آباديءَ جو وڌندڙ رجحان ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو
ملڪ رياستِ پاڪستان جتي ڪيترن ئي سياسي مسئلن کي منهن ڏيئي رهي آهي، اتي هن وقت پاڪستان کي سڀ کان وڏو چئلينج معاشي مسئلا آهن، جيڪي ايترا ته شدت اختيار ڪري ويا آهن، جو عوام پاڻ کي هن وقت بي يارومددگار محسوس ڪري رهيو آهي. انهن مسئلن جا ڪيترائي سبب آهن جن ۾ بين الاقوامي مسئلا به شامل اهن ته ملڪ جا اندروني مسئلا به شامل آهن. ملڪ ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين مارشل لائن جو راڄ رهيو نه جمهوريت مضبوط ٿي سگهي ۽ نه سياسي قيادت بالغ ٿي سگهي، جنهن سان ملڪ جي وسيع مفاد ۾ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي جو ملڪ معاشي طور مضبوط ٿي سگهي ها.
هن وقت پاڪستان هڪ تمام ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، ماحولياتي تبديلين جي اثر هيٺ شديد برساتن کانپوءِ پاڪستان جو غريب عوام پنهنجي ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي ويٺل آهي. افسوس ته اهو آهي ته غريب خاندانن ۾ جتي بيروزگاري گهڻي آهي، اتي في خاندان ۾ ٻارن جو تعداد تمام گهڻو هجڻ جي ڪري ملڪ جي وسيلن تي تمام گهڻو بار پئجي رهيو آهي. 2017 جي آدمشماريءَ مطابق هن وقت ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙ آهي، جيڪا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت ٽي ڪروڙ پنجويهه لک هئي ۽ امڪان ڏيکاريو ٿو وڃي ته 2035 ۾ اها 28 ڪروڙن تائين رسي ويندي.
هن وقت ملڪ جي آبادي هڪ بي لغام گهوڙي وانگر تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي، جنهن کي قابو ڪرڻ لاءِ رياست جي ڪابه مرضي يا پاليسي نظر نٿي اچي جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ عوام زمين جي هڪ اهڙي ٽڪري تي ويٺل آهي، جتي ائٽم بم نصب ٿيل هجي.
اسان جو ملڪ جيئن ته زرعي ملڪ آهي ۽ انهيءَ جي 64 سيڪڙو آبادي زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. جن جي گهڻائي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، انهيءَ الميئي جي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته هڪ اهڙو ملڪ جو زراعت لاءِ بهترين ماحول رکي ٿو. جنهن وٽ چار موسمون آهن. پنجن کان وڌيڪ نديون ۽ دنيا جو بهترين آبپاشي نظام آهي، جنهن جو هاري محنت ڪش آهي. ملڪ ۾ زرعي ڦهلاءَ ۽ تحقيق جا ادارا آهن ته زرعي يونيورسٽيون پڻ آهن، پوءِ ڇا سبب آهي جو ملڪ خوراڪ ۾ پاڻ ڀرو نه ٿي سگهيو آهي. اسان جي حڪومت جون زرعي پاليسيون بهتر هجڻ گهرجن ۽ فصلن جي بهتر اپت لاءِ زرعي سائنس تي ٻڌل منصوبا جوڙيا وڃن ته جيئن ملڪ جي سموري آبادي تائين کاڌ خوراڪ جي رسائي ممڪن ٿي سگهي، جيڪو انهن جو بنيادي حق آهي. اسين جيئن ته اناج ۾ خود ڪفيل نه ٿي سگهيا آهيون، انهيءَ ڪري انهن جون قيمتون عام ماڻهو جي قوت خريد کان ٻاهر آهن. ملڪ جي 40 سيڪڙو آبادي خوراڪ جو تحفظ نه هجڻ کي منهن ڏئي رهي آهي، مٿان وري ماحولياتي تبديلين جي ڪري هن سال پاڪستان ۾ شديد برساتن جي ڪري ڪيترائي علائقا ٻوڏ جو شڪار به ٿيا آهن ۽ ان آفت اڃا به زرعي پيداوار کي ڌڪ هنيو آهي ۽ مستقل قريب تائين انهي جا اناج جي اپت ۽ ٻي زرعي پيداوار تي گهٽتائي وارا اثر رهندا. موسمي تبديلين سان گڏوگڏ، گهٽ زرعي پيداوار ۽ آباديءَ ۾ اضافي انهيءَ سڄي معاملي کي سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو اسين دالون ۽ کاڄرو تيل به درآمد ڪري رهيا آهيون، انهيءَ سڄي صورتحال جو بنيادي سبب آباديءَ ۾ اضافو آهي. اسان جو زرعي شعبو ملڪ جي ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جي ضرورتن جيتري پيداوار نه ڏئي رهيو آهي. هڪ طرف زرعي اپت ۾ خود ڪفالت کان اسين پري ٿي رهيا آهيون ۽ ٻي طرف اسان جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. کاڌ خوراڪ جي کوٽ کانسواءِ انهيءَ وڌندڙ آباديءَ جي رهائش، تعليم، صحت ۽ روزگار جا مسئلا به انهيءَ سان لاڳاپيل آهن، ائين نه ٿئي جو انهيءَ آباديءَ کي جنهن جي گهڻائي تعليم کان وانجهيل آهي، بنياد پرست قوتون پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ملڪ ۾ امن امان ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ خطرا پيدا ڪري وجهن.
هن وقت سڄي دنيا نون امتحانن ۽ وسيلن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته هر ملڪ پنهنجن وسيلن کي بهتر نموني استعمال ڪرڻ جي صلاحيت پئدا ڪري آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان جي پاڙيسري ملڪ چين پنهنجي وڌندڙ آباديءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ هڪ سخت پاليسي جوڙي هئي، جنهن ۾ ڪجهه سالن تائين صرف هڪ ٻار پئدا ڪرڻ جي اجازت هئي ۽ هن وقت چين ۾ هڪ شادي شده جوڙو صرف ٽي ٻار پئدا ڪري سگهي ٿو. ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اسان جي ملڪ ۾ ان قسم جون پاليسيون ڪيترائي ٻيا بحث شروع ڪري سگهن ٿيون، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ان قسم جا مضمون ڪتابن ۾ شامل ڪريون ته جيئن پنهنجن نوجوانن کي ايندڙ وقت جي مسئلن کان مڪمل آگاهه ڪري سگهون.
اسان کي آبادي تي قابو ڪرڻ لاءِ هڪ متوازن ۽ ڊگهي عرصي لاءِ مانع حمل منصوبه بندي جي ضرورت آهي. آبادي جي گهٽتائي لاءِ انهي سلسلي ۾ تعليم ۽ پيغام جو سڄي سماج ۾ ڦهلاءُ ته ٿورڙا ٻار هڪ گهراڻي جي کاڌ خوراڪ، تعليم ۽ صحت جي مسئلن کي گهٽ ڪندا ۽ زندگي جي معيار کي وڌائيندا. پاڪستان جي هر گهراڻي لاءِ ٿورا ٻار جيڪي تعليم يافته به هجن ۽ صحت مند به، اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجن. ڀلي انهيءَ لاءِ اسان کي طويل سفر ڪرڻو پوي. ملڪ جي سموري آباديءَ جي والدين تائين انهيءَ تعليم کي تيزيءَ سان پهچايو وڃي. جيئن آباديءَ جي وڌندڙ رجحان تي قابو ڪري سگهجي. گڏوگڏ اسان کي زراعت جي شعبي ۾ به انقلابي تبديليون آڻڻ گهرجن. جيستائين آباديءَ جي واڌ ٻُڙي جي سطح تي اچي، تيستائين انهن جي کاڌ خوراڪ جي ضرورتن جو پورائو ڪيو وڃي ۽ انهن جون قيمتون غريب ماڻهن جي قوت خريد جيتريون مقرر ڪيون وڃن، ڀلي انهيءَ لاءِ سرڪار کي سبسڊي ڇو نه ڏيڻي پوي. وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جو عمل في الفور شروع ٿيڻ گهرجي نه ته آبادي جي تيزيءَ سان واڌ ۽ کاڌ خوراڪ جي ڪمي ملڪ ۾ ڪيترائي سنگين مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ سڀني کان وڏي ۾ وڏو مسئلو ڏوهن ۾ گهڻائي ۽ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ ۾ خود ڪفالت جي حصول لاءِ زرعي ميدان ۾ انقلابي قدم کڻي. يقينن اهي هدف حاصل ڪرڻ جوڳا آهن، رڳو سرڪار جي ارادي جي دير آهي.
***

