بلاگنئون

اڄ انقلابي اڳواڻ چي گويرا جو جنم ڏينهن آھي

ڳچيءَ ڳانا لوھَ جا زِيريون ۽ زنجيرَ..

شاهه لطيف

عيسوي ويھين صديءَ جو سٺ وارو ڏهاڪو تاريخ جي پنن ۾ گوريلا ويڙهاند جي ڪري مشهور آهي. هن دور ۾ عالمِ انسانيت ۾ هر ماڻهو کي اهو يقين هو ته انقلاب صرف گوليءَ سان اچي سگهي ٿو ۽ آزادي صرف بندوق سان حاصل ڪري سگهجي ٿي. بندوق گوريلن جي محبوبا هئي جيڪا سدائين هنن جي سينن سان چنبڙيل هوندي هئي. فرانسيسي مال بردار ٻيڙو لاڪوبرLA Cuobre چار مارچ تي هوانا جي بندرگاهه جي ڀرسان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن سئو ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا. هن ڌماڪي جو الزام آمريڪا تي لڳايو ويو. 5 مارچ 1960 تي فيڊل ڪاسترو، چي گويرا ۽ ڪيوبا جا سڀ اڳواڻ مذمتي بيان لاءِ هوانا ۾ گڏ ٿيا. اتي موجود البرٽو ڪورڊا ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀريل چي گويرا جي هڪ تصوير ڪڍي جيڪا پوري دنيا ۾ انقلاب جي ”علامت“ بڻجي وئي. البرٽو ڪورڊا سهڻين عورتن جون نيم عرياني تصويرون ڪڍڻ جي لاءِ مشهور هو. هن تصوير هُن کي انقلابي فوٽوگرافر بڻائي ڇڏيو.

پوري دنيا ۾ جنهن جي تصوير انقلاب جي علامت بڻجي وئي اهو 14 جون 1928 ۾ پيدا ته ارجنٽينا ۾ ٿيو، پر پوري دنيا هن جو ديس هئي. هو ڄائي ڄم کان Asthma دم (ساهه کڻڻ ۾ تڪليف) جو مريض هو، پر جوانيءَ ۾ ڪتابن پڙهڻ جو وڏو شوقين هو. هن جي گهر ۾ موجود لائبرري ۾ تقريبن ٽي هزار کن ڪتابن جو ذخيرو هو. هو شطرنج جو به وڏو رانديگر هو. پڙهندو ته ڊاڪٽري هو، پر سياحت ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندو هو. هن دلچسپيءَ کيس 1950 کان 1953 تائين لاطيني آمريڪا جا ملڪ گهمايا. سير سفر دوران هو ماڻهن سان سڌو لھ وچڙ ۾ آيو ته هن کي خبر پئي ته عام ماڻهو ڪيڏي نه ڏکن، بکن، بيمارين ۽ غربت سان ڀريل واري زندگي گذاري رهيا آهن. ان سفر تي هن ڪتاب ”موٽربائڪ ڊائري“ جي نالي سان لکيو. جڏھن ھن انهن جي دردن جا پيرا کنيا ته اهي سرمائيداري نظام جي ڪري ها جنهن جي پٺڀرائي آمريڪا بهادر ڪري رهيو هو. هن مشاهدي هن کي انقلابي رستي تي اچڻ لاءِ اتساهيو. مارڪسوادي چي گويرا عملي سياست گوئٽي مالاGuatemala کان شروع ڪئي، جتي هن زرعي سڌارن جي حمايت ڪئي، جنهن ذريعي مسڪين هارين کي پنهنجي زمين ملڻ جي اميد ملي. هتي هن کي هلدا گاديا Hilda Gadea ملي، جنهن سان بعد ۾ هن شادي ڪئي. هلدا گاديا ئي اڳتي هلي چي گويرا کي ميڪسيڪو ۾ پهريان رائول ڪاسترو ۽ پوءِ فيڊل ڪاسترو سان ملايو.

فيڊل ڪاسترو سان ملڻ کانپوءِ هن ڪيوبا جي آزاديءَ لاءِ گوريلا جنگ جي شروعات ميڪسيڪو کان ڪئي، جنهن ۾ هن پهرين گوريلن کي طبي مدد ڏني. ڪيترين گوريلا ڪارروائين ۾ چي گويرا بهادريءَ سان وڙهيو. نيٺ فيڊل ڪاسترو جي اڳواڻيءَ ۾ پھرئين جنوري 1959 تي ڊڪٽيٽر باتستاBatista جو تختو اونڌو ڪيو ويو. ڪيوبا جي انقلاب کان پوءِ فيڊل ڪاسترو ڪيوبا جو صدر ٿيو ۽ چي گويرا کي صنعت جو وزير بڻايو ويو، پر هن جي رڳن ۾ انقلاب رت وانگر شامل ٿي ويو، جنهن هن کي سڪون سان رهڻ نه ڏنو. هو آفريڪا جي ملڪ ڪانگو نڪري ويو. ڪانگو ۾ موجود آزاديءَ جي متوالن سان مليو، پر اتي هن کي ڪاميابي نه ملي. ڪانگو ۾ ڪاميابي نه ملڻ جا ڪيترائي سبب آهن جن ۾ هڪ وڏو سبب گوريلن جي وچ ۾ ظابطي جو کوٽ به ھئي. ڪانگو ۾ سي.آءِ.اي CIA هن جي ڪڍ هئي، جنهن جي خبر ڪاسترو کي به پئي، جنهن هن ڏي پيغام موڪليو ته هو واپس اچي. بهرحال چي گويرا کي اتان جي عام ٻولي به نه پئي آئي، جنهن جي ڪري هو عام ماڻهن سان رابطو به نه پئي ڪري سگهيو ۽ بيمار به ٿي پيو پوءِ واپس ڪيوبا موٽيو.

جنهن شخص کي سموري دنيا جو ھر مظلوم پنهنجو ڀاءُ سمجهي ان کي وري خاموش ويهڻ ۾ چين ڪٿي ٿو ملي. هو پنهنجو نالو ۽ روپ بدلائي وري بوليويا هليو ويو. بوليويا ۾ هن ڪيتريون ئي گوريلا ڪارروايون ڪيون. نيٺ 8 آڪٽوبر جي صبح جو پوري دنيا جي عظيم گوريلا اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيڻ وقت هو سخت زخمي هو ۽ هن جي بندوق به ناڪاره ٿي وئي هئي. هن دانهن ڪئي ”مون کي گولي نه هڻو! مان چي گويرا آهيان، مان توهان لاءِ مئل کان جيئرو وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندس.“ هن جا هٿ پير ٻڌا ويا ۽ هن کي ڀرسان گاري سان ٺهيل هڪ اسڪول ۾ کڻي ويا جتي هنن چي گويرا کان سوال جواب پڇڻ شروع ڪيا. چي گويرا ڪو جواب نه ڏنو. بوليويا جي انهن فوجين مان هڪ ڊي گزمين De Guzman به هو. جيڪو اڳتي هلي لکي ٿو ته چي گويرا اسان کي پنهنجي ٻين ساٿين جي ٺڪاڻن بابت ڪجهه به نه ٻڌايو. هن جو ڪنڌ پهاڙ وانگر اوچو هو، هن جي منهن ۾ ڪو به خوف نه هو. هو اسان کي گهوري ڏسي رهيو هو. هن جي اکين ۾ عجيب چمڪ هئي. ٻيو ته ڪجهه نه باقي هن سگريٽ اسان کان گهريو، جيڪو مون هن کي هٿ ڪري ڏنو. ٻئي ڏينهن چي گويرا ڳوٺ جي استاد سان ملڻ جي اپيل ڪئي. ان ڳوٺ جي استاد هئي جوليا ڪارٽز جنهن سان هن کي ملايو ويو. هِن سان هُن ٿوري ڪچهري ڪئي. اها به ٻڌائي ٿي ته چي گويرا سان آئون اکيون ملائي نه پئي سگهيس. چي گويرا هن کي چيو اسڪول جي حالت ڪيڏي نه خراب آهي. هن چيس بلڪل خراب آهي. هن ۾ ٻار تعليم ڪيئن حاصل ڪندا، جڏھن ته سرڪاري ڪامورا مرسيڊيز ڪارن ۾ گهمن ٿا. ان تي چي گويرا وراڻيو ”اهو ئي ته سبب آهي جو اسان انهن سان وڙهون ٿا“.

9 آڪٽوبر جي صبح تي بوليويا جي تڏهوڪي صدر حڪم ڏنو ته چي گويرا کي ماريو وڃي. چي گويرا کي شرابي ماريو ٽرين Mario Teran نَوَ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو، جنھن جي ڪجهه ساٿين کي چي گويرا ڪجھ ڏينھن اڳ جھڙپ ۾ قتل ڪيو هو.

ايوب خان جي دورِ حڪومت ۾ چي گويرا پاڪستان به آيو هو، پر ڇو ۽ ڇا لاءِ آيو، اِها صحيح خبر نه پئجي سگهي آهي. بهرحال هر مظلوم جو درد، هن جو درد هو. اها ڳالهه هن کي هتي به وٺي آئي هوندي. مارڪسوادي چي گويرا اڄ به انقلاب جي علامت آهي. هن جي سرمائيداري نظام، آمريڪا جي ظلم ۽ ظالم آمرن خلاف ڪيل جدوجهد کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هن جيڪا ميراث ڇڏي آهي اها ظالم خلاف آواز بلند ڪرڻ آهي، جنهن کي پوري دنيا جي انقلابين دل و جان سان قبول ڪيو آهي.

***