بلاگ

عباس ڪوريجي جي ناول وڻ جو اڀياس!

عباس ڪوريجو جهڙو ڏسڻ ۾ سهڻو ۽ حساس دل رکندڙ انسان آهي اهڙيون ئي سندس لکڻيون به حسين ۽ سرڪش احساسن جو امتزاج آهن. عباس جو حقيقيت پسندانه اسلوب بيان کيس سنڌي ادب ۾ ھڪ منفرد ۽ ممتاز قلمڪار بڻائي ٿو. اھڙا ليکڪ بنا ڪنهن ڊپ، ڊاءَ جي سماجي ڪڌاين کي ادبي اسلوب جو آئينو پسائين ٿا ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ھر ناانصافي، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مضبوط ۽ متحرڪ باغي ڪردار بڻجي قلم جي زبان سان حق جو ھوڪو بلند ڪندا آھن.

عباس جي ھڪ خاصيت مونکي بيحد پسند آهي جو زندگيءَ ۾ هڪ هنڌ بيٺو ناهي، پر مختلف وقتن تي مختلف تجربا ڪندو اڳتي وڌندو پيو اچي ۽ علمي سفر ۾ ھميشه اڳ کان اڳرو رهندو پئي آيو آھي! موصوف زندگي ۾ ڪيترائي مشڪل ۽ مختلف موڙ ڏٺا آھن، پر سندس خوش قسمتي آھي جو تلخ پيچرن جي شڪايت ڪرڻ بدران ھميشه مثبت سوچ ۽ مناسب عمل جو تعين ڪندو اڳتي وڌندو آيو آهي.

گهڻ رخي شخصيت وارو ھي ڀلوڙ انسان ڪھاڻي جي فن ۾ وڏو ملڪو رکي ٿو ۽ ادبي کيتر ۾ ھڪ خوبصورت ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۽ حوالي سان ڄاتو وڃي ٿو، پر ساڳئي وقت ھو مصور، شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار به آھي ته وري فنِ خطابت جي صلاحيتن سان ڀرپور ڪمپيئر پڻ آهي.

عباس ڪوريجو سنڌي ادب جي جهول کي ڇھ بهترين ڪتاب ارپي چڪو آهي، جنھن مان پنج ڪتاب ڪنول پبليڪيشن طرفان شايع ٿيل آهن.

سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ 2005ع ۾ شايع ٿيو.

ٻيون مختصر ڪهاڻين جو مجموعو ”پنهنجي ڌرتي“ 2014ع ۾ شايع ٿيو. پنھنجي ڌرتي ڪتاب کي سنڌي لينگئيج اٿارٽي پاران انعام يافته ڪتابن واري لسٽ ۾ شامل ڪري سال جو بهترين شارٽ اسٽوري بوڪ پڻ قرار ڏنو ويو ته ٽيون ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع“ شايع ٿيو، جيڪو 2015 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي سنڌي ڪرڻ دوران وڏي عرق ريزي ۽ تحقيق سان لکيو هيائين ۽ پڙهندڙن ۾ ايترو مقبول ويو جو سنڌ جي ھڙني ڪتاب گهرن تي اڻ لڀ ٿي ويو. بعد ۾ پڙھندڙن جي اشتياق کي نظر ۾ رکندي ساڳئي ڪتاب جو (وڌايل ڇاپو) 2020ع ۾ چوٿون ڀيرو ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندائين.

پنجون ڪتاب مضمونن تي مشتمل ”ادب ۽ انتهاپسندي“ آهي، جيڪو پڻ پڙهڻ ۽ پسند ڪرڻ لائق آهي.

تازو هي ناول جي شڪل ۾ آيل سندس ڇھون ڪتاب ”وڻ“ آھي.

وڻ سندس شخصيت جي انفرادي علم ۽ عمل جو ساکي لطيف لکڻين جو اھڙو مجموعو آهي، جنھن ۾ ڪيترن ئي ڪردارن کي حقيقت پسندانه قلم سان وائکو ڪيو اٿائين. ناول ۾ پنهنجي زندگيءَ جي ننڍپڻ وارين يادگيرين جي شروعات ڪندي اڻ وسرندڙ ساروڻيون ساريندي پنھنجي ناني جي گهر موجود وڻن جي ڇانو ۾ وقت گذارڻ، آرام ڪرڻ، وڻن تي چڙهڻ وري ھيٺ ڪرڻ کي چڱي ريت ياد ڪندو وڻ جي افاديت ۽ اھميت مڃائي ٿو.

وڻ ۾ ٻڌائي ٿو ته فطري خوبصورتي جو اھڃاڻ ھي مظھر انساني بقاءَ لاءِ ڪيترو ضروري آھي. ھو شڪايت ڪندي سمجهائي ٿو ته وڻ نه رھيا ته ڌرتيءَ تي انساني وجود به نه رهندو!

حساس دل ۽ معصوم طبيعت ھئڻ سبب سندس لکڻين ۾ به ساڳيو چس ملي ٿو جن کي پڙهڻ سان محسوس ٿيندو ڄڻ اهي لقاءَ يا واقعا حال ۾ اسان سان ٿي رھيا هجن.

پڙھندڙ جي احساسن کي ڇھندڙ قلمي قوت ھر قلمڪار جي حصي ۾ ناھي ايندي جنهن جو اعلان عباس جون لکڻيون ڪن ٿيون.

زيرِ نظر ڪتاب جو پهريون باب ”پٿر“ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ، پريم پيچ ۾ ڦاٿل ھڪ جوڙي جي محبت ۽ محبت منجھان هڪ ٻئي سان ڪيل وفا جي واعدن تي مشتمل آھي. پريمي جوڙي جا وچن بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه هميشه گڏ گذارڻ جو سوچين ٿا. پر وقت وڏو بيرحم آھي جو سڀ تبديل ٿي ٿو وڃي. وقت گذري مطلوب پنھنجي طالب سان جوانيءَ جي جوڀن ۾ ڪيل سڀ قول وساري ويھي ٿو. ھن باب ۾ ميار ڏيندي ٻڌائي ٿو ته ”هاڻي ماڻهو مٽجڻ ۾ مهينا نه پر ھڪ مهل لڳي ٿي“!.

ٻن رشتن ۾ وڻ جيان ڏار پون ٿا ته محبت اھميت وڃائي ويهي ٿي. ان وقت صرف سکڻيون ڳالهيون رهجيو وڃن!

ناڪام محبت جو مجسم اھو نوجوان ڪميشن پاس ڪري ڪامورو بڻجي وڃي ٿو، پر عھدو ۽ ترقي ماڻڻ باوجود ڪٿي سڪون ۽ سلامتي نصيب ڪونه ڏسي ٿو ۽ پوءِ هو رڻ پٽن ۽ بيابانن جو رخ ڪري ٿو. وڻن ۽ جبلن سان ڳالهيون ڪري ٿو. 

ھو پڇتاءَ جا ڳوڙھا ڳاڙيندي چوي ٿو ”شايد! مونکي نه ڪرڻ گهرجي ها…. محبت!“

هو محبت لفظ کي اچاريندي مينھن جيان وسي پوي ٿو.

محبت ۾ ناڪام ڪامورو پنھنجي ھڪ دوست کي اشارو ڏيندي چوي ٿو، مونکي ھن جبل مان هڪ پٿر آڻي ڏي ته پنھنجي دل تي رکان!!

عباس پنھنجي ناول جي ھر ڪردار جي ڪومل احساسن کي ڪمال ڪاريگريءَ سان لفظن جو ويس پھرائي ٿو.

ٻئين باب ”سون“ ۾ سونارڪي بازار جو ذڪر ڪيو آھي. ھي باب طبقاتي متڀيد جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو.

سونارڪي بازار ۾ موچي پنھنجو دڪان کولي ٿو ته سڀ سونارا گڏجي موچڪو ڪاروبار کوليندڙ موچيءَ کي بازار مان لڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڪامياب وڃن ٿا.

بيروزگار ٿيندڙ موچي ٿوري عرصي بعد طبعي موت مري وڃي ٿو ته سونارا موچيءَ جي مرڻ تي خوشيون ملھائين ٿا ۽ سندس موت جو ڪريڊٽ سونارا بازار جي ھڪ بااثر حاجي صاحب سوناري کي ڏين ٿا. 

وڻ جو ٽيون باب ”ڌپ“ پڻ معاشري جي مڪمل عڪاسي ڪندڙ ڪردارن جي شڪل ۾ سرجيل آهي.

ڌپ ۾ اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ٿيل آهي ته ماڻهو ڪردار کي سهڻي ۽ قيمتي لباس ۾ ڳولهيندا آهن، پر سھڻو ڪردار ته عمل ۽ نيتن جو مرڪب آھي.

بد ڪردار ماڻھو پاڻ کي ڪيڏو به ٺاھي سينگاري، قيمتي پرفيوم هڻي، پر سندس شخصيت مان اها ڌپ ڪونه ويندي جيڪا ڪردار جي کوٽ سبب ماڻي اٿس.

ائين ئي هڪ راشي ٺيڪيدار جي ڪردار کي وائکو ڪري ٿو جيڪو دنيا جا مهانگا ترين پرفيوم لڳائڻ باوجود ڌپ مان جان نه ٿو ڇڏائي سگهي. اها ڌپ سندس شخصيت تي بدنما داغ ٿي بيهي رهي ٿي. ھو مايوس رھي ٿو ۽ جتي وڃي ٿو اتي ماڻھو پنھنجي منھن تي رومال يا ٽشو پيپر ڏئي ساڻس ڳالھائين ٿا. راشي ٺيڪيدار کي ايتري ته شرمساري ۽ تڙپ ٿئي ٿي جو کيس ڌرتي منجھ جاءِ ملي ته هو اندر هليو وڃي.

هن ۾ خوشين جو پئسي سان تعلق نه ھئڻ سمجھايل آھي. ھو لکي ٿو ته جيڪي ماڻهو پئسي جي پوڄا ڪن ٿا خوشيون انھن کان ڪوھين ڏور ڀڄنديون آهن.

ان ڪري پئسي خاطر انسانيت مان نه نڪرڻ گهرجي.

چوٿون باب ”جانور“ آهي. جانور ۾ موصوف احساسن جي گھرائي اوتي ٿو.

جانور ۾ هڪڙي بي وس ڇوڪري جي ڪٿا لکي ٿو ته ھن جي پيدائش وقت سندس امڙ فوت ٿي وئي. ڇوڪريءَ جو پيءُ زماني جي ڪمن ڪارن ۾ مصروف رھي ٿو ۽ ھڪ ڀاءُ اٿس اھو به جهڙو آھي تھڙو نه. جڏهن اها ڪومل جذبن واري ڇوڪري بلوغت ۾ پير پائي ٿي ته ويجھا رشتيدار وحشي بگهڙ جيان کيس گھورين ٿا ۽ ھر وقت موقعي جا متلاشي رھن ٿا جيئن مناسب موقعو ماڻي سندس شڪار ڪجي!!!

پنجون باب ”ننڊ“ چونڊيو اٿائين. ھن باب ۾ هڪ ڳڀرو جوان جون اکيون ننڊاکيل رهن ٿيون. ھو جوان ٿيو ته پاڻ ۾ عجيب قسم جي ڇڪ محسوس ڪندي اهڙي ڳالھ ماءُ سان ڪري تو ته ماءُ سمجهي وڃي ٿي منهنجو پٽ هاڻي جوان ٿيو آهي.

اھو ڇوڪرو بالغ ٿيندي ئي هڪڙي سدا ملوڪ سھڻي ڇوڪريءَ سان عشق ڪرڻ لڳي ٿو. ھو جڏھن پاڻ ۾ ملندا آھن ته ڇوڪري کيس طنزيه انداز ۾ چوندي آھي تون مون سان ملڻ ته اچين ٿو، پر تو وٽ ڏسڻ واري اک ئي ناهي.

ناول جو ڇهون باب ”آکيرو“ آهي جنهن ۾ سرجڻھار پکين منجھ حب الوطني واري جذبي کي ساراھيندي وڏي واڪ چوي ٿو، پکين ۾ ساڻيھ سان سِڪ جو رشتو انسان کان وڌيڪ آهي. 

اڄوڪو انسان خسيس مفادن جي لالچ ۽ لوڀ ۾ جڪڙيل آهي. مفادپرستي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيل ھئڻ سبب انسان ۾ پنهنجي وطن جي سڪ ۽ قوم سان فطري سٻنڌ ناهي رھيو. ھن باب ۾ ھڪ پَٽَ ڳيريءَ جو ڪردار کڻي ٿو. اها ڳيري وڏي طوفان اچڻ سبب مجبور ٿي پنهنجو علائقو ڇڏي وڃي ٿي، پر سندس نظر هر حال ۾ پنهنجي وطن جي وڻ ۾ ٺاهيل آکيري تي رھي ٿي!

هوءَ دل ۾ پنهنجي وطن واري آکيري تي واپس اچڻ جو مقصد رکي ٿي ۽ وقت گذري ڪوششون ڪندي مقصد ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي ماڳ اسھي ٿي!

مونکي اھو سوچي اچرج ۽ سرھائي جو گڏيل احساس محسوس ٿيو ته موصوف ھڪ مذڪر ڪردار ڳيرو ڇڏي نازڪ مونث ڪردار جي چونڊ ڪري ٿو!

ناول جي ستين باب ”درياھ“ ۾ نوجوان مهاڻي جي زندگيءَ بابت خيال آندل آهن.

مهاڻو پسند جي شادي ڪري ٿو ۽ ھميشه ڪوشش ڪري ٿو ته گھڻي کان گھڻي مڇي شڪار ڪري سگھان جيئن واڌو ڏوڪڙ ڪمائي گهر وڃي محبوب زال وٽ رکان.

ائين هڪ ڏينهن کيس مڇيءَ جو شڪار ناهي لڳندو. ھو همٿ ٻڌي وچ درياھ ۾ شڪار لاءِ لھي ٿو. سندس ٻيڙو پاڻيءَ جي وڏي ڪُنَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ مھاڻو درياھ بادشاھ جي پيٽ جو ابدي مهمان بڻجي پئي ٿو. گھر ۾ سندس وني رات تائين پنھنجي ور جو بيچيني سان انتظار ڪندي رھي ٿي.

اٺون باب ”مايا“ آهي جنهن ۾ ناول نگار رشتن جي احترام ۽ لالچ جو فرق ڏيکاري ٿو.

ھڪ ماڻهو امير هوندو آهي ڪيترائي همدرد ساڻس گڏ هوندا آهن، پر جڏهن بيماريءَ سبب بستري ڀيڙو ٿئي ٿو ته ملڪيت جا دعويدار وارث پاڻ ۾ گڏ ٿيندا آهن. اھو نيڪ مرد پنهنجي سموري ملڪيت هڪ چيئرٽي جي اداري کي وقف ڪري ٿو ته جيڪي ماڻهو سندس طبع پرسي لاءِ ايندا آھن اھي سڀ هڪ هڪ ٿي اسپتال مان ائين نڪرندا ايندا آهن جيئن پوليس جو جوارين مٿان ڇاپو لڳو ھجي.

هن ڪتاب جو آخري ۽ اهم باب ”وڻ“ آهي!

ھن باب ۾ سڀئي ڪردار هڪٻئي سان تسبيح جي مڻين جيان ھڪ لڙھي ۾ پويل ملن ٿا. مختلف مضمونن جي سڀني ڪردارن جو تسلسل نکري نروار ٿئي ٿو. جيڪو ليکڪ جي فن جو معراج آھي!

تخليقي صلاحيتن جي سگھاري انداز سان هر باب کي پاڻ ۾ اھڙي ريت ملائيندو آيو آهي جو پڙهندڙ کي ڪٿي ڪنهن به قسم جي بوريت محسوس نه ٿيندي.

آخري باب وڻ جي پڇاڙيءَ ۾ سهڻي طريقي، معنيٰ ۽ مقصد ڀري انداز سان ھي مجموعو پورو ڪيو ويو آهي.

مثال طور لکيو اٿائين ته: ”صحرا ۾ پيرين اگهاڙي گهمندڙ ٻار جا جڏهن پير سڙندا ته ان تي ڇانو ڪير ڪندو؟؟؟“

ٻوليءَ جي لفظن جو انداز اھڙو سادو، سلوڻو ۽ عام فھم آھي جيڪو ھر سطح جي پڙھندڙ کي آساني سان سمجھ ۾ اچي ويندو.

پوري ناول ۾ ڪنهن به قسم جي مبالغه آرائي يا ڊيگھ نظر نه ٿي اچي.

مونکي اميد آهي ته ساٿي عباس جو هي ناول پڻ سال 2023ع جي بهترين ناول طور ايوارڊ لاءِ منتخب ٿيندو!!

هي ڪتاب سنڌ جي هر ان باشعور فرد کي پڙهڻ گهرجي، جيڪو سماج لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ ڪجھ ڪرڻ چاهي ٿو.

عباس جو سنڌي ادب ۾ ھي پهريون ناول آهي. جڏهن ته ڪتابن جي ڳاڻيٽي ۾ ڇھون ڪتاب اٿس. 300 روپين جي قيميت سان 111 صفحن تي مشتمل ھي ناول سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو آهي جيڪو سنڌ جي سمورن ڪتاب گهرن تان ملي سگهندو.