نئون سپهه سالار نيون اميدون
ملڪ ۾ فوج جي ڪمان تبديل ٿي چڪي آهي. 29 نومبر 2022 تي نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالي ورتي آهي. هو فوج جو سترهون سپهه سالار آهي. ايئن جنرل قمر جاويد باجوه جو ڇهه سالا دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. هن جو دور پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهم دور ليکيو ويندو. کيس پنهنجي تعنياتي دوران پنجن وزيراعظمن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سابق آرمي چيف جي ڇهن سالن تي ٻڌل دور جا پاڪستان جي سماج، سياست ۽ معيشت تي ڏور رس اثر پيا آهن ۽ پوندا. ملڪ گذريل ڇهن سالن کان پنهنجي سياسي سفر ۾ گهڻين تبديلين کي ڏٺو آهي. خاص طور تي اقتدار جي سياست ۾ فوج جي مالڪي گهڻا سوال اٿاريا آهن. سابق آرمي چيف کي گهڻين ڳالهين جو بار کڻڻو پيو آهي. ملڪ ۾ نئين سياسي تجربي جو بار، جنهن کي هاڻ ”پراجيڪٽ عمران خان“ چيو پيو وڃي. انهيءَ پراجيڪٽ جي ناڪامين ۽ فوج جي سياسي معاملن کي هٿ ۾ کڻڻ جي تجربي ملڪ کي سماجي، سياسي ۽ معاشي معاملن ۾ پويان ڌڪي ڇڏيو آهي. ففٿ جنريشن وار، هائبرڊ سسٽم ۽ باجوه ڊاڪٽرائن جون ناڪاميون به آهن ته ڪاميابيون به، پر جيئن ته سماجي مالياتي انتشار ملڪ جي هر شعبي ۾ ترقي جي بجاءِ تنزلي تي وڏا سوال اٿاريا آهن. گذريل ڇهن سالن جي پاليسين جي ڪري ملڪ حقيقت ۾ ڏيوالپڻي ڏانهن وڌي رهيو هو، جنهن جو وڏو سبب هڪ پيج جو بيانيو هو، جنهن جو اعتراف تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ سابق وزيراعظم عمران خان به ڪيو آهي.
فوج پنهنجي سابق سربراهه جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ سرڪار جي ايتري حمايت ڪئي هئي جو انهيءَ جو مثال پاڪستان ۾ ماضيءَ جا حڪمران تصور به نه ڪري سگهيا. ميڊيا، عدليه، انتظاميه ۽ پارليامينٽ کي مطيع بڻايو ويو. انهيءَ جي باوجود پي ٽي آءِ سرڪار ڪي به نتيجا نه ڏيئي سگهي ۽ پاڪستان مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي ويو. آءِ ايم ايف بروقت مدد نه ڪري ها ۽ پي ڊي ايم سرڪار سخت فيصلا نه وٺي ها، جيئن پيٽرول، ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ وغيره. جيڪي پوئين حڪومت جي غلط فيصلن جي ڪري ناگزير ٿي ويا هئا. انهن فيصلن ملڪ کي ڏيوالپڻي ۾ وڃڻ کان بچايو، نتيجي ۾ پي ڊي ايم غير مقبول هجڻ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو، پر انهيءَ کان اهم ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ هو، پر تحريڪ انصاف جي رهنما سفارتي سائفر کي بنياد بڻائي Absolutely Not جو نعرو بلند ڪيو ۽ پنهنجي محسن فوجي ڪمان جي خلاف کلي عام زهر اوڳاڇيو. جڏهن ته پنهنجي دور حڪومت ۾ هن معيشت جي بهتري لاءِ ڪجهه به نه ڪيو پنهنجي سياسي مخالفن لاءِ NAB ۽ FIA کي استعمال ڪيو ۽ انهن کي جيلن ۾ واڙي ڇڏيو، جن ۾ سابق وزيراعظمن ۽ سابق صدر کي به بخش نه ڪيو ويو. ايستائين جي انهن جي ڌيئرن ۽ ڀينرن کي به طويل عرصي لاءِ جيل اماڻيو ويو. پراجيڪٽ عمران صرف پروپيگنڊا ۽ سياسي انتقام تي ڌيان ڏنو. جنهن سبب ملڪ جي معيشت برباد ٿيندي وئي ۽ فوج جنهن جي پٺڀرائي عمران حڪومت کي حاصل هئي خاموش رهي ۽ پنهنجي حمايت جاري رکي. ملڪ جي گراس ڊوميسٽڪ پروڊڪشن GDP گهٽبي وئي، عوام ۾ بيچيني هئي ۽ انهيءَ سڄي عمل جي ڪري فوج کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، تڏهن نيٺ اهڙو وقت آيو جو فوج غير سياسي ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن سياسي رهنما بنا ڪنهن دٻاءُ جي پنهنجي پارٽي منشور مطابق حڪومت جو ڪار وهنوار هلائي سگهن، اهو فيصلو ساراهه جوڳو آهي. لڳي ٿو ته انهيءَ تي عمل به ٿي رهيو آهي. ملڪ، قومون، قيادتون ۽ ادارا جيڪڏهن پنهنجي غلطين کي مڃين ۽ بهتري جي طرف سفر ڪن ته سٺو سنئوڻ آهي.
ايئن به ناهي ته سابق آرمي چيف جي وقت ۾ سٺا ڪم نه ٿيا. آمريڪا، چين ۽ ٻين ملڪن سان تعلقات بهتر ٿيا. لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر ٿيو. افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ دوحا مذاڪرات ڪامياب ٿيا ۽ ڪرتار پور راهداري جهڙو شاندار ڪم ٿيو. فوج FATF جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ گذريل حڪومت سان گڏجي سخت فيصلا ڪرايا، سابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جا ڪجهه فيصلا ڪامياب ٿيا ته ڪجهه ناڪام. هو هڪ روايت پسند جنرل هو، پر سندس سپهه سالاري جي دور ۾ ئي فوج جو غير سياسي ٿيڻ جو فيصلو ملڪ جي تاريخ جي اهم فيصلن مان هڪ آهي. هاڻ جيئن ته پاڪ فوج کي جنرل عاصم منير جي صورت ۾ نئون آرمي چيف مليو آهي ۽ پي ڊي ايم حڪومت سنيارٽي ۽ پروفيشنل ازم کي ترجيح ڏيئي اها تقرري ڪئي آهي، جنهن کي سڀني حلقن ساراهيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته فوج جو نئون سپهه سالار فوج جي اداري جي بهتري لاءِ اڳواڻي ڪندو ڇو ته پاڪستان کي پروفيشنل فوج جي ضرورت آهي ۽ اميد آهي ته فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي سختيءَ سان عمل ڪندي ته جيئن رياست ۾ سياسي عمل مستحڪم ٿي سگهي. جيئن معاشي ۽ مالي چئلينجز کي منهن ڏيئي سگهجي. هڪ خوشحال ۽ امن ڀريو پاڪستان اسان جي اولين ضرورت آهي. نئون آرمي چيف عاصم منير يقين آهي ته انهن توقعات تي پورو لهندو. جيئن مضبوط دفاع سان گڏ ترقي ڪندڙ پاڪستان جو خواب تعبير ماڻي سگهي. هن وقت پاڪستان کي نون سياسي تجربن ڪرڻ بدران ماضيءَ جي تجربن مان سبق سکڻ گهرجي. ڇو ته اسان وٽ سکڻ لاءِ پنجهتر سالن جي تاريخ اکين اڳيان پئي آهي. اسان جون وڏيون سياسي جماعتون گذريل صديءَ کان سياست ۾ آهن. انهن کي ڪار سرڪار جو وهنوار هلائڻ لاءِ وسيع تجربو آهي. ضرورت آهي ته انهن تي اعتبار ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳيان وڌي سگهي. جنرل عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف ٿيڻ تي ڀليڪار، ۽ مبارڪ ڏيون ٿا.
***

