پاڪستان ۾ داعش جو اثر وڌڻ لڳو
پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽيڊيز (پي آءِ پي ايس) طرفان جاري ڪيل سيڪيورٽي رپورٽ 2017 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ داعش جو اثر وڌي رهيو آهي. پاڪستان ٿنڪ ٽينڪ طرفان جاري ڪيل هن رپورٽ مطابق گذريل هڪ سال دوران دهشتگردي جون 6 ڪارروايون ٿيون. جنهن ۾ 153 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا. ان حملن جي ذميواري داعش قبول ڪئي آهي. پي آءِ پي ايس جي هيءَ رپورٽ انٽرويوز ۽ آرٽيڪلز ذريعي ٺاهي وئي آهي. جنهن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته داعش اتر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پنهنجا پير ڄمائي وئي آهي. هڪ انٽرويو دوران پي آءِ پي ايس جي سينئر پروجيڪٽ مئنيجر ٻڌايو ته 2017 ۾ داعش پاران 6 خطرناڪ دهشتگردي جي واقعن جي ذميواري قبول ڪئي هئي، جنهن جي تفصيل هن ريت آهي. (1) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري جي گاڏي تي حملو (2) سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي مزار تي حملو (3) لسٻيلا ۾ شاهه نوراني جي مزار تي حملو (4) ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملو (5) فتح پور ۾ درگاهه پير رکيل شاهه تي حملو (6) ٻين چيني ڀائرن جي اغوا بعد قتل وارو واقعو به شامل آهي.

