هاڻي سمارٽ فون کي مائيڪرو اسڪوپ ۾ بدلائڻ آسان ٿي ويو
سمارٽ فون ۾ هونئن ته اهڙيون ايپس موجود هونديون آهن جيڪي ڪنهن شيءِ کي انهن جي قد بت کان وڏو ڪري ڏيکاري سگهن ٿيون پر انهن ايپس ۾ خوردبيني طاقت لڳائڻ لاءِ خاص لينس جي ضرورت هوندي آهي جيڪو هاڻي هڪ ننڍي پرزي جي مدد سان ممڪن ٿي پيو آهي. آسٽريليا ۾ موجود ARC سينٽر آف ايڪسيلينس فار نيو اسڪيل بايو فوٽونڪس جي ماهرن هڪ ٿري ڊي پرنٽر جي مدد سان اهڙو ننڍو اوزار تيار ڪيو آهي جيڪو آساني سان سمارٽ فون سان لڳائي ان کي خورد بيني ۾ بدلائي سگهي ٿو. هي اوزار ايترو ته طاقتور آهي جو ان جي مدد سان ڪنهن به شيءِ جي هڪ ملي ميٽر جي به سوين حصي تائين جي بهترين تصوير ٺاهي سگهي ٿو. جنهن ۾ رت ۽ ٻوٽي جي ننڍن ذرن ايتري قدر جو نيوڪلئس کي به ڏسي سگهجي ٿو. ماهرن هن کي خاص طريقي سان تيار ڪيو آهي، هي اوزار سمارٽ فون جي فليش جي روشني جي مدد سان نموني کي روشن ڪندو آهي جنهن کانپوءِ ان جي تصوير ٺاهي سگهجي ٿي. هن اوزار کي هڪ ٿري ڊي پرنٽر سان آساني سان تيار ڪري سگهجي ٿو. هن اوزار کي اسان پاڻي جي معيار، رت جي نموني، ماحولياتي تحقيق ۽ بيمارين جي جراثيمن کي ڏسڻ لاءِ به ڪم آڻي سگهون ٿا. ان کانسواءِ سيل ڪلچر ۽ زو پلينڪٽان (Zoo Plankton) ۽ پاڻي ۾ رهندڙ جاندارن کي به هن اوزار سان ڏسي ۽ چڪاس ڪري سگهجي ٿو.

