نئون

سعودي عورت کي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

سعودي عرب ۾ ٻين سڌارن بعد عورتن کي هاڻي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي، ان کان اڳ عورتن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ گهر جي مردن جي اجازت يا ساٿ هجڻ جي ضرورت هوندي هئي. هي عمل سعودي عرب ۾ سالن کان هلندڙ نگران سرشتي جي پڄاڻي طرف وڌندڙ هڪ قدم آهي. منسٽري آف ڪامرس جي ويب سائيٽ تي هڪ پيغام ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي عورتون اِي بزنس ۾به حصو وٺي سگهن ٿيون. هن کان اڳ ۾ گهر جي ڪنهن مرد پيءُ، مڙس يا ڀاءُ کان اجازت نامون جمع ڪرائڻ ضروري هو. اهڙي اجازت کان سواءِ عورتون نه ڪاروبار ڪري سگهنديون هيون نه سفر ۽ نه ئي ڪنهن ڪلاس ۾ داخلا وٺي سگهنديون هيون. واضح رهي ته سعودي عرب پاران هي قدم ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي جنهن ۾ سعودي عرب پنهنجي ملڪ ۾ اهڙا سڌارا ڪري رهيو آهي جنهن سان تيل تي ڀاڙڻ بجاءِ ملڪ هاڻي ٻين ڪاروبارن ذريعي ناڻو ڪمائيندو هن طريقي سان پنهنجي شهرين کي ڪاروباري طور تي مضبوط بنائڻ به شامل آهي جنهن ۾ عورتن کي به برابري جو حصو ڏنو پيو وڃي. ان کان علاوه سعودي عرب ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي عهدي لاءِ به عورتن جي تقرري ڪئي ويندي ۽ ملڪ پاران 140 سيٽون عورتن لاءِ ايئرپورٽن تي به رکيون ويون آهن انهن نوڪرين لاءِ حڪومت کي هڪ لک ست هزار درخواستون مليون آهن. ياد رهي ته هن کان اڳ عورتن جي ڪار هلائڻ تان به پابندي هٽائي وئي آهي.