حيدرآباد ۾ ڇرين جا وار ڪري ناري بيدردي سان قتل
حيدرآباد ۾ ڇرين جا وار ڪري ناري بيدردي سان قتل ڪئي وئي، مقتولا ناري اقرا ڌيءَ خادم مشوري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول ناري جي والد خادم مشوري جو چوڻ آهي ته ٽيڪسي هلائي گذر سفر ڪندو آهيان، نياڻي بيوٽي پارلر تي نوڪري ڪندي هئي. ناري جي والد جو وڌيڪ چوڻ هو ته اولڊ وحدت ڪالوني ۾ گهر سامهون غيور ڪليار رهي ٿو جنهن بابت نياڻي وڊيو بيان ڏنو ته کيس ان ڇريون هنيون، نياڻي وڊيو بيان بعد دم ڌڻي حوالي ڪيو، ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ناري اقرا مشوري جي بيدردي سان قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ترجمان موجب ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي امجد احمد شيخ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.

