باجوه پاڻ تسليم ڪيو آهي ته پي ٽي آئي جي حڪومت هن ڪيرائي: عمران خان
چيئرمين پي ٽي آئي عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه هڪ صحافي کي بيان ڏيندي تسليم ڪيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت هن ڪيرائي ان لاءِ فوج اندر هن معاملي تي انڪوائري ٿيڻ گهرجي. عمران خان چيو ته باجوه پاڻ تسليم ڪيو آهي ته هن سندس حڪومت جو خاتمو ڪرايو ۽ پاڻ سڀ گڏجي ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن به هنن سان گڏ مليل آهي، شفاف اليڪشن نٿا ٿي سگهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ چونڊي چونڊي پوليس وارا لڳايا ويا آهن، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن 90 ڏينهن کان اڳتي نه ويندا.

