پاڪستان دراوڙ اتحاد پاران سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻي جو اعلان
دراوڙ اتحاد پاران نابالغ هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪرڻ زوريءَ سندن مذهب تبديل ڪري ساڻن شادي ڪرڻ تي قانونسازي نه ڪرڻ ۽ سندن زمينن، پلاٽن ۽ قبرستانن مٿان قبضي ڪرڻ، ڪڇي، ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، باگڙي ۽ ٻين برادرين کي اعليٰ ايوانن ۾ نظر انداز ڪرڻ سميت اهم مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ خميس 30 مارچ تي سنڌ اسيمبلي سامهون ڌرڻو هڻڻ جو اعلان.

