ادب

ھر عورت پنھنجي نيڻن ۾ ماحول مطابق خواب سجائيندي آھي

گھڻي قدر جيڪو ھو پنھنجي آس پاس ڏسندي ايندي آھي، تنھن جي پيروي ڪرڻ جو ڪڏھن کيس چيو ويندو آھي يا ڪڏھن پاڻ ئي انھيءَ رنگ ۾ رنگجي ويندي آھي.

ڪٿي ڪٿي ته ڇوڪري ڄمڻ ساڻ ئي خاندان ۾ ڪنھن نه ڪنھن جي نالي ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪڏھن وري رواج موجب پنھنجي مامي، چاچي جي عيوض بڻجي، سندس ڄم کان اڳ ئي پيٽ لکرائي ھن کي انھيءَ رشتي ۾ جوڙيو ٿو وڃي.

جيئن ئي ھو دنيا ۾ اک کولي ٿي ته ھن کي ڪنھن جي ڌيءَ ۽ ڀيڻ بعد ۾، پر ڪنھن جي ننھن ۽ منڱ اول سڏيو ويندو آھي.

انھي جي ڪري ئي ھو پنھنجي ڪچڙي ذھن ۾ ازل کان وٺي صرف اھو تصور مضبوط ڪري ڇڏيندي آھي ته ھن کي وڏي ٿي صرف شادي ڪرڻي آھي.

مطلب پرڻي کان علاوه ھن جي ذھن ۾ ٻيو ڪو خيال ئي ڪون ايندو آھي.

ٻئي طرف اھا ڇوڪري جيڪا ڪنھن اھڙي ھنڌ جنم وٺي ٿي، جتي پڙھائي ڪرڻ ضروري نه ھوندو آھي يا ڪڏھن ڪڏھن پڙھائي تي لکين پابنديون ڀوڳيندي ھو پرائمري ته پاس ڪري ويندي آھي، پر مڊل تائين وڃڻ جي اجازت نه ملندي اٿس يا ڪٿي ڪا ڇوڪري مڊل پاس ڪري ٿي ته انھيءَ کي ڪاليج نٿو پڙھايو وڃي ۽ ڪڏھن ته يونيورسٽي ۾ مليل داخلا کي اھو چئي رد ٿو ڪرايو وڃي ته اسان وٽ ڇوڪريون يونيورسٽي نه پڙھنديون آھن.

يا ڪن جي نوڪري ڪرڻ تي پابندي لڳائي ٿي وڃي.

انھي ۾ قصور ڪنھن جو آھي،

اگر ڇوڪري اڳتي وڌڻ جا خواب نه ٿي ڏسي ته اھا جاھل ليکي ٿي وڃي ۽ جيڪڏھن اڳتي وڌڻ ٿي چاھي ته پوءِ انھي جي اڏامن کي روڪي ھن کي محروم ڇو ٿو بڻايو وڃي! ڇو ھن جي خوابن کي معاشري ۽ رسمُن راوجن جي قيد ۾ پوريو ٿو وڃي؟

عورت جڏھن بھادر ٿيڻ ٿي چاھي ته پوءِ انھي جي بھادري کي بزدلي ۾ بدليو ڇو ٿو وڃي.

مون اھڙو دور ڏٺو ته نه آھي، پر اڪثر پنھنجي وڏن کان اڳئين وقت جي باري ۾ پڇندي ضرور ٻڌو اٿم ته ھاڻي جو زمانو انھي زماني کان بلڪل الڳ آھي…

ايترو الڳ جو ھاڻ ھوريان ھوريان اھي رواج، قرب ۽ سچائيون ڌندليون ٿينديون پيون وڃن…

ليڪن پراڻي وقت جي باري ۾ مون جيترو ٻڌو آھي سو پازيٽو ئي آھي…

جنھن مان ڪنھن کي به ڪا شڪايت ئي ناھي، نه پاڻ سان نه رشتن سان ۽ نه ئي حالتن سان…

انھي دور ۾ ماڻھو پڙھيل لکيل گھٽ ضرور ھئا پر سمجھدار ھئا.

رشتن کي سچائين سان نڀائيندا ھئا، اڄ جي دور ۾ ته رشتن سان به رانديون رھيون ٿيون وڃن.

ڪير به ١٠٠ فيصد ڪنھن شخص مان راضي ڪونھي، ڪنھن کي ڪنھن جو ڪھڙو ڏک ته ڪنھن کي ڪھڙو.

مطلب ھر انسان جو اگر ڪنھن جي زندگي ۾ سٺو اميج رھيو آھي ته ٻي جي ۾ سخت برو.

اڳئين زماني ۾ گھر ڪچا، آمدنيون گھٽ، پر ماڻھو دلين جا بادشاھ ھوندا ھئا…

اگر پاڙي، ويڙھي ۾ ڪنھن مٽ مائٽ جو مھمان ايندو ھو تنھن سان خاص ملڻ ويندا ھئا ۽ سڪ مان کيس پنھنجي گھر اچڻ جي دعوت پڻ ڏيندا ھئا…

پوءِ دال ماني کارائي به ھو بي حد خوش ٿيندا ھئا.

ھاڻ ته رڳو رسمون رھجي ويون آھن…

مھمان جي اهتمام ۾ ميزون ڀري ڇڏڻ عام ٿي ويو آھي ۽ ھر طرف ٻئي کي متاثر ڪرڻ لاءِ وڏيون جفاڪشون ٿيون ڪيون وڃن.

اڳي جا ماڻھون سادا پراڻا ڪپڙا پھري به مطمئن ھوندا ھئا ۽ ھاڻ برينڊيڊ ڪپڙا پائي نئين ماڻھو کي پنھنجو ڪيو ٿو وڃي…

دور جيترو جديد ٿي ويو آھي، ماڻھون اوترا خود غرض ۽ مطلبي بڻجي ويا آھن…

ھاڻ دوستيون، رشتا سڀ لالچ جي بنياد تي ٿيندا آھن. جيئن ئي مطلب ختم ته شين جي ڊيٽ پاڻ ئي ايڪسپائر ٿي ويندي آھي…

۽ پوءِ مطلب تي جڙيل اھي رشتا ڪيترائي ويجھا ڇو نه ھجن ڪنھن سالن جي پاليل بي وفا طوطي جيان ھميشه لاءِ اڏري ھليا ويندا آھن…

اڳئين دور جو ذوق ئي پنھنجو ھو، اسين اھو ڏسي ته نٿا سگھون، پر محسوس ضرور ڪري سگھون ٿا.

ڪاش اھڙو دور پنھنجا ڪي عڪس ڇڏي وڃي ھا ته جيئن اڄ جو انسان گھڻن خسارن کان بچي پئي ھا.

***