نئون

شهرن جي گدلي هوا کي صاف ڪرڻ وارو ويڪيوم ڪلينر ايجاد

دنيا جي وڏن شهرن ۾ صنعتن ۽ گاڏين مان نڪرندڙ دونهون ۽ گدلاڻ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ماڻهن کي بيمار ڪري رهي آهي. هاڻي ان مسئلي کي نبيرڻ لاءِ ويڪيوم ڪلينر ايجاد ڪيو ويو آهي. عالمي اداري (WHO) جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ فضائي گدلاڻ ان حد تائين پهتي آهي جو 90 سيڪڙو آبادي خراب هوا ۾ ساهه کڻي رهي آهي، جيڪا انسانن ۾ ڪيترن ئي مرضن جو سبب بڻجي رهي آهي. ان مسئلي جي حل لاءِ هالينڊ جي هڪ ڪمپني اهڙو ويڪيوم ڪلينر ايجاد ڪيو آهي جنهن جي ڊيگهه 8 ميٽر آهي ۽ ان کي بلڊنگن جي ڇتين تي لڳائي چئن طرفن جي هوا کي صاف ڪري سگهجي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ويڪيوم ڪلينر 40 ميلن جي دوري ۽ 7 ڪلو ميٽر اوچائي جي هوا کي صاف ڪري سگهي ٿو. اندازي مطابق هڪ ڪلاڪ ۾ اهو 8 لک چورس ميٽر هوا ۾ موجود گدلاڻ جي ننڍن ننڍن ذرن کي صاف ڪري سگهي ٿو، هن ويڪيوم ڪلينر ۾ هڪ طرف کان هوا اندر داخل ٿيندي آهي ته ٻئي طرف کان اها صاف ٿيڻ کانپوءِ خارج ٿيندي آهي. هن ويڪيوم ڪلينر ۾ دونهين ۾ موجود گدلاڻ ۽ ڪاربان جا ذرڙا ڦاسي پوندا آهن. واضح رهي ته هر سال هوائي گدلاڻ سان دنيا ۾ 60 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن.