئن حصيدار بڻايو وڃي. نوڪريون به انهن کي ڏنيون ٿيون وڃن جيڪي نوڪري خريد ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. هڪ غريب ۽ قابل نوجوان جيڪو باصلاحيت آهي، پر نوڪري خريد ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي اهو ڪيڏانهن وڃي؟
ناظم جوکيو جي بي رحماڻي قتل کي ڪير وساري سگهي ٿو؟ جنھن کي سنڌ جي فيوڊل لارڊز بي رحميءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. مهينن جي ٽرائل کانپوءِ ان قتل ڪيس کي تازوئي هڪ ذاتي دشمني ڄاڻائي ڇڏيو آهي. ان ڳالهه کان واقف هوندي به جيڪڏھن سنڌ جو عوام خاموش آهي اُن جو سبب تعليم جو نه هُجڻ آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته شعور تعليم سان ئي ايندو آهي، پر هتي ته اسڪولن ۾ تالا لڳل آهن يا وري استاد ئي موجود نه آهن ۽ جيڪڏهن استاد موجود آهن ته اتي شاگرد اينرول ٿيل ئي ڪونه آهن. اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ جي ڪري مائٽ پنهنجن ٻارن کي اسڪولن تائين موڪلڻ ۾ دلچسپي ئي نٿا رکن. ڪجهه اسڪول اهڙا به آهن جن جون عمارتون اتان جي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي لاءِ مال جا وٿاڻ يا ان رکڻ جا گودام بڻيل آهن. هن فريبي نظام کي جاري رکڻ لاءِ جاگيرداري نظام ھميشه کان نوان نوان رستا ٺاھي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي لٽيو آهي. جنهن ۾ ڪارو ڪاري جهڙي غير انساني رسم کي هوا ڏني وئي آهي. سنڌي قوم کان صرف ووٽ وٺڻ لاءِ ان کي زنده رکيو ويو آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن قوم کي پنهنجي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي ۽ ان سمجهه کان به محروم رکيو ويو آهي ته سندن بنيادي حق ڪهڙا آهن. جيڪڏھن غور و فڪر ڪيو وڃي ته ھڪ خوشحال ۽ خود مختار قوم لاءِ اهو ضروري آهي انهن کي پنهنجا حق ڏيئي پيداواري عمل لاءِ مائل ڪيو وڃي ته قوم ۾ بهتري اچي سگهي. باقي قومن کي ڏهاڪن کان لُٽجڻ واري عمل تي روڪٿام نه آندي وئي ته نسلن کي تباهيءَ جو منظر ڏسڻو پوندو. هن وقت امير ماڻهو ويتر امير ۽ غريب عوام ويتر غريبي جي لتاڙ هيٺ اچي رهيو آهي، ان عمل ۾ ڏوهه صرف امير ماڻهن جو آهي، جن دولت جي نشي ۾ مدهوش ٿي ھميشه عوام جو رت چوسيو آهي. ياد رکو ته برائي کي تسليم ڪرڻ ۽ ڀلائي جي خواهش رکڻ ئي ڪنهن قوم ۾ اتحاد، خوشحالي ۽ خود مختياري جي ضمانت آهي. باقي جرڳائي نظام کي سوڀارو ڪرڻ جون تدبيرون ڪندڙن کي سوچڻ گهرجي ته اهي ان نظام کي زنده رکي هميشه ان طريقي سان طاقتور نٿا رهي سگهن، وقت کي نيٺ تبديل ٿيڻ آهي، وقت جي ڦيٿي کي نيٺ ڦرڻو آهي، اٻوجهه ۽ ڪمزور کي هڪ ڏينهن طاقتور ۽ سمجهه وارو ٿيڻو آهي. بهتر اهو آهي ته نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ طاقتور ڌريون به ان ۾ پنهنجو حصو وجهن ته جيئن ان تبديليءَ جي اچڻ سان انهن کي زوال کان بچائي سگهن. جرڳائي سسٽم هن رياست جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي جو ملڪ جو قانون ۽ آئين هوندي به جرڳي جي هٿان ڪيترن ئي معصوم ماڻهن کي سزائون ڏنيون ٿيون وڃن، عورتن کي قتل ٿو ڪيو وڃي. وقت اچي چڪو آهي ته انهن سڀني شين جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. تعليم ۽ صحت جي سهولتن کان محروم سنڌي قوم جي سار ڪير به نٿو لهي. سنڌ جا جاگيردار، ڪرپٽ آفيسر ۽ سست نوڪر شاهي عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ بدران انهن جي حقن تي راتاهو هڻي رهيا آهن. ٻيو ته ٺهيو نوڪر شاهي يا بيورو ڪريسي جي نااهلي ته اتي ظاھر ٿئي ٿي ته اِهي پنهنجي پهرين ڏينهن ئي جاگيردارن ڏي سلامي ڏيڻ لاءِ هليا وڃن ٿا. هن دور ۾ جتي دنيا ٽيڪنالاجي جي مدد سان ترقيءَ جي نون مرحلن جا قدم پئي چُمي، ساڳئي وقت ۾ اسان وٽ فيوڊل لارڊز تعليم ۽ صحت جي نظام نه بلڪه هر ممڪن فيلڊ تي قبضو ڪريو ويٺا آهن ۽ ڪنهن به ڪڇڻ جي ڪا اجازت نه آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ صوبو يا پاڪستان ترقيءَ جي راهه تي ڪيئن گامزن ٿي سگهي ٿو. پنهنجن حقن جي نه ملڻ جي ڪري سنڌي قوم هاڻي پنهنجا حق به وساري ويٺي آهي، نتيجي ۾ جيڪڏھن ڪنھن کي پنهنجي حقن جي خبر ئي نه ھجي ته اهو ڪيئن اُن لاءِ جدوجهد ڪندو؟
پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريو ته بنا ڪنهن سوچ ۽ اختلاف جي آخر ڪيستائين وڏيرن ۽ ڀوتارن جي ڏسيل واٽ وٺي هلنداسين جنهن ۾ تباهي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. لڳي ته ايئن ٿو ته سنڌي قوم هڪ گهري ننڊ مان سجاڳ ٿي رهي آهي. ٽيڪنالاجي جي مدد سان اونداهي جي آڙاهه مان نڪري شعور جي ڪرڻن کي محسوس ڪري رهي آهي. سنڌي نوجوان هاڻي جاگيرداري نظام جي نا انصافين خلاف سوچي ٿو ۽ ان کان پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ لاءِ ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ سوچي رهيو آهي. سنڌي نوجوان جيڪڏهن جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي پنجوڙ مان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نٿو ڪري ته پوءِ هو ڪڏهن به آزاديءَ جا مزا ماڻي نه سگهندو. وڏيرن ۽ ڀوتارن جي غلامي کان ته انگريزن جي غلامي بهتر هئي جنهن اسان کي انصاف تي ٻڌل نظام ڏنو، سٺو تعليم جو سرشتو ڏنو، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ڏني، ريلوي جو نظام ڏنو، آبپاشيءَ جو نظام ڏنو، پليون ٺاهيون، پر آزادي ملڻ کانپوءِ هر شيءِ تي جاگيردار قبضو ڪري ورتو ۽ ان وسيلن ۾ سنڌ جي عوام کي ڪڏهن به پنهنجو حق ڏيڻ لاءِ رضامندي ظاهر نه ڪئي، جنهن جو انجام اهو آهي جو سنڌ اڄ مفلسي ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهي. سنڌ جو جاگيردار هر ان ڳالهه جو مخالف آهي جنهن سان اتان جي پٺتي پيل عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي شروعات ٿئي ٿي.
***

