پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تيز برسات، مختلف حادثن دوران 7 ڄڻا فوت
راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد سميت پنجاب، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو پيو، جنهن سبب مختلف حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. تيز برسات ۽ طوفان سبب فصلن ۽ باغن کي نقصان پهتو آهي. لاهور ۾ برسات سبب ليسڪو جا 100 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، لاهور ۾ تيز طوفان سبب ٽرانسفارمر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي.

