ڪمپيوٽر جي مدد سان موهن جي دڙي جي زبان کي پڙهي سگهجي ٿو: ماهر
ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته الاسلام پاران ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي سريلنڪا جي ماهر ڊاڪٽر گيهان دياس چيو ته موهن جي دري جي زبان کي ڊسائيفر ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ان لاءِ ٽينڪالاجي جي مدد وٺڻي پوندي پر ان ۾ ڪجهه محنت به ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻه سال اڳ هڪ پروجيڪٽ تحت سريلنڪا جي ٻن زبانن کي ترجمو ڪرڻ لاءِ پروگرام ٺاهيو ويو هوجيڪو هڪ ڪامياب ٿيو هو، هن اهو به چيو ته اسان کي ڊيٽا ريسورسز جي ضرورت آهي جيڪا اهو معلوم ڪندي ته زبانون ڪيئن استعمال ٿين ٿيون، ان کان علاوه لئنگويسٽڪ ماهر ان ڏس ۾ ڪمپيوٽر ذريعي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گوگل ۽ ٻيا ادارا ترجمي جي ڏس ۾ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن کان به مدد وٺي سگهجي ٿي.

