”استاد“
پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه مرحوم سابق وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي حيثيت ۾ چارج سنڀالي ته هن ٻه ڪتاب ”استاد“ ۽ ”ڪتاب“ جي نالي سان لکي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران شايع ڪرايا. اهو 70 جي ڏهاڪي جو شروعاتي دور هو. اهي ٻئي ڪتاب پوري ملڪ ۾ گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيا. خاص طرح سنڌ جي مڙني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي زينت بڻيا. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه تعليم کاتي ۾ ڳچ عرصي تائين هڪ استاد، منتظم ۽ مهتمم جي حيثيت ۾ شاندار خدمت ڪئي. سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ.آءِ قاضي جي وائيس چانسلري کانپوءِ هن جديد سائنسي لاڙن، مسلم آرڪيٽيڪٽ جي طرز تي يونيورسٽي جي ڪيترن ئي ڊپارٽمينٽن جي تعمير، بهترين انفرااسٽرڪچر جي فراهمي، سائنسي تعليم ان جي توسيع ۽ ترقي، استادن جي اعليٰ تعليم ۽ فڪر و نظر سان پاڻ موکايو. هو پنهنجي ڪتاب ”استاد“ تي اظهار ڪندي لکي ٿو ته: استاد زبان جو مالڪ ۽ محافظ آهي. استاد جي زبان مٺي، جاذب ۽ وڏي ولولي واري آهي. استاد وٽ لفظن جو ذخيرو اڻ کٽندڙ آهي. سوچ جو اصلي مفهوم استاد جي زبان ئي ادا ڪري سگهي ٿي. استاد درياءَ دليءَ جو مجسمو آهي. عالم ۽ استاد هڪ معنيٰ آهن. عالم ۽ استاد نبين جي قطار ۾ آهن. هر پيغمبر رهبر ۽ استاد هو. جن قومن استاد کي بلند نه رکيو، اهي ذليل ۽ نابود ٿيون. تعليم جو بنيادي مفهوم استادن ڏنو. استادن کانسواءِ قومن جي طاقت حيواني شجاعت آهي. روس ۾ استاد کي حقيقي تعظيم ۽ عزت جو مالڪ سمجهيو وڃي ٿو. هندستان جا سڀ صدر مملڪت عالم، استاد ۽ فلسفي هئا، علم ۽ تعليم جي برڪت ۽ بلندي نه فقط زبان ۽ ذهن ۾ هجي مگر اکين سان ڏسڻ به ضروري آهي. جهالت، غرور ۽ عالم ۽ استاد لاءِ نا قدريءَ اسان کي هتي پهچايو آهي. اسان کي پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي. اسان کي پنهنجي تاريخ تي روئڻ اچڻ کپي. حاڪمن ۾ جهالت ۽ بداخلاقيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به مثالي ڪردار نه ڏٺوسين.
”استاد“ مان منتظم پيدا ٿين ٿا ۽ وائيس چانسلر جي منصب تي به پهچن ٿا، جيڪي پنهنجي شعور ۽ صلاحيت سان مستقبل جي معمارن لاءِ گهربل وسيلا ۽ دڳ مهيا ڪن ٿا. وائيس چانسلر علم جو اَبو آهي. هن جي عزت، حرمت ۽ وقار سڀ کان اُتم آهي. آغا شهاب پنهنجي والد مرحوم آغا تاج محمد (تڏهوڪو رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي) جي ساروڻين بابت پنهنجي اخباري ڪالم ۾ لکي ٿو ته علامه آءِ.آءِ.قاضي (تڏهوڪي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي) جي ملاقات لاءِ ان وقت جو ڊويزنل ڪمشنر بابا مرحوم کان ملاقات ڪرڻ بابت پڇندا هئا ۽ پوءِ روبرو اچي يونيورسٽي جي مامرن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا. محترم مدد علي سنڌي ”علامه آءِ.آءِ.قاضي جي شخصيت ۽ حياتي جو احوال“ بابت ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هڪ ڀيري تڏهوڪو صوبائي گورنر اولهه پاڪستان نواب مشتاق احمد گورماڻي حيدرآباد آيو. چانسلر جي حيثيت سان هن قاضي صاحب سان ملڻ چاهيو. اتفاق سان ملاقات جو وقت آفيس ٽائيم کانپوءِ جو هو. علامه صاحب کي جڏهن پتو پيو ته گورنر ساڻن هن وقت ملڻ ٿو چاهي. تڏهن پاڻ واچ کي ڏسڻ سان چوڻ لڳا ”مونکي افسوس آهي ته آفيس جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ مان هن وقت گورنر سان ملي نٿو سگهان“ گورنر صاحب کي به ساڳيءَ رات واپس ورڻو هو انڪري علامه صاحب سان ملاقات ڪرڻ کانسواءِ واپس هليو ويو. 90 واري ڏهاڪي ۾ تڏهوڪي گورنر سنڌ محمود هارون جو يونيورسٽين بابت صلاحڪار سابق بيورو ڪريٽ جي.ڊي ميمڻ هو. جيڪو مهراڻ يونيورسٽي جي ڪنهن اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو، تنهن کي آڌر ڀاءُ ڪندي ان وقت جي وي.سي مرحوم اي.ڪيو علوي ”سَر“ جي لقب سان مخاطب ٿيو. يونيورسٽي جي ٽيچرز ايسوسئيشن ”ميوٽا“ صلاحڪار صاحب کي ان طرح سان مخاطب ٿيڻ جي مذمت ڪئي هئي، ڇو ته وائيس چانسلر وڏو منصب آهي ۽ بنيادي طرح هو ”استاد“ آهي ۽ صلاحڪار کي ”سَر“ چوڻ مناسب نٿو جڳائي. ساڳي يونيورسٽي ۾ سنڌ جي تڏهوڪي گورنر عشرت العباد جو صلاحڪار ميجر آفتاب لوڌي انسپيڪشن ٽيم سان گڏ انجنيئرنگ ورڪشاپ جو معائنو ڪيو، جتي شاگرد پريڪٽيڪل ڪري رهيا هئا، جن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صلاحڪار صاحب تڏهوڪي ويسي ڊاڪٽر راجپوت جي ٻانهه تي هٿ رکي هڪ شاگرد کان پڇيو ته ”هن کي سڃاڻين ٿو؟“ صلاحڪار جي ان انداز کي شاگرد استاد ۽ انتظامي عملو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. صلاحڪار جي ان فعل تي يونيورسٽي ۾ تنقيد ٿيندي رهي.
شيخ اياز مرحوم 90 جي ڏهاڪي ۾ روزاني برسات ڪراچي جو چيف ايڊيٽر هو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي وي.سي مرحوم غلام علي الانه خلاف اخبار ۾ خبر شايع ٿي جيڪا شيخ اياز کي ناگوار گذري ۽ هن واسطيدار سب ايڊيٽر کي ڇنڊ پٽي چيو ته وي.سي هڪ معتبر عهدو آهي ۽ هو هڪ ”استاد“ آهي ۽ استاد جي شان ۾ ڳالهائڻ توڙي لکڻ زندهه قوم جي شان وٽان هر گز ناهي. تازو ئي مهراڻ يونيورسٽي جي ڪنهن ليڪچرار پنهنجي درخواست ۾ وي.سي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ان کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو، ان پريشر ذريعي هن ٻاهرين ملڪ اسڪالرشپ وٺڻ لاءِ آزمودو ڪيو. سنڌ جي هڪ سٺي ساک رکندڙ تعليمي اداري جي سربراهه لاءِ جيڪو ”استاد“ به آهي، اهو عمل بي صبري ۽ عجلت جي عڪاسي ڪري ٿو.
”استاد“ جي عزت، حُرمت، تعظيم ۽ ساڻس قربائتو رويو اسان لاءِ مستقبل جو دڳ آسان ڪري ٿو.

