شاعري
غزل
احمد شاڪر
پرچم ڪارا، ڪپڙا ڪارا، قيدي سنڌ،
سيني تي هٿَ، سوڳ ۾ سارا، قيدي سنڌ!
محرم آيو محرم جو اُڀريو آ چنڊ،
ماتم ڪندا چارا ۔ چارا قيدي سنڌ!
سڙندڙ خيما، چوڏس دانهون، وسندڙ تيرَ،
رت ۾ لَت ۔ پَت ڳڀرو سارا قيدي سنڌ!
ميندي لايو، سهرا ڳايو، جُهمر ڌارَ،
گهوٽ تَڪن ٿا پڙ ۾ تارا قيدي سنڌ!
ڳترا، ڳترا وکريل، وکريل ڪيڏا جسمَ،
شاڪر مُنڍيُن جا لابارا قيدي سنڌ!
***
نظم
انقلابي شاعر ”فيض احمد فيض“ جي نظم جو ”منظوم“ سنڌي ترجمو۔
جَنھِن ديسَ جا عادِلَ ٻوڙا هُجَن..!
اردو شاعري: فيض احمد فيض
منظوم سنڌي ترجمو: ساقي ابڙو
جَنھِن ديسَ ۾ اَٽي کَنڊُ سَندو,
بُحرانُ وَڃِي آڪاش پُڄي!
جَنھِن ديسَ ۾ بِجلِي پاڻيءَ جو,
فُقدانُ وَڃِي آڪاش پُڄي!
جَنھِن ديسَ ۾ مائُن ڀيڻُن کي,
ڪي ڌارِيا ماڻُهو کَڻائي وَڃَن!
جَنھِن ديسَ ۾ قاتِلَ غُنڊَن کي,
اَشِرافَ اَچِي جي ڇَڏائي وَڃَن!
جَنھِن ديس جي ڪورٽ ۽ جِرڳي ۾,
اِنصافُ ٽَڪَن تي وِڪِيو وَڃي!
جَنھِن ديسَ جو مُنصِف قاضِي بِه,
ڏوهيءَ کان پُڇي ۽ پوءِ لِکي!
جَنھِن ديسَ جي چَپّي چَپّي تي,
پولِيسَ جُون چوڪِيون قائِم هُجَن!
جَنھِن ديسَ ۾ مُحافِظَ جانِيُنِ جا,
پاڻَ سِرُ ئِي کَڻَن مَعصُومَن جا!
جَنھِن ديسَ جا حاڪِمَ هُجَن ظالِم,
سُڏڪا نَه ٻُڌَن مَجبُورَن جا!
جَنھِن ديسَ جا عادِلَ ٻوڙا هُجَن,
آهُون نَه ٻُڌَن مِسڪِينَن جون!
جَنھِن ديسَ جي ڳَليءَ ڳَلِيءَ ۾ هُجي,
هَر پاسي فَحاشِي ئِي ڦَھلِيَلَ!
جَنھِن ديسَ ۾ بِنتِ حَوا جي هُجَن,
چادَرَ کي ڪيئِي داغَ لَڳَلَ!
جَنھِن ديسَ جي هَر چَوواٽي تي,
ڪيئِي پينُو ماڻُهو ڦِرَندا هُجَن!
جَنھِن ديسَ ۾ روزُ جَھازَن مان,
اِمدادِي ٿيلها ڪِرَندا هُجَن!
جَنھِن ديسَ ۾ غُربَتَ اَمڙيُن کان,
ٻَچِڙا بِه وِڪِرو ڪَرائِيندِي هُجي!
جَنھِن ديسَ ۾ دَولَتَ شَرِيفَن کان,
ناجائِز ڪَمَ ڪَرائِيندِي هُجي!
جَنھِن ديسَ ۾ عُھديدارَن کان,
عُھدا نَه سَنڀالِيا وِيندا هُجَن!
جَنھِن ديسَ جا سادا ماڻُهو بِه,
واعِدَن تي ٽارِيا وِيندا هُجُن!
اُنَ ديسَ جي هَر هِڪَ لِيڊَرَ کان,
تَه سَوّال پُڇَڻُ واجِبُ آهي!
اُنَ ديسَ جي هَر هِڪَ حاڪِمَ جو,
سُوريءَ تي چَڙهَڻ واجِبُ آهي!
***
غزل اداس
عرفان ملاح
ڪير پڇندو اچي حال مسڪين کان
ٿي ڪنارا ڪري دال مسڪين کان
ھل بصر تو به ھن ھاڻ ماڻا ڪيا
کائڻ کان آ ڳري ڳالهه مسڪين کان
ڇا ڏھاڙي ڪبي پنج سؤ دوستو
ھت اٽو ٿو گھري مال مسڪين کان
ھل اڙي گيھ ڀي تو جا آڪڙ ڪئي
ساھ ٿو ھت ڪڍي سال مسڪين کان
رت روئن جي ٻچا فرق ڪنھن تي پوي
روز ٿي ھت رسي زال مسڪين کان
ڪانه عرفان ڪپڙو وٺن شوق سان
ريٽ تنھن جو ڳرو وال مسڪين کان
***
غزل
عبداالله آس هنڱورجو
آئين جيئن تُون سانوڻ ۾، ڏُونگر ڏِس مهڪي پيو آ
ڏيھ سڄو ٿيو من ڀاوڻ ۾، ڏُونگر ڏِس مهڪي پيو آ
مَهڪِي پيا هِن منڊ اسان جا، مَهڪِي پيو آ اڄ ملير،
ٿِيا ڏاڍ ڏمر سڀ ڏاوڻ ۾، ڏُونگر ڏِس مهڪي پيو آ
اڄ اچڻ جي ڪوٺ ڏيان ٿو، اچ اسان جو ديس ڏسي وڃ
تنھنجي لاري بس آوڻ ۾، ڏُونگر ڏِس مهڪي پيو آ
تند وڄڻ تي تن جون تارون، بيهڪ منجھ بيانيون ڏينديون،
ھيل گذاريون گس گهاوڻ ۾، ڏُونگر ڏِس مهڪي پيو آ
يوسف کي ڀي ٻڌبو گڏجي، بارش پڻ برسي پوندي،
گيت مڌر ڪَنھَن ڳاوڻ ۾، ڏُونگر ڏس مهڪي پيو آ
هاءِ اُداسِي پٿرن جي، شاعر کي ٿي گيت لکائي،
جھرڻو جھرڻو جل جاوڻ ۾، ڏُونگر ڏِس مهڪي پيو آ.
***
غزل
ناشاد شوڪت شنباڻي
پاڻ لُڙهياسين تڪي ڪنهـن سير ۾
درد ڪـــيڏو هـــو لکيـــل تحـرير ۾
جا گُهلي سانجھي سويرو گهر مٿان
سـار هــئي تنهنجــي سهيڙيل هير ۾
جيئن ٿياسين ڌار بلڪل بــي سبب
ائيــن لکيــل پنهنجــي هيو تقدير ۾
خواب هـــڪڙو ٿي ويــو اڳ دربدر
ڪيــن پهتــو هــو اڃـــان تعــبير ۾
تو ته مرڪيو پئي وڇوڙي جي مهل
لـڙڪ منهنجــا ئــي هــئا تصـــوير ۾
ڪــين آزادي ڪــٿي مون کـي ملـي
اڄ بــه آهــيان غــم سـندي زنجير ۾
***

