سج جي توانائي جي مدد سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ايٿا نول ۾ بدلائڻ جو ڪامياب تجربو
ڪاربان ڊاءِ آسڪائيڊ سان بايو فيول ٺاهڻ جو هڪ نظام تيار ڪيو ويو آهي. دنيا جي فضا ۾ وڌندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان آبهوا ۾ تبديلي جو سبب بڻجي رهي آهي، جنهن مسئلي ڪارڻ دنيا ۾ ساليانه لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن. هاڻي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ شروعاتي تجربن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي. لارنس برڪلي يونيورسٽي جي سائنسدانن سج جي توانائي جي مدد سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ايٿا نول ۾ بدلائي فيول ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هنن هٿرادو طريقي سان فوٽو سينٿيسز جي عمل سان فيول ٺاهيو آهي. فوٽو سينٿيسز جي عمل ذريعي ٻوٽا سج جي روشني مان توانائي حاصل ڪري پنهنجي واڌ ويجهه ڪندا آهن. خبرن موجب مرڪزي ماهر جيول ايگر چيو آهي ته هن طريقي سان سڌي ريت فيول تيار ڪري سگهجي ٿو. هن طريقي سان منجهند جي وقت ئي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي ذريعي فيول تيار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سج جي روشني تيز هوندي آهي.

