ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل ٻار
هن سال چوماسي جي برساتن سبب جتي ماڻهن جو هر حوالي سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اُتي هر جيوَ وانگر ننڍڙن ٻارن به تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. اسان وٽ سماجي بيهڪ ڪجهه اهڙي قسم جي آهي، جنهن ۾ هر معصوم سُورن ۾ آهي، پر خاص طور تي عورتون ۽ ٻار تمام گھڻيون تڪليفون ڏسن ٿا. اسان اڄ اُنهن ٻارن جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي تازين شديد برساتن سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن.
مختلف ادارن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ٻار تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. جنهن ۾ بي گهر ٿيڻ، غذائي کوٽ جو شڪار ٿيڻ ۽ پاڻي مان مختلف بيمارين جو پيدا ٿيڻ شامل آهي.
ڪنهن به آفت کي وڏي ڄمار جو ماڻهو ۽ ننڍڙو ٻار الڳ الڳ انداز سان ڏسندا ۽ منهن ڏيندا آهن. وڏي ڄمار جو ماڻهو پاڻ کي اڳواٽ تيار رکندو آهي. جڏهن ته ننڍا ٻار خاموشي سان ڀوڳيندا آهن. هُو پنهنجو درد ڪنهن کي ٻُڌائي به ناهن سگهندا ۽ کين ڪو سمجهي به ناهي سگهندو. اِهو وڏو الميو آهي. آفتن سبب ٻارڙن ۾ ڊپ ۽ اداسي پيدا ٿئي ٿي. آفتن سبب ٻارڙن ۾ مستقل نفسياتي بيماريون به پيدا ٿي وڃن ٿيون.
عالمي ادارن جي سروي موجب پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٻن مهينن کان به مٿي وقت تائين 30 لک کان مٿي ٻار گهٽين ۾ بُکون ڪاٽيندي، ڪنهن به آرام ۽ ننڊ کانسواءِ زندگي گهاريندا رهيا. پاڪستان ۾ 1947ع کان 2022ع تائين 42 ٻوڏون اچي چڪيون آهن. اِن جو مطلب ڪيترائي غريب ٻار سالن جا سال کُليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سندن چوڌاري ڪُتن جي ڀئونڪ ۽ مڇرن جو آزار آهي. جيڪو سندن سُورن ۾ ويتر اضافي جو سبب آهي. اهڙين تڪليف ڏيندڙ گھڙين ۾ کين ٻن ويلن جي ماني به نصيب نٿي ٿئي. اهڙين حالتن ۾ تمام گهڻا ٻار يتيم ٿي وڃن ٿا يا ڪي اڳ ۾ ئي يتيم آهن ته انهن ويچارن جو به ڌڻي سائين ڪونهي. اهڙين حالتن ۾ ٻار جنسي ڏاڍائي جو نشانو به بڻجن ٿا. ٻارن ۾ به ڇوڪريون وڌيڪ تڪليفون سهن ٿيون. افسوس جو سندن درد کي محسوس نٿو ڪيو وڃي.
اهڙين آفتن ۾ ٻارن جو تمام گھڻو تعليمي نقصان به ٿئي ٿو. خاص طور تي اسان جهڙن سماجن ۾ ته تعليم اڳ ۾ ئي ترجيحن ۾ شامل ناهي، اُتي ته اڃان به وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو. ٻوڏ ۾ جيڪي ٻار دربدر ٿيا، انهن مان گهڻا ته اڳ ئي اسڪول ڪونه ٿي ويا، پر جيڪي ويا ٿي، انهن به وڃڻ ڇڏي ڏنو. جڏهن به ڪا آفت ايندي آهي ته اسڪولن مان ٻارن جو تعداد گهٽجي ويندو آهي. ٻه سال اڳ ڪورونا به وڏو نقصان ڏنو. ادارا بند ٿي ويا. ٻار پڙهائي ڇڏي ويا، وري هن مصيبت تباهي ڪري ڇڏي. اِهو اسان جو تمام وڏو سماجي نقصان آهي. ڇو ته اِهي ئي ٻار سڀاڻي وڏا ٿيندا. جيڪي هِن وقت کان بُک، ذلت ۽ محرومين جي ور چڙهيل آهن، سي وڏا ٿي چوريون ڪندا ۽ سماج تي بار ٿي پوندا. انهن جي تعليم ۽ تربيت تي ڪو به ڌيان ناهي.
حڪومت سميت مختلف ادارا جڏهن به ڪا رٿابندي ڪندا آهن ته افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته انهي رٿابندي ۾ ٻار شامل ئي ناهن هوندا، ٻارن بابت سوچبو ئي ناهي. انهن لاءِ ڪا به رٿابندي ناهي هوندي! اسان جيڪڏهن هڪ بهتر سماج جوڙڻ چاهيون ٿا ته اسان کي اُن ۾ ٻارن کي به شامل ڪرڻو پوندو. کين پيار ۽ عزت ڏيڻي پوندي. سندن تعليم ۽ تربيت جو خيال رکڻو پوندو. اُن ۾ به نياڻين جو وڌيڪ خيال رکبو، تڏهن وڃي هڪ بهتر سماج جُڙندو.
***

