خاص

سنڌ جو عاشق ۽ نامور شاعر ماما جمن دربدر هميشه لاءِ وڇڙي ويو

وٺي هر هر جنم وربو جهڙن امر گيتن جو خالق، سنڌ جو عاشق ۽ ناميارو شاعر جمن دربدر 80 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي اوچتي بيهي وڃڻ سبب موڪلائي ويو ۽ سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو. جمن دربدر جي جنازي نماز عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ روحل واءِ ۾ ادا ڪئي ويندي، جمن دربدر جي مزاحمتي شاعري سنڌ جي جاڳرتا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ۾ جديد قومپرستي جي باني جي. ايم سيد پنهنجي ڪتابن ۾ به جمن دربدر جي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو، جمن دربدر استاد شفيع فقير سميت مختلف فنڪارن سان گڏجي گيت به ڳايا. جمن دربدر قومپرست سياست ۾ سڄي سنڌ ۾ جهر جهنگ پيرين پنڌ وڃي ڪارڪنن جي تربيت ڪئي. جمن دربدر اسٽيج ڊرامن، ٿيٽر ۽ ٻين مختلف اسٽيج پروگرامن ذريعي سنڌ جي نوجوانن ۾ شعور اجاڳر ڪيو. جمن دربدر وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو سميت ڪيترائي گيت لکيا ۽ ڳايا.