سيڪيولرزم ڇا آهي؟
سيڪيولرزم مذهب ناهي ۽ نه مذهب مخالف نظريو آهي، بلڪه هي انسان جي بنيادي حقن کي تحفظ ڏيڻ جو نظريو آهي، ڇو ته ماضي ۾ رياستن مذهبي بنياد تي انسانن جو استحصال ڪيو آهي.
انساني تهذيب مختلف دورن کان گذري آهي، جنهن ۾ مختلف بادشاهتون ۽ سلطنتون شامل رهيون آهن، هر سلطنت جو قانون مختلف رهيو آهي، پر هڪ شيءِ تمام بادشاهتن ۾ ساڳئي رهي آهي ته جيڪو مذهبي نظريو بادشاھ جو هوندو هو، اهو ئي سڄي سلطنت جي پاليسي تي حاوي رهندو هو، تاريخ ۾ اهڙو دور تمام گهٽ رهيو آهي، جنهن ۾ رياست ۽ مذهب الڳ الڳ رهيا هجن، قديم تهذيبن جي بادشاهتن ۾ به رياست ۽ مذهب گڏ گڏ رهيا آهن، بلڪه اهڙو دور به رهيو آهي، جنهن ۾ بادشاهن پاڻ کي خدا سڏرايو يا خدا جو نائب هجڻ جي دعويٰ ڪئي.
ماضي جي وڏي ۾ وڏي سلطنتن مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو ۽ مخصوص قسم جي مذهبي تشريح ماڻهن مٿان نافذ ڪئي وئي، قديم مصري سلطنتن (جنهن ۾ فرعون مصري بادشاھ پاڻ کي خدا يا خدا جو نائب چوندو هو) کان وٺي رومن سلطنت تائين مذهب ۽ سلطنت هڪ رهيا ۽ عام ماڻهو جو استحصال جاري رهيو، ماڻهن کي جبر جي بنياد تي مجبور ڪيو ويندو هو ته اهي ان مذهب مٿان يقين ڪن ۽ ان کي قبول ڪن، جيڪو سلطنت جو مذهب آهي اهو استحصال 17 صدي به رهيو ۽ هاڻي به آهي، پر هاڻي گهٽ ٿي ويو آهي ڇو ته هاڻي عالمي تنظيمون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي انسان جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪن ٿيون.
دانشورن مذهبي جبر ۽ انسانن جي استحصال واري دور کي (ڊارڪ ايج-اونداهي وارو دور) چيو آهي ۽ 17 صدي کانپوءِ واري زماني کي (انلائيٽمينٽ-روشن خيالي وارو دور) چيو آهي ڇو ته 17 صدي کانپوءِ انسان شعوري طور تي ترقي شروع ڪئي ۽ اهڙا فلسفي ۽ دانشور پيدا ٿيا، جنهن انسانن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي ڳالھ ڪئي ۽ مذهبي بنياد تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ۽ اهڙو معاشرو ٺاهڻ جي ڳالھ ڪئي جنهن ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن کي بنيادي حق حاصل هجن.
دنيا جي ڪل آبادي 7 ارب آهي، جنهن ۾ ظاهري طور جن انسانن پنهنجو مذهب ظاهر ڪيو آهي، ان ۾ 2 ارب عيسائي 1 ارب 30 ڪروڙ مسلمان ۽ 1 ارب اهڙن ماڻهن جو تعداد آهي، جيڪي ڪنهن به مذهب تي يقين نٿا رکن، ياد رکڻ گهرجي ته اها تعداد انهن ماڻهن جي آهي جن نالن کان ۽ خاندان کان اهو ظاهر ڪيو آهي ته اهي ڪهڙي مذهب سان تعلق رکن ٿا. سوچو جيڪر اهي تمام انسان پنهنجي موجوده مذهبي اختلاف جي بنياد تي وڙهي پون ته ڪيتري وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ خوني جنگ جي نتيجي ۾ دنيا اندر ڪو هڪ به انسان نه بچي.
اهڙي طرح دنيا ۾ ملڪ ۽ شهر به مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ انسانن سان آباد آهن، انهي آبادي ۾ هر انسان پنهنجي مذهبي عقيدي تي عمل ڪندو آهي، جيڪر رياست ڪنهن هڪ مذهب جو پاسو وٺندي ته رياست ۾ عدم توازن پيدا ٿيندو ۽ ماڻهن ۾ برداشت ختم ٿيندو ويندو ۽ فساد ٿيندو، انهي فساد ۽ خوني تڪرار ۾ نه شهر بچندو ۽ نه ملڪ. هر طرف نفرت ئي نفرت هوندي بھرحال! دنيا ۾ رهندڙ ڪروڙين انسان اهو سمجهندا آهن ته سيڪيولر قانون مطلب ملڪ ۾ مذهب تي پابندي آهي ۽ ڪو به انسان ان ملڪ ۾ مذهبي سرگرميون نه ٿو ڪري سگهي، جنهن ۾ سيڪيولر قانون هجي. سيڪيولر لفظ ۽ قانون شروع کان وٺي تڪراري رهيو آهي اهو مغرب ۾ به گهڻو عرصو بحث هيٺ رهيو آهي، بلڪه سڀني کان اول هن قانون تي اعتراض به مغربي ملڪن ڪيو، جيڪي سمجهندا هئا ته حڪومت ۽ رياست کي مذهب سان گڏ هلائجي.
بنيادي طرح سان سيڪيولر اهو قانون هوندو آهي، جنهن ۾ حڪومت مذهبي تعصب کان بالاتر ٿي ڪري، ملڪ ۾ رهندڙ انسانن سان برابر رويو رکندي آهي ۽ شهرين کي هڪ نظر سان ڏٺو ويندو آهي، سيڪيولر نظام ۾ سڀئي شهري برابر هوندا آهن، انهن ۾ مذهبي فرق نه رکيو ويندو آهي. سيڪيولر نظام ۾ ڪنهن به شهري کي اهو حق حاصل نه هوندو آهي ته هو مذهبي ڇڪتاڻ ۾ ڪنهن ٻي شهري کي پاڻ سزا ڏي، جيڪڏهن ڪنهن انسان ٻي انسان جي مذهب تي ڪو حملو ڪيو آهي ۽ ان سان ڪنهن انسان جي دل آزاري ٿي آهي ته ان جو فيصلو رياستي ادارا ڪندا، سيڪيولر نظام ۾ مذهب تي ڪابه پابندي ناهي هوندي. هر انسان کي اهو حق حاصل هوندو آهي ته هو پنهنجي مذهب مطابق زندگي گذاري ۽ ٻين جي عقيدن جو احترام ڪري. جيڪڏهن ڪو انسان ڪنهن جي مذهبي احساسن کي مجروح ڪندو ته ان کي رياست طرفان سزا ڏني ويندي سيڪيولر رياست ۾ هر انسان کي اهو حق حاصل هوندو آهي ته هو قانوني لحاظ سان پنهنجي مذهب جو دفاع ڪري رياست جي ڪنهن به انسان کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن جي مذهبي احساسن کي مجروح ڪري جيڪڏهن ڪو ائين ڪندو ته رياست ان کي سزا ڏيندي.
سيڪيولر بنيادي طرح سان اهڙو نظام آهي جتي هر انسان کي برابري جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. سيڪيولر رياست جو ڪم انسانن جي مذهبن جي دفاع جو هوندو آهي دنيا ۾ سيڪيولر سميت ڪوبه اهڙو نظريو ناهي جيڪو ڪنهن فرد کي ان جي مذهبي عقيدي کان روڪي سگهي. بين الاقوامي قانون ۾ جيڪي انساني حقن جا 30 آرٽيڪل آهن، انهن ۾ صاف صاف لکيل آهي ته دنيا ۾ رهندڙ سڀني انسانن کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي مرضي سان ڪنهن به مذهبي عقيدي تي عمل ڪري سگهن ٿا. دنيا ۾ سيڪيولر سميت ڪنهن به نظام جي حڪومت کي اهو حق حاصل نه هوندو آهي ته هو ڪنهن انسان کي ان جي مذهبي عمل کان روڪي. سيڪيولر رياست ۾ سڀ انسان برابر هوندا آهن. سڀني انسانن سان هڪ جهڙو رويو رکيو ويندو آهي، ڀلي پوءِ اهي ڪنهن به مذهب سان تعلق رکن.
دنيا ۾ حقيقي سيڪيولر رياست اڃا تائين نه ٺهي سگهي آهي، پر آمريڪا، نيپال، فرانس، آسٽريليا، روس ۽ ٻيا يورپي ملڪ سيڪيولر ٿيڻ لاءِ ڪافي حد تائين عمل ڪن ٿا، پر پوءِ به اڃا گهڻو ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت آهي. باقي دنيا ۾ گهڻا ئي اهڙا ملڪ آهن جن جو آئين سيڪيولر آهي ۽ اهي پاڻ کي خود ساخته سيڪيولر چون به ٿا، پر عملي طور اهي مڪمل سيڪيولر ناهن، جنهن ۾ انيڪ ملڪ شامل آهن. سيڪيولر رياست هجڻ ايندڙ وقت ۾ دنيا جي ضرورت ۽ مجبوري ٿي ويندي ڇو ته انسان مذهب تي صدين کان وڙهندو اچي ٿو ۽ ان ڇڪتاڻ ۾ سواءِ نقصان جي ٻيو ڪجهه ناهي. تنهنڪري انسان هاڻي جنگن کان ۽ مذهبي فسادن کان تنگ اچي ويو آهي ۽ هاڻي ان جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته ماڻهن ۾ مذهبي نفرت کي ختم ڪيو وڃي. نفرت تڏهن ئي ختم ڪري سگهجي ٿي جڏهن ماڻهو هڪ ٻئي جي مذهبي عقيدن جو احترام ڪن ۽ برداشت ڪرڻ سکن ۽ اهو رياست تڏهن ئي ڪري سگهي ٿي جڏهن رياست جو قانون سڀني کي هڪ نظر سان ڏسي يعني قانون سيڪيولر هجي.
***

