آمريڪا ۽ اسرائيل غزه تي حملن ۾ روز 4 ڪلاڪن جو وقفو ڪرڻ تي اتفاق
اسرائيل غزه تي حملن ۾ روز 4 ڪلاڪن جو وقفو ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، آمريڪي صدارتي آفيس وائيٽ هائوس جي پڌرائي موجب اسرائيل خاطري ڪرائي آهي ته اڄ کان غزه تي حملن ۾ 4 ڪلاڪن جو وقفو ڪيو ويندو. وقفي دوران غزه جي متاثرين ۽ زخمين تائين عالمي ادارن جي امداد پهچائي ويندي، آمريڪي صدر جو بائڊن چيو آهي ته اسرائيل جو اهو قدم درست رخ ۾ آهي. آمريڪا علائقي جي متاثرن تائين امداد پهچائڻ جي حمايت جاري رکندو. ان کان اڳ اسرائيلي فوج پاران به چيو ويو ته غزه جي شهرين تائين امداد جي رسائي لاءِ حملن ۾ وقفا ڪيا پيا وڃن، پر ڪا به فائربندي نه ڪئي ويندي. غزه تي اسرائيل جي بمباري ۽ حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ وڌي 10 هزار 800 ٿي ويو، غزه جي صحت واري کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ 4 هزار 400 ٻارڙا به شامل آهن.

