ذهني دٻاءُ گهٽ ڪريو، دماغ پاڻهي تيز ٿي ويندو
هڪ مطالعي مان خبر پئي آهي ته ذهني دٻاءُ ۽ دماغي صلاحيت جي وچ ۾ گهرو تعلق هوندو آهي ۽ ان کي گهٽ ڪري اسان پنهنجي دماغ کي توانو ۽ بهتر رکي سگهون ٿا. جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسوسئيشن (جاما) جي اوپن نيٽورڪ ۾ شايع ٿيڻ واري رپورٽ مطابق جيئن ئي اسانجو اسٽريس وڌي ٿو، تيئن ئي يادداشت، فوڪس، فيصلي جي قوت ۽ دماغي فعل متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. ان کان پهرين سائنسي ماهر تحقيق کانپوءِ خبردار ڪري چڪا آهن ته دٻاءُ پوري بدن کي متاثر ڪري ٿو. هاڻ ايموري يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن، اٽلانٽا جي ايمبرڪل شريشترا اهو مطالعو ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته زندگي مان دٻاءُ بلڪل ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي، پر اسان ان کي ڪيئن گهٽ ڪري سگهون ٿا ان کي اسٽريس مئنيجمينٽ چئبو آهي. سندس مشورو آهي ته ماڻهو پنهنجو خيال رکن ۽ مراقبي ۽ علم ۽ شعور سان ان دٻاءُ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اهڙي ريت نه صرف دماغ توانو رهي سگهي ٿو، پر ان جون صلاحيتون به متاثر ٿيڻ کان بچي سگهن ٿيون.

