پروفيسر اجمل ساوند جو قتل، پوليس جون ڪارروايون، 5 شڪي گرفتار
ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار تان قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جو مڙهه سکر ۾ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو، سکر جي اخوت نگر ۾ جنازي نماز دوران وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. پروفيسر اجمل ڪنڌڪوٽ ڀرسان گولين جو کاڄ بڻايو ويو، پروفيسر ڪار ۾ وڃي رهيو هو ته تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڇڏي، واردات بعد هٿياربند خوشي وچان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته پوليس ڳوٺ سُندر خان سُندراڻي ۾ چڙهائي پڻ ڪئي، 5 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته الزام هيٺ آيل جوابدارن جا گهر ڊاهي 5 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي. مقتول اجمل ساوند آءِ بي اي سکر جو پروفيسر هو، هُن فرانس مان مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.

