ايڊيٽوريل

جمهوريت خلاف سازشون

حڪومت هلائڻ لاءِ جمهوري نظام سموري دنيا ۾ هڪ بهتر نظام سمجهيو وڃي ٿو. اسان جي جمهوري تاريخ هموار نه رهي آهي جڏهن ڪڏهن انهيءَ کي آمريتن ڌچڪو ڏنو آهي، پر انهيءَ جي باوجود پاڪستان جي جمهوريت پسند عوام ڪڏهن به جمهوريت کانسواءِ ٻئي ڪنهن نظام کي دل سان قبول نه ڪيو آهي. برابر آمريتون اسان جي مٿان مڙهيون ويون آهن، پر جمهوري نظام اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان محمد نواز شريف جهڙا مدبر ۽ قدآور سياستدان ڏنا آهن.
سال 2008 کان لاڳيتو جمهوري عمل جي ڪري جمهوري نظام پاڪستان ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، انهيءَ ڪري 8 فيبروري 2024 تي عام چونڊون ٿيون، جن جا نتيجا به اچي چڪا آهن، پر لڳي ٿو ته ڪجهه سياسي ڌريون ۽ ڪجهه قوتون انهن چونڊن کي متنازعه ڪري رهيون آهن ته جيئن جمهوري عمل لاڳيتو جاري نه رهي. جمهوري عمل جيئن ته عام عوام جي حقِ حڪمراني جي ڳالهه آهي، سويلين بالادستي جي ڳالهه آهي، قانون، انصاف ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي ڳالهه آهي. هن نئين صديءَ ۾ جڏهن دنيا پنهنجي جمهوري قدرن ۾، علم ۽ تعليم ۾، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گهڻو اڳڀرو نڪري وئي آهي، پر اسان وٽ اڃا به ڄڻ بنيادي مسئلو ئي اهو آهي ته چونڊون صحيح ٿيون آهن يا نه، ڌانڌلي ٿي آهي يا نه، جيڪا پارٽي هارائي ٿي اها چئي ٿي ته چونڊون صحيح نه ٿيون آهن. ويجهي زماني جي ڳالهه ڪجي ته 2008 کانپوءِ اسان وٽ جيڪو انتخابي عمل شروع ٿيو هو، انهيءَ کي تحريڪ انصاف سميت ٻين سياسي پارٽين متنازعه پئي ڪيو آهي. ڪڏهن 4 حلقا ته ڪڏهن 35 حلقا. پروپيگنڊه جو هڪ جهان آهي، جيڪو اسين گذريل 16 سالن کان ڏسي رهيا آهيون. هاڻي به ائين ٿي رهيو آهي جو فيبروري انتخابات کي متنازعه بڻايو پيو وڃي، جيڪي سياسي ڌريون ماضي ۾ هڪ ٻئي کي برداشت نه پيون ڪن، اهي هاڻي هم آواز آهن. مثال طور JUIF ۽ PTI.
ٻئي پارٽيون ماضي ۾ هڪ ٻئي جي خلاف رهيون آهن، پر اسين اهو ڏسون پيا ته هاڻ ٻئي پارٽيون گڏجي تازو ٿيل چونڊن کي متنازعه ڪري رهيون آهن. ڇاڪاڻ جو اهي پارٽيون سمجهن ٿيون ته اسين 100 فيصد ماڻهن جا نمائندا آهيون ۽ اسان جون 100 فيصد سيٽون کٽيل آهن. عقل سليم کان ڪم وٺجي ته اهو ڪڏهن به ممڪن ڪونه رهيو آهي، ڪنهن به سياسي نظام ۾ کڻي ڪوبه ڪيترو مقبول ليڊر هجي، پر اهو 100 فيصد ڪاميابي نه ٿو ماڻي سگهي. اسان وٽ هن کان اڳ هڪ آمريت بنيادي جمهوريتون ٺاهيون. ٻي آمريت غير جماعتي چونڊون ڪرايون. مس مس جمهوري دور هليو آهي، 2008 کان لاڳيتو هي چوٿيون چونڊون آهن، ان جي نتيجي ۾ چونڊيل اميدوارن کي وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتون ٺاهڻيون آهن. اسين اميد ٿا ڪريون ته هن مهيني جي آخر ڌاري اهي حڪومتون وجود ۾ اچي وينديون ۽ پاڪستان کي هڪ مستحڪم سياسي نظام ڏينديون، جنهن جي هن وقت پاڪستان کي گهڻي ضرورت آهي. اسان جون معاشي حالتون اسانجي سرحدن تي موجود دهشتگردي کي منهن ڏيڻ، زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ هڪ مضبوط حڪومت گهرجي، جنهن لاءِ سڀني سياستدانن کي گڏجي ملڪ کي هن ڏکئي موڙ مان پار اڪارڻ گهرجي.
ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ محترم قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ جوڙيو ويو آهي، جنهن جي سماعت 19 فيبروري تي ٿيندي. جيئن اسان مٿي چئي آيا آهيون، ته ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجي کي متنازعه ڪيو پيو وڃي ۽ انهيءَ ۾ ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون شامل آهن، ڏسون ٿا ته ملڪ جي اعليٰ عدالت انهيءَ جي متعلق ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري، سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو تاريخي هوندو ۽ ملڪ جي سياسي مستقبل کي طئي ڪندو.